دنيا جي حقيقت

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2013۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    مولانا روميءَ کان شخص دنيا جي حقيقت پڇي.

    پاڻ فرمايائون، دنيا جو مثال اهڙي ريت آهي. جو هڪ شخص گهري جهنگل ۾ هليو ويو آهي اهو شخص جهنگل ۾ ڏسي رهيو آهي ته پويان شينهن اچي رهيو آهي جيئن ان شخص جي نظر ان شينهن تي پوي ٿي ته ساه جي خوف کان جان بچائي ڀڄي ٿو. ڀڄي ڀڄي جڏهن ٿڪجي پيو ته ڏٺائين ته سامهون کان ڪا شيءِ نظر اچي رهي آهي، ڏٺائين ته اها کڏ آهي. اهو سوچائين ته انهيءَ کڏ ۾ لهي پنهنجي جان بچائجي جيئن هو انهيءَ کڏ جي طرف وڃي ٿو ته انهيءَ کڏ ۾ وڏو ڪارو نانگ ويٺو آهي. هاڻي وري انهيءَ نانگ جو خوف دل ۾ ڌڙڪي رهيو آهي ۽ دماغ جاءِ تي نٿس. ايتري ۾ هڪ وڻ جي تاريءَ تي نظر پئجي ويس. انهيءَ کي پڪڙي چڙهي ويو مگر چڙهڻ کان پوءِ هيٺ نظر ڪيائين ته وڻ جي پاڙ ۾ ٻه ڪوئا نظر آيس هڪ سفيد ۽ هڪ ڪارو اهي ڪوئا وڻ جي پاڙ کي ٽڪي، ڪاٽي رهيا آهن تمام ، گهڻو پريشان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي ٿوري وقت ۾ وڻ جي پاڙ ڪٽجي ويندي ۽ مان هيٺ ڪري پوندس ۽ شينهن ۽ نانگ جو گره بڻجي ويندس، انهيءَ دوران انجي مٿي نظر پوي ٿي. هي ڏسي ٿو ته ماکي ڦر سوڌي ويٺي آهي اهو شخص انهيءَ ماکيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوڏانهن فري ونڃي ٿو ۽ ماکي کائڻ ۾ ايترو مشغول ٿي وڃي ٿو جو نه ان کي نه ڪنهن شينهن جو ۽ نه ڪنهن نانگ جو خوف رهيو ۽ نه وري ٻن ڪوئن جو غم رهيو ته ڪو هي ڪوئا وڻ کي ڪيري وجهندا.

    ايتري ۾ وڻ جون پاڙان ڪٽجي ويون ۽ وڻ ڪري پيو. وڻ جي ڪرڻ سبب، شينهن ان شخص تي حملو ڪري، چيري ڦاڙي کڏ ۾ اڇلي ڇڏيو، ۽ اهو شخص وڃي نانگ جي منهن ۾ وڃي ٿو.

    هن قصي جي اندر جهنگل مان مراد دنيا آهي.

    شينهن مان مراد، موت جيڪو پويان اچي ٿو. کڏ قبر آهي جو شينهن يعني موت جي اچڻ کان اڳ تيار ٿيل آهي. نانگ بڇڙا عمل آهن جو قبر ۾ دسيندا. سفيد ۽ ڪارن ڪوئن مان مراد ڏينهن ۽ رات آهي، جو عمر گذرندي ٿي وڃي، وڻ مان مراد عمر آهي ۽ ماکيءَ مان مراد فاني دنيا آهي. جيڪا غافل ڪري لذتن ۽ خواهشن ۾ مشغول ڪري ٿي، پنهنجا سهڻا رنگ ڏيکاري مائل ڪري ٿي. دنيا ايترو ته مائل ڪري ٿي جو هڪ دفعو دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ دل موٽڻ لاءِ وري ئي ڪونه ٿي، هر شيءِ وسري وڃي ٿي. ۽ انسان دنيا جي فڪر ۾ موت ۽ بڇڙن عملن جو جواب ڪجهه ڏيڻ وغيره سڀ وساري وڃي ٿو ۽ اوچتو موت اچي وڃي ٿو. پر اتي (قبر ۽قيامت) ۾ ڪا شيءِ ڪم نه ايندس. هن مختصر زندگيءَ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسانکي گهرجي ته پنج وقت نماز پڙهون، روزا رکون ۽ روزانو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريون. سڀني سان سٺو سلوڪ ڪريون، ڪنهنجي دل نه ڏکايون، سڀني لاءِ سٺي سوچ رکون پنهنجي زندگي الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول مقبول محمّد مصطفيٰ جي تعبداريءَ ۾ گذاريون ته جينئن هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ قبر ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. آمين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ اسانکي مٿين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو