• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمران ا حمد چنا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Imran Ahmed
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Imran Ahmed

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا پيارا دوستو اسلام عليڪم
منهنجو نالو عمران ا حمد چنا آهي پيدا ئش سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف
ضلعي دادو ۾ ٿي۔
ادا سائين فارغ وقت ۾ سنڌي ادب، اسلامي ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهندو آهيان۔
دوستو مصروفيتن هجڻ ڪري آچر واري ڏينهن ٽائيم ملندو آهي انٽرنيٽ جو ڦيرو ڀريندو آهيان۔بحرحال محترم دوستو ڳالهه ڪبي حق ۽ سچ جي جڏهن مان سنڌ سلامت فورم کي ڏٺو پهرين ته يقين نه پئي آيو ته اسان جي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾ اهڙا به ڪي سنڌي ان لائن فورم موجود آهن۔ ادا سائين مونکي تمام گهڻي ڳالهه وڻي منهنجي خوشي جي انتها نه رهي سنڌ سلامت تمام بهترين ۽ معلوماتي فورم آهي۔ مان اُنهن سڀني دوستن کي دلي طور مبارڪون ٿو ڏيان جن جي محنت ۽ ڪاوشن سان هي فورم پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ انشاالله زندگي رهي ته ساٿ نڀائبو۔ الله سائين مٺڙي سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم کي شال سدا آباد رکي۔ وڏي مهرباني

sindhsalamatsaathsal جئي سنڌو ديش
 
جواب: عمران ا حمد چنا

وعليڪم السلام ادا عمران چنا۔۔۔ توهان کي سنڌ سلامت جي سنگت ۾ ڀليڪار چئون ٿا۔۔
سائين هي فورم ٺهيو ئي ان ڪري آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دوستن کي گڏ ڪجي ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۾ فورم هجڻ سبب ڪيترن ئي سنڌين کي (جيڪي پرديس ۾ آهن) اهو وسري ويندو آهي ته شايد اسان پرديس ۾ آهيون۔۔۔ هي فورم انشاءَ الله توهان جهڙن دوستن جي علمي ڳالهين ۽ شيئرنگس سان پنهنجي منزل ضرور حاصل ڪندو۔۔
 
جواب: عمران ا حمد چنا

ادا اوهان جي مهرباني جو اوهان اسان کي ڀليڪار ڪيو ... اوهان جا لک قرب۔
 
جواب: عمران ا حمد چنا

دوست عمران چنا صاحب
حق موجود؛
ادا سائين ڀلي ڪري آيا، جي آيا،
سڄڻ آيا ڀلي آيا ، سهڻن جو سلامي ٿيان

چنا صاحب لڳي ٿو ته اوهين ۽ ادو امان الله قريشي صاحب پاڻ ۾ گهاٽا يار آهيو، ادي قريشي صاحب پڻ ساڳين ئي لفظن ۾ پنهنجو تعرف ڪرايو ۽ اوهين به ،،، مطلب ته ٻه جسم هڪ زبان ۔۔۔ مون جڏهن اوهانجو تعرف پڙهيو ته ڀلجي ويس ته شايد قريشي صاحب جو تعرف وري پيو پڙهان پر پوءِ خبر پئي ته نه هي دوست ٻه آهن پر هڪ زبان آهن ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۔۔۔ اوهانجو ساٿ، اسانجي خوشقسمتي چئبي ۽ ڀلا ڀاڳ چئبا هن فورم جا جنهن تي اوهان جهڙا سنڌي دوست پنهنجو ميلو لڳائي، پنهنجون ڪاوشون پيش ڪري، هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪن پيا ۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته اوهانجي موجودگي هن سنڌ دوست فورم کي چار چنڊ لڳائيندي ۔۔۔
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: عمران ا حمد چنا

ادا نثار صا حب اوهان جي تمام گهڻي مهرباني جو اوهان اسان کي ڀليڪار ڪيو۔
سدا موجود۔
bhali kareaya
 
جواب: عمران ا حمد چنا

سنڌ سلامت جا پيارا دوستو اسلام عليڪم
منهنجو نالو عمران ا حمد چنا آهي پيدا ئش سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف
ضلعي دادو ۾ ٿي۔
ادا سائين فارغ وقت ۾ سنڌي ادب، اسلامي ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهندو آهيان۔
دوستو مصروفيتن هجڻ ڪري آچر واري ڏينهن ٽائيم ملندو آهي انٽرنيٽ جو ڦيرو ڀريندو آهيان۔بحرحال محترم دوستو ڳالهه ڪبي حق ۽ سچ جي جڏهن مان سنڌ سلامت فورم کي ڏٺو پهرين ته يقين نه پئي آيو ته اسان جي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾ اهڙا به ڪي سنڌي ان لائن فورم موجود آهن۔ ادا سائين مونکي تمام گهڻي ڳالهه وڻي منهنجي خوشي جي انتها نه رهي سنڌ سلامت تمام بهترين ۽ معلوماتي فورم آهي۔ مان اُنهن سڀني دوستن کي دلي طور مبارڪون ٿو ڏيان جن جي محنت ۽ ڪاوشن سان هي فورم پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ انشاالله زندگي رهي ته ساٿ نڀائبو۔ الله سائين مٺڙي سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم کي شال سدا آباد رکي۔ وڏي مهرباني


sindhsalamatsaathsal جئي سنڌو ديش


سائين عمران احمد چنا صاحب اوهان کي منهنجي طرفان به ڀليڪار ۔ ادا ناراض نه ٿِجو هڪ ننڊڙو عرض ڪندس اوهان پنهنجي تعارف ۾ جيڪڏهن پنهنجي تخليقي دماغ مان ڪي بي بها موتي سنگت سان ونڊ ڪيو هان ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي هان۔ اميد منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪندا۔
سدا آباد هجو۔
 
جواب: عمران ا حمد چنا

محترم سائين عمران احمد چنه صاحب
اوهان کي سنڌ سلامت جي محبتي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو.
سائين اوهان کي سنڌ سلامت فورم سٺو لڳو اوهان جي وڏي مهرباني اميد ته هن سهڻي ساٿ ۾ رهي ڪري نواڻ آڻيندا اوهان جي نِڪور لکڻين جو انتظار رهندو۔ سدا آباد ھجو۔ پيشِ خدمت آهن اوهان لاءِ ڪجهه گلن جا تحفه اميد ته قبول ڪندا۔۔۔۔۔!!

welcome01.gif


73941297.gif


75757907.jpg


image5.gif


welcome19.gif


سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: عمران ا حمد چنا

محترم سائين عبدالستار چنا صاحب
ادا وهان جي مهرباني جو اوهان هن محبت جي ميڙاڪي ۾ اسان کي ڀليڪار ڪيو
خير دوست اسان کي توهان جي هر لکڻي، هر مفيد مشوري جو انتهائي بي صبري ءَ سان انتظار رهندو۔
جو مون پڙهيو پاڻ لاءِ، سبق سابق جو،
پهرين سڃاتم پانهنجي، نفس جو نِهو،
جت عرفان اصل ۾، ٿي روحن روز ڪيو،
وري ورق پيو، گڏيم وڍ وصال جو. (شاهه رح )
 
Back
Top