هڪ تازي تحقيق ۾ هي ڳالھ سامهون آئي آهي، ته گهڻو کير پيئڻ نوبل انعام حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. تحقيق جي دؤران 22 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيم فوڊ ائنڊ ايگريڪلچرل آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو ويو، جنهن مطابق سوئيڊن جتي سڀ کان وڌيڪ کير استعمال ڪيو ويندو آهي، اتي ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙن جو تعداد به گھڻو آهي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي سوئيزر لينڊ آهي جتي في شهري 300 ڪلو کير ساليانو استعمال ڪندو آهي جڏهن ته انهن ملڪن جي مقابلي ۾ چين اهڙو ملڪ آهي جتي في شهري ساليانو صرف 25 ڪلو کير پيئندو آهي ۽ اتي نوبل انعام حاصل ڪرڻ وارن جو تعداد پڻ گھٽ آهي. گذريل سال هڪ تحقيق ۾ دعوى ڪئي ويئي هئي ته چاڪليٽ جي گھڻي استعمال ۽ نوبل انعام جي حصول ۾ ڳانڍاپو موجود آهي ۽ هاڻي ان نئين تحقيق ۾ هيءَ ڳالھ واضح ڪئي وئي آهي، ته اصل ۾ چاڪليٽ جي تياري ۾ به کير استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ائين حقيقت ۾ چاڪليٽ نه پر کير ۽ کير مان تيار ڪيو ويندڙ ٻيون مصنوعات نوبل انعام حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. واضح رهي، ته کير ۾ وٽامن ڊي جو گھڻو مقدار ذهني صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. “نوبل انعام” نوبل انعام طب، علمِ ڪيميا، علمِ طبعيات، ادب، امن ۽ معاشيات جي شعبن ۾ غير معمولي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڏاهن کي بين الاقوامي طور تي هر سال ڊسمبر مهيني جي 10 تاريخ يعني الفريڊ نوبل جي ورسي جي موقعي تي ڏنو ويندو آهي. هي انعام پهريون ڀيرو 1901ع ۾ ڏنو ويو. ياد رهي ته پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام 1979ع ۾ فزڪس جو نوبل انعام کڻي پهريون پاڪستان جو پهريون نوبل انعام يافت ڏاهو بڻيو.