عبدالباسط هنڱورو حضرت سومر فقير ولد موسى هنڱورو 1316 هجري بمطابق 1894ع ڌاري ونجھيري لڳ سعيدآباد تعلقي هالا ۾ ڄائو. سندس وڏڙا حضرت وير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي (قدسنا الله بسره الاقدس) جا مريد هئا. ڳوٺ ۾ ڪا خاص زمينداري ڪنهنجي ڪانه هئي. پوکي راهي ڪندا هئا. تڏهن به علائقي ۾ سٺو اثر رسوخ رکندا هئا. شرافت، امانت ۽ دينداريءَ ۾ مشهور هئا، خاص ڪري فقير صاحب محمد موسى فقير وڏو مهمان نواز ۽ سخي مرد هوندو هو جماعت، فقير فقراءِ ۽ آئي وئي کان ڪڏهن به سندس اوطاق خالي نه هوندي هئي. کيس ٽي پٽ هئا ابراهيم فقير، سومر فقير ۽ اميد علي فقير. ابراهيم فقير سڀني ۾ وڏو، سومر فقير وچون ۽ اميد علي ننڍو هو پر والد صاحب جو پيار ۽ راز وري سومر فقير تي گھڻو هوندو هو. مهمان، مسافر ۽ جماعت جي خدمت به فقير صاحب جي ذمي هوندي هئي، تنهنڪري درويش جي دعا جو ڀاڱو هن ڏانهن سرس رهيو. فقير صاحب ۾ سلڇڻو، سليقي وارو، فقيرن، الله وارن جو ادب ۽ احترام ۽ خدمت دل و جان سان ڪندو هو. ان زماني ۾ صحبتون تمام سٺيون هونديون هيون. ڪو مهمان ايندو هو ته رات جو سڀ ماڻهو اچي ان سان ملندا هئا ۽ پوءِ ڄڻ ته هڪ محفل شروع ٿي ويندي هئي. الله جو ذڪر، مولود شريف *۽ الله جي پيارن جا واقعا، انهن جي عبادتن، رياضتن، حق جي ڳولا ۾ تن جي مجاهدن ۽ ڪشالن جون اهڙيون ”ته پر اثر ۽ مٺيون ڳالهيون ٿينديون هيون جو هر ڪنهن جي دل ۾ ايمان جو روح ڀرجي ويندو هو. فقير محمد موسى جي اوطاق ته اهڙن صحبتن جو مرڪز هوندي هئي جتي هر وقت اهڙن سالڪن، درويشن جي گودڙين مان اهڙا املهه ماڻڪ پيا ملندا هئا. فقير صاحب به خدمت گذاريءَ ۾ پورو پورو حق ادا ڪيو. نيڪي ۽ نصيحت ڀرين نقطن کي هنڍائي رکيائين ۽ پوءِ ته دل واري فرحي تي اهي سبق اهڙا ته اڪري ويس جو وري ڪنهن دنياوي طلب يا نفساني گھرج لاءِ سندس اندر ۾ ڪا جاءِ ڪانه رهي. جيتوڻيڪ فقير صاحب ظاهري طرح ڪو خاص گھڻو پڙهيو ڪونه هو. قرآن پاڪ ۽ پرائمري جا ٻه ٽي ڪتاب قاضي گل محمد عليه الرحمت وٽ پڙهيائين پر پوري زندگي جيڪا اخلاق حسنه جو آئينو بڻيل هئي، سا انهن صحبتن واري مدرسي جو ئي ڪمال هو. بيشڪ ماحول ۽ صحبت جو رنگ ئي انساني زندگيءَ تي پنهنجا اثرات چٽي ٿو نه ڪه اعلى تعليم، گھڻو پڙهڻ يا خانداني شان و شوڪت! شيخ سعدي ڪيڏو نه سهڻو چيو آهي: پسر نوح بلبدان بنشت ، خاندانِ نبوتش گم شد سگِ اصحاب کهف روزي چند، پئي نيکان گرفت مردم شد يعني حضرت نوح نبي سڳوري جو پٽ برن جي صحبت ۾ رهيو ته نبوت جو خاندان ئي ختم ڪيائين، اصحاب ڪهف جو ڪتو، چند ڏهاڙا رڳو نيڪ ٻانهن جي پٺ ورتائين ته انسان ٿي پيو. ونجھيري مان هجرت ڪرڻ: فقير صاحب اڃا جوانيءَ ۾ مس پير پاتو هو ته سندس زندگيءَ ۾ هڪ وڏو واقعو پيش آيو، جنهن کائونس اباڻا ڪک، اصلي ڳوٺ، راڄ ڀاڳ کان الوداع ڪرايو. هونئن به دنيا جي عظيم شخصيتن کي ڏسبو ته انهن کي به هڪ موقعي تي پنهنجو ماڳ، مڪان *۽ وطن ڇڏڻو پيو آهي. خود اسان جي نبي سردار حضور ڪريم عليه الصلواة والسلام جن به هجرت ڪئي آهي جو پاڻ مڪي پاڪ جي مشرڪن جي ظلم، ايذاءَ ۽ تڪليفن کان نبوت جي 13هين سال مديني پاڪ هجرت ڪري آيا. تهڙي ريت فقير صاحب عليه الرحمة به ان سنت کي ادا ڪري پنهنجو وطن ۽ ڳوٺ ڇڏي موجوده ڳوٺ اچي وسايو جنهن جو تفصيل ڪجھه هن ريت اچي ٿو: احمد فقير هنڱورو ۽ حاجي خدا بخش فقير هنڱورو (مرحوم) بيان ٿا ڪن ته سومر فقير کي ٻه ڀائر هئا. ابراهيم ۽ اميد علي اميد علي سڀن ۾ ننڍو ۽ تمام سهڻو پهلوان جوان هو. ڦوه جوانيءَ ۾ ڪن ماڻهن جي شرارت ۽ دشمنيءَ تي پنهنجن عزيزن هٿان قتل ٿي ويو. سومر فقير ڀاءُ جي اهڙي ناحق قتل تي سخت ڏکارو ٿي پيو ۽ ونجھيري ۾ وڌيڪ رهڻ نه ٿي چاهيائين سو اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هئائين ته الله تعالى ڪو انتظام ڪري ته هتان لڏي ڪنهن ٻي جاءِ تي هلي رهجي. شهدادپور کان اولهه طرف چئن ڪلوميٽرن تي لاکن جي ڳوٺ ويجھو ”محمود هنڱوري“ نالي ننڍڙو ڳوٺ هئو. شيخو هنڱورو ان ڳوٺ جو سٺو زميندار هو. ٻه اڍائي سؤ ايڪڙ زمين هئس. اهو ۽ صفرو هنڱورو فقير صاحب وٽ تعزيت لاءِ ونجھيري آيا. اتي شيخوءَ فقير صاحب کي پنهنجي ڳوٺ لڏي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ صفري هنڱوري الهڏني فقير کي جيڪو فقير صاحب جيڪو ماسات هو، لڏي اچڻ جي صورت ۾ پنهنجي نياڻي ڏيڻ جو به واعدو ڪيو. آخر فقير صاحب پنهنجي عزيزن، ساٿ وارن سان مشورو ڪري ٿورن ڏينهن کان پوءِ اتان لڏي مٿئين ڳوٺ ”محمود هنڱوري“ ۾ اچي ويٺا. فقير صاحب سان اتان الهڏنو فقير، احمد فقير، عبدالمجيد، آدم ۽ علي محمد هنڱورو گڏ آيا. الهڏني کي ٽي پٽ هئا: پيربخش، محمد يوسف ۽ احمد جنهن کي مُنو به چوندا هئا. صفري هنڱوري واعدي موجب پنهنجي نياڻي الهڏني جي پٽ پيربخش کي پرڻائي. فقير صاحب جي هت اچڻ کان ڪجھه وقت پوءِ ٻين جاين تان به سندن عزيز لڏي آيا ۽ اهڙي طرح هڪ وڏو ڳوٺ ٿي ويو. ان زماني ۾ اڃا بيراج ڪونه هئا، درياهه مان واهه نڪرندا هئا جن تي پوکون ٿينديون هيون. پوءِ سانوڻيءَ ۾ جڏهن پاڻي چڙهي ايندو هو ته هيٺاهين وارن علائقن ترائين ۽ ڍورن ۾ ٻوڏ اچي ويندي هئي. فقيرن جي ڳوٺ کان مٿي مارک واهه هو. جڏهن سانوڻ ۾ چڙهندو هو ته پينتلون وهي هلنديون هيون ۽ سڄو علائقو هيٺ اچي ويندو هو. فقيرن جو ڳوٺ هڪ ترائيءَ ۾هو جيڪا ڏکڻ ۾ ڪيرين جي ڳوٺ کان پوءِ واڍن کان ٿي بهادر فقير کان ٿيندي وڃي ريلوي لائن سان لڳندي هئي. پوءِ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ فقير به پنهنجا گھر ڪڏهن ڀڙي تي ته ڪڏهن واريءَ جي ويجھي ڪنهن ڀٽ تي وڃي اڏيندا هئا ۽ اهوئي سبب هو جو ڪڏهن به پڪا گھر ٺاهي نه سگھيا. ائين ڪکائن گھرن ۽ ڇپرن ۾ پيا رهندا هئا. احمد فقير هنڱوري ٻڌايو ته فقير سائين جو موجودھ ڳوٺ حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي (قدس سره) جي امر سان ٻڌو ويو آهي جنهن جي روايت هن طرح آهي ته هڪ ڀيري حضرت پير سائين ڪوٽ ڏڻي (قدس سره) جن جو سفر هو. پاڻ ڳوٺ ڪامل لغاريءَ ۾ نزول اجلال فرمايو هئائون. اتي سومر فقير ۽ ٻين فقيرن گڏجي پير سائين سردار جن جي خدمت ۾ ڪکن تي دعا لاءِ عرض گذاريو. پاڻ رحم فرمائي عرض قبول فرمايائون. فقيرن تمام مختصر ٽائيم ۾ تياري ڪري ورتي. پاڻ صرف ڏهه فقير ساڻ ڪري ان وقت رات جو خير سان تشريف فرما ٿيا. پوءِ پير سائين سردار (قدس سره) جن کانئن حال احوال ورتو. ان تي فقير سومر سائين واهه جي ٻوڏ ۽ ان جي تڪليفن جو ذڪر ڪري عرض رکيو ته حضور جن پاڻ ڳوٺ لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪري ڏين ته جيئن وري اتان ڪنهن ٻئي پاسي لڏڻو نه پوي. پاڻ فرمايائون ته سومر فقير! صبح جو توهان جو ڳوٺ ٿا ٻڌئون. پوءِ جڏهن صبح ٿيو ته پاڻ پنهنجي نقري گھوڙي (سمد) تي سوار ٿي اڳيان هليا، ته فقير پٺيان هلندا هليا. جڏهن موجوده ڳوٺ ۾ جتي عبدالحڪيم سائينءَ جو گھر آهي، ان جاءِ آيا ته اچي بيهي رهيا. گھوڙي تان لهي پنهنجي لٺ مبارڪ جنهن کي هيٺان ڪندري هئي، سا اتي کوڙي فرمايائون: فقيرؤ! توهان جو هت ڳوٺ ٿا ٻڌئون. ائين چئي دعا گھريائون. ان وقت اهو نسورو جھنگ هو. واريءَ جا دڙا، کٻڙن، لوَن جا گھاٽا وڻ جو لنگھندي به ڊپ پئي ٿيو سو اتي الهڏني فقير هنڱوري فقير سومر سائينءَ کي ٺوٺ هڻي آهسته چيو هتي ڪيئن رهي سگھبو؟ هي ته نسورو جھنگ آهي! ايتري ۾ پاڻ فقيرن ڏانهن نهاري کين فرمايو ته فقيرؤٰ! اسان ڏاڏي سائين (پير سائين روضي ڌڻي قدس سره) کي عرض ڪري ڇڏيو آهي. الله ڪندو ته هي صرف ڳوٺ نه پر هڪ شهر ٿيندو. آنانکه خاک را بنظر کيميا کنند، آيا طود که بما غريبان نظر کنند الله جا اهي پيارا ٻانها جو خاڪ تي نظر ڪن ته ڪيميا ڪري ڇڏين، خدا ڪري شال اسان غريبن تي ڪا نظر فرمائين. فقيري ۾ قدم: پوئتي ذڪر ڪري آيا آهيون ته فقير صاحب جي ننڍپڻ کان تربيت ئي اهڙي ٿي جو الله وارن، درويشن جي خدمت ۽ صحبت هن جي دل واري صاف زمين تي صرف خدا جي ياد ۽ محبت الاهيءَ جو ٻوٽو ڄمايو ۽ مٿس اهڙو ته رنگ چڙهيو هو جو سندس رڳ رڳ ۾ محبوب حقيقيءَ جي طلب *۽ تڙپ پيهي وئي هئي. هو راتين جون راتيون ويهي عبادتون ڪندو هو. جھنگن، جھرن ۽ ويرانين ۾ ويهي پنهنجي رب جي ياد ۾ مستغرق رهندو هو. اڪثر ڪري رات جو ٻاهر نڪري اڪيلائيءَ ۾ وڃي ذڪر اذڪار ڪندو هو. فقير عبدالحڪيم سائينءَ ٻڌايو ته ابتدائي ڏينهن ۾ فقير سائين ڪافي چلا ڪاٽيا. رات جو جڏهن سڀڪو پنهنجي گھرن ۾ هوندو هو ته فقير صاحب چپ چاپ نڪري ڪنهن واريءَ جي ڀٽ تي کبڙن جي جھاڙين ۾ عبادتون ۽ رياضتون پيو ڪندو هو. هڪ ڀيري پاڻ ٻڌايو هئائون ته ابا! سوڍڙن واري مسجد ۾ جنهن ۾ ڪو ماڻهو ڪڏهن لڙندو به نه هو. هڪ ڀيري ٻاجھريءَ جو ٿورو ٽڙڪيل اَنُ ساڻ ڪري ۽ پاڻيءَ جو ڪونرو کڻي وڃي اندر اعتڪاف ۾ ويٺس. ڏهه ڏينهن گذري ويا پر ڪنهن به ڳوٺ واري کي خبر ڪانه پئي. اها مسجد شريف اڄ به فقير صاحب جي ڳوٺ کان اتر روڊ جي ڀر ۾ آهي. روڊ جي ٻنهي پاسي سوڍڙن جو ڳوٺ هوندو هو جيڪو گھڻي وقت کان ويران آهي. ان جي ويراني ۽ ڦٽي وڃڻ جو سبب به غالبا فقير صاحب سان انهن جي عناد ۽ اچائڻ هو جنهن جو تفصيل حاجي خدابخش (کتابي) هنڱوري صاحب ٻڌايو هو جيڪو پنهنجي جاءِ تي ايندو. مقام ۾ عبادت: اهڙي ريت فقير صاحب (عليه الرحمة) جي اڪيلائي ۽ جھنگن ۾ رياضتن جي خبر ڪجھه هن روايت مان به ملي ٿي: محمد يوسف هنڱوري ٻڌايو ته هڪ رات فقير سائين پنهنجي ڳوٺ کان چار ڪلوميٽر کن اولهه تي محمد اسماعيل فقير پنهور جي ڳوٺ کان ڏکڻ ۾ شادمان مقام ۾ ويٺي ذڪر ڪيو. آڌي رات جو ٽائيم هو جو ٽوهه لاکو عبدالڪريم جو پيءُ پاڻيءَ جي واري تي اچي اتان لنگھيو. ان ٽائيم تي ڪنهن ويران مقام مان ذڪر جو آواز ٻڌي همراهه کي اچي ڊپ ورتو. هيڏي هوڏي وائڙو ٿي پئي ڪنايائين. ايتري ۾ فقير صاحب مقام مان نڪري سلام ڪري چيس ادا ٽوهه! ڊڄين ڇو ٿو؟ آئون سومر آهيان! جينءَ جينءِ ڀڄي رات، تينءَ تينءَ ساجَنُ ساريان، مون کي مون پرين جي تن ۾ طلب تات ٻاروچاڻي ذات، ڀينر بُکي آهيان فقير صاحب عبادتن، تياضتن ذڪر اذڪار ۾ صرف نه رهيو پر هن جھر جھنگ جاڳي الله وارن، درويشن جون صحبتون ۽ خدمتونڪري وڃي پنهنجي من جي مراد کي پهتو. ان راهه ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش آيون پر هن ڪڏهن به پوئتي قدم نه هٽايو، همت نه هاري ۽ پنهنجي طلب تان هٿ نه کنيو. ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جيون سڌون ڪري گھرِ ويٺي گھورَي، مٿان پرِينِ جندڙو فقير صاحب (عليه الرحمة) پنهنجي طلب وارن ڏهاڙن ۾ ڪيترن ئي درويشن، الله وارن سان گڏ هليو، انهن جي صحبت ۾ رهيو ۽ خدمت ڪئي.