• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي کي ڀيٽا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد بخاري جي شاعري

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
سنڌ جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي بابت استاد بخاري ڪجهه بيت

چونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رسول بخش جوڻيجو


شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا استاد بخاري جي بيتن سان

لال لطيف جي ڳالهه هلي پئي، يارن ۾ اغيارن ۾،
بيٺڪ بيٺڪ ، محفل محفل، اوطاقن، اوتارن ۾ ،
سنڌ ڪوي جي سچي ساراهه، چمڪي چنڊ ستارن ۾،
گلشن گلشن، صحرا ، صحرا، دريائن ۾ ، ڪهسارن ۾۔

شاعري جي آسمانن جا آفتاب،
تنهنجا روشن شعر، ذهني انقلاب،
ذات توڙي ڏات توڙي لات ۾،
شاهه شهنشاهه آهين لاجواب۔

اجرڪ اجرڪ ، پٽڪو پٽڪو،
هر هڪ هوشو، هر هڪ دودو،
سنڌي جذبو، سنڌي جلوو،
تنهنجو روضو، سنڌ جو ڪعبو

اترادي، لاڙيچو آهين،
ٿاريلو ، ڪاڇيلو آهين،
ڇڏ احساس اڪيلائي جو
لال لطيف جو ميلو آهين

چون ٿا تون شعر جو شاهه آهين،
گهڻن جي نظر ۾ شهنشاهه آهين،
شهنشاهه ۽ شاهه ڪا چيز ناهن،
سيد تون سنڌ جو ساهه ، ويساهه آهين

ڪالهه رات وطن لئه دعائون پئي گهريائين،
اڄ رات سڄي سنڌ تي چوئنڪي پئي ڏنائين،
تنهن ڏينهن رڳو ڪانهن جو ڪلڪون پئي گهڙيائين،
اڄ صبح ڏٺومانس ، ڪهاڙيون پئي ٺپائين۔
استاد بخاري
 
استاد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۔۔۔ عظيم شاعر ۽ صوفي شاهه لطيف کي سهڻي ڀيٽا

1503215_10202511685971624_291824011_n.jpg
 
Back
Top