حر تحريڪ جو پسِ منظر

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2013۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    حافظ محمد ياسين سمون/ ڍورو نارو


    پهرين حر ڇاپا مار جنگ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي هئي. تن ڏينهن ۾ هن ويڙه جو مهندار بچو بادشاه هو. هن ڊگھي ويڙه کان پوءِپنهنجي گرفتاري پيش ڪئي هئي. جان ڪورٽ ڪيري پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي، ته هن ۽ سندس نائب عيسى لاءِ موت جي سزا جو فيصلو ڪيو ويو هو. بعد ۾ کين سانگھڙ ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. جيڪو سندن ڪيل ڪارواين جو مرڪز هو. افسوس جي ڳالھ آهي جو انتظاميه هنن جي لاشن کي ڳجھو دفن ڪري ڇڏيو هو. سر ائڊمنڊ ڪاڪس بارٽ انهيءَ زماني ۾ شڪارپور جو ايس پي هو جنهن کي پوءِ حيدرآباد جو ايس پي مقرر ڪيو ويو هو ۽ آخرڪار هو سنڌ جو پهريون ڊي آءِ جي پوليس به مقرر ٿيو. هن ”پوليس ائنڊ ڪرائيم ان انڊيا“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو هو جيڪو 1910ع ۾ شايع ٿيو هو. مذڪورھ ڪتاب ۾ هن تسليم ڪيو آهي، ته جيڪڏهن هنن ٻنهي ماڻهن جون قبرون جوڙيون وڃن ها، ته اهو ماڳ حرن لاءِ هڪ زيارت گاه بڻجي پوي ها.

    سيد شاه مردان شاه اول ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ جن 1921ع ۾ وفات ڪئي. جيڪو هن سلسلي جو پنجون پاڳارو هو. ان کان پوءِ سندس فرزند سيد صبغة الله شاه ثاني ”سورهيه بادشاه“ رحمة الله عليه ڇهين پيرپاڳاري جي حيثيت ۾ گادي تي ويٺو، جنهن جي ان وقت عمر فقط ٻارنهن ورهيه هئي. 1920ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ سيد صبغة الله شاه ۽ انتظاميه وچ ۾ ويڇا وڌي ويا. پيرصاحب پاڳارو نهايت بهادر ۽ ارڏو انسان هو. تنهن ڪري هن ۽ انتظاميه وچ ۾ موجود تعلقات نهايت خراب ٿي چڪا هئا. پيٽرمين جهڙن نـقادن پڻ حقيقت قبول ڪئي آهي، ته سيد صبغة الله شاه رحمة الله عليه جي شخصيت ۾ هڪ وقار ۽ شان هو جو حر تحريڪ سندن حڪم تي اکيون ٻوٽي سر ترين تي رکي عمل ڪندا هئا. ڪمشنر هن جي بندوقن جا ليسن رد ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو. ان کان پوءِ 1930ع ۾ بنا لائيسنس هٿيار رکڻ جي ڏوه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو.ان کان سواءِ مٿس اغوا ۽ قتل جا الزام به مڙهيا ويا هئا. 28 آگسٽ 1930ع تي سکر جي سٽي مئجسٽريٽ مسٽر اڌارام انڊين پينل ڪوڊ جي فقري 344 ۽ 346 هيٺ ۽ آرمس ايڪٽ جي ڏوه ۾ ابراهيم نالي ڇوڪري کي صندوق ۾ بند رکڻ جي الزام ۽ بيشمار هٿيارن ۽ بارود رکڻ جي ڏوه ۾ کيس اٺن (8) سالن جي سزا ٻڌائي هئي پر مٿس قتل وارو الزام ثابت ٿي ڪونه سگھيو هو.

    ان کان پوءِ پيرصاحب کي رتناگري جيل ۾ رکيو ويو هو. هن ڪجھ وقت مدنا پور ۽ علي پور جي جيلن ۾ پڻ گذاريو هو.

    8 مئي 1942ع تي سنڌ جي ڪمشنر جي گھرو کاتي ڪراچي طرفان پيرصاحب جي اهل و عيال خلاف حڪم جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پيرسائين جن جا پاڪ ٻه فرزند سڪندر علي شاه ۽ نادر علي شاه ۽ پيرصاحب جون ٻه ڀينرون سندس خاص ٻانهي ۽ گھر جون چار نوڪرياڻيون شامل هيون. حڪم نامي تي سي بي سي ڪلي جي صحيح هئي جيڪو ان وقت سنڌ سرڪار جو چيف سيڪريٽري هو. ليٽر جا لفظ هن ريت آهن.

    ”ڊفينس آف انڊيا جي قانوني ضابطي 26 جي شق (ڊي) جي ماتحت فقري (1) هيٺ مليل اختيارين مطابق هنن کي عوامي امن امان جو دشمن سمجھندي مان کين واءِ ايم سي اي سامهون مير خدابخش جي بندر روڊ واري بنگلي ۾ ٻئي حڪم جاري ٿيڻ تائين نظربند ڪيان ٿو.“

    اهو دنيا جي ٻي عظيم جنگ وارو زمانو هو. ڪراچيءَ کان لاهور ۽ اتان کان اتر اولهه هندستان ڏانهن ويندڙ مکيه ريلوي حد ايراضين مان گذرندي هئي. ان وقت جي سامراجي حڪومت اهو ڪو نه پي چاهيو، ته ريلوي پٽڙيءَ جي ويجھو ڪي اهڙيون وڳوڙي حالتون موجود هجن. ڇاڪاڻ ته هن وسيلي فوجي سامان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن روانو ٿي رهيو آهي. سندن نقطئه نظر کان اهڙيون ڪاروايون ڪري جنگي مقصدن کي هاڃو رسي ها. ليفٽينينٽ مولسورٽ حر گوريلا ويڙهاڪن واري علائقي ۾ ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. اپريل 1942ع ۾ اعلان ڪيائين ته حرن ڊڄي ريلوي پٽڙيءَ يا ان جي اوسي پاسي پنهنجون ڇاپا مار ڪاروايون ڍريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسٽيشن جي اٽالي سان ڪابه ڏاڍائي ڪونه ٿاڪن. مئي مهيني ۾ هنن 7-UP لاهور ميل کي اڏيرو لعل ۽ ٽنڊي آدم جي وچ تي ڪيرائي وڌو. بيرج جو جي عنوان سان 1967ع ۾ هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن مذڪورھ واقعي جو ڪجھ تفصيل بيان ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو، ته ان وقت جي سنڌ جي وزيرِ داخله سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ مسٽر منور ان ريل حادثي دوران قتل ڪيو ويو هو. 18 مئي 1942ع جي ”بامبي ڪرانيڪل“ جي خبر آهي، ته روينيو جي وزير مسٽر وزيراڻي ريل جي گاڏي جي برٿ هيٺان لڪي پاڻ بچايو هو. سول ائنڊ ملٽري گريٽ جو بيان آهي، ته اهڙو خطرناڪ واقعو سنڌ ۾ اڳي ڪڏهن به رونما ڪونه ٿيو هو ۽ ان واقعي جو سنئون سڌو الزام ڇاپا مار حرن تي هنيو ويو. هن واقعي بابت اليسٽرر مئڪيث جو بيان به آهي جيڪو هن کان اڳ فرنٽيئر ڪنسٽيبلري جو اعلى عملدار هو. هن پنهنجي يادگيرين ۾ مذڪورھ حادثي جا پڻ تفصيل ڏنا آهن. سندس بيان آهي، ته هن ريل حادثي ۾ 24 مسافر مري ويا هئا جڏهن ته 32 مسافرن کي حرن ڪهاڙين سان قتل ڪري ڇڏيو هو.

    پيرصاحب سزا ڪاٽي آڪٽوبر 1936ع ۾ سنڌ موٽي آيو هو. جنهن ۾ حڪومت ڪجھ رعايت به ڪئي هئي. هو هڪ فاتح جي حيثيت ۾ اسپيشل ريل گاڏي وسيلي سنڌ آيو هو. جنهن جو بندوبست حرن ڪيو هو. ڊاڪٽر ايس ايف ڊي انصاري جي ڪتاب 1843ع صوفي سئنٽس آف سنڌ ائنڊ اسٽيٽ پاور 1947ع ۽ دي پيرس آف سنڌ 1937ع مطابق سرڪاري انتظاميه ٻڌايو هو، ته پيرصاحب حرن کي پنهنجي خانگي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ان کان سواءِ جھيڙي فساد جي نبيري واسطي پنهنجون ڪورٽون قائم ڪري ورتيون آهن ۽ ماڻهن کي چيو ويو آهي، ته اهڙي قسم جو فرياد پوليس ٿاڻي بدران قائم ڪيل ڪورٽن جي سربراهن وٽ درج ڪرائين. 1941ع ۾ پيرصاحب کي سرڪار ڪراچي سڏايو ۽ کيس ڪراچي رهڻ لاءِ زور ڀريو پر اتي ٿورو وقت رهڻ کان پوءِ پيرجوڳوٺ هليو آيو. کيس موٽائي وري ڪراچي آندو ويو ۽ هن کي ڊفينس آف انڊيا جي قانون تحت نوٽيس به ڏنو ويو ان کان سواءِ هن کي پوليس نگراني هيٺ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. سرڪار جي اهڙن قدمن جي نتيجي ۾ خيرپور نوابشاه ٿرپارڪر ضلعن ۾ تخريبڪاري ڪئي وئي. سرڪاري ملڪيتن کي ساڙي رک ڪيو ويو ۽ ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. سرڪار جي سختي ڪرڻ کان پوءِ حرن به پنهنجي ڇاپامار ڪارواين ۾ وڌيڪ تيزي آڻي ڇڏي. پوليس ۽ مئجسٽريٽن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ هن حر تحريڪ کي مسلح بغاوت جو نالو ڏيئي بيٺڪي جبر ۽ تشدد شروع ڪري ڏنو. مجموعي طور تي حالتون وڳوڙي هيون. قانون جي حڪمراني ۽ امن امان نالي ماتر موجود هو. متاثر علائقن جي پوليس عملدارن جو حال ان وقت جي ايس پي اسپيشل ڊيوٽي سانگھڙ الهبچائي خان جي خط مان به معلوم ٿي وڃي ٿو جيڪو هن تاريز 4 اپريل 1942ع تي لکيو هو. هن ايس پي ٿرپارڪر ڏانهن خط لکيو هو، ته سرڪار طرفان پير صاحب جي اهل عيال کي وٺي وڃڻ ۽ گڙنگ بنگلي تي بم اڇلائي ناس ڪرڻ کان پوءِ حرن سر ترين تي رکي ڇاپامار ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. حر تحريڪ دشمنن جو قتلِ عام ۽ سرڪاري جڳهيون ساڙي رک ڪرڻ جون ڪاروايون چوٽ چڙهي ويون آهن. سانگھڙ حر تحريڪ جو مرڪزي علائقو آهي جيڪو هميشه حرن جي حملن جي خطري ۾ آهي. هو هن ڳالھ تي وڌيڪ زور ڏيئي ٻڌائي ٿو، ته وٽس ايتري پوليس ڪانه آهي جو شهر جي چڱي طرح ناڪابندي ڪري سگهجي، نه وري سانگھڙ ۾ فوجي ڪئمپ آهي. هن شهر ۾ پنجاب پوليس جون فقط ٻه پلاٽون موجود آهن جيڪي پڻ منهنجي ضابطي هيٺ ڪونه رکيون ويون آهن. کيس وڌيڪ چوي ٿو، ته حرن خلاف صحيح نموني سان ڪم ڪرڻ لاءِ سانگھڙ واري ٿاڻي تي پوليس جو وڌيڪ تعداد مقرر ڪيو وڃي.

    اهڙين حالتن ۾ حرن به رڻ ٻاري ڏنو. انگريزن جي فوج سان اهڙي ته دليري ۽ جوان مرديءَ سان وڙهيا جو انگريزن جي هيڏي وڏي طاقت کي لوڏي ڇڏيائون. وڙهندي وڙهندي هڪ هڪ ماڻهو انگريزي فوج جا سوين ماڻهو ماري ويندو هو. بارود کپي ويندو هو تڏهن سکڻين هٿين به وڙهندو رهندو هو. وڙهندي وڙهندي مري ويندو هو. پر هٿيار ڦٽا ڪري آڻ نه مڃيندا هئا. ڪي اهڙا به جوان هئا جو اڪيلي سر وڙهندا رهيا بارود ختم ٿي وين بدن زخمن سان چور ٿي وين پر جيئري پاڻ کي پڪڙڻ نه ڏنائون هڪ انگريز سپاهي هڪ ويڙه جو واقعو بيان ڪندي ڄاڻايو آهي، ته هڪ جوان جو بدن پرڻ جيان زخمي ٿي چڪو هو ۽ بارود کپي ويو هوس تڏهن به خالي بندوق سان وڙهڻ لاءِ ڀيڄ پاڳارھ جو نعرو هڻندو اسان طرف وڌي رهيو هو. اسان کي حڪم ٿيو ته کيس جيئرو پڪڙيو پر وڏي ڪوشش بعد اسان ان جوان کي جيئرو پڪڙي نه سگهياسون اهڙي طرح ڪيئي سورهيه سر ڏيئي سرها ٿيا ۽ هن سرزمين تي سورهيائي ۽ سرفروشيءَ جا اڻ مٽ نقش چٽي ويا دنيا جا لاها چاڙها ڪڏهن به مٽائي ۽ ميساري نٿا سگھن.

    اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان سواءِ حضرت پيرصاحب جي حرن جي خلاف پروپئگنڊا جي مهم به تيز ڪئي ويئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي غلط تاثر ڏنو ويو. نه فقط ايترو پر انگريز جي ظلم ۽ جبر کي ڏسي، سنڌ جي وڏيرن ۽ سياسي رهنمائن احتجاج طور ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. ههڙيون عقوبتون ۽ ڪيس ڪلور ٿي رهيا پر سنڌ جي سياسي ماڻهن کان سر ليڪ ئي نه نڪتي. اهڙي بي حسي جو مٿال دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي جو پنهنجي وطن جا ماڻهو گجرن ۽ مورين وانگر ڪٽبا رهن پر ان جو ڪوبه ردِ عمل ظهر نه ٿئي، نه فقط ايترو پر سنڌ جي ئي وڏيرن حضرت پيرسائين سردار جي خلاف ڪوڙيون شاهديون ڏنيون.

    آخر 20 مارچ 1943 تي اٺين بجي هي جوڌو جوان سنڌ جو سداحيات سورهيه سر ڏيئي سرهو ٿيو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    مون کي اِن ڳالهه هميشه ڏُکايو آهي ته آخر اِها ڳالهه اُن وقت، جڏهن هِن ڌرتي جا ڪونڌر بي يارو مددگار شهيد ڪيا ٿي ويا، اُن وقت اُنهن ماڻهن کي اِها ڳالهه ڇو نه ياد آئي ته سنڌ صدين کان هِڪ مُلڪ رهندي پئي آهي!

    جيڪڏهن اِهو چوَجي ته اُن وقت اِها ڳالهه يا اهڙو سياسي منظرنامون نه هو، ته اِن جهڙو ٻيو ڪو ڪُوڙ ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي جا هِي بهادر اِنسان اُن وقت انگريزن جي غلامي جي خلاف سنڌ جي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا۔ هيڏي وڏي جدوجهد به اُنهن کي اِها ڳالهه ياد نه ڏياري سگھي ته سنڌ صدين کان هِڪ مُلڪ رهندو پئي آيو آهي!

    سنڌ جا اِهي سچا سپوت جيڪي دُشمنن جي ڏاڍ جي ڪري پنهنجا سِر ترين تي رکي قُربان ڪري رهيا هُئا، اُن وقت سنڌ جي ”سڄڻن“ کي ڪُجھ به ياد نه آيو، جڏهن پاڪستان اڃان وجود ۾ نه آيو هو، تڏهن سنڌ هِڪ مُلڪ ٿي پئي سگھيو۔ افسوس آهي، اُنهن ماڻهن جي سوچ تي جيڪي اڄ ڪوڙ مٿي ڪوڙ ڳالهائي پنهنجو عظيم غلطين کي لڪائڻ لاءِ جي ڪوشش ڪندا آهن۔

    آئون حُر ته ناهيان پر سچ پُڇو هِن عظيم رهبر کي مُنهنجو سَلام آهي، ۽ اُنهن ٺڳن تي مون کي ڪاوڙ آهي جيڪي ڪوڙ ڳالهائي پنهنجا عظيم گُناه لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو