ڊس لائڪ جي بٽڻ جو هِڪڙو فائدو ٿيندو، جيڪي ڏينهن رات اسٽيٽس جا پهاڙ ڪرائيندا آهن، اُنهن کي هِن ڳاله وسيلي خوف ضرور ٿيندو۔
ٻيا مون جهڙا ”عقل ڪل“ سمجهندڙ ماڻهو جيڪي فيسبُڪ تي ئي مُفڪر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهن، اُنهن کي خبر پوندي ته خلق توهان مان ڪيترو ”خوش“ آهي، وڏي آزاري شاعرن جي آهي جنهن جو نه لفظ لفظ سان مِلندو نه ئي وري گوڏي جيتري لکيل نظم ۾ ڪو سبق هوندو،
بس سنگت جي ڪري، يا وري ”هو مُنهنجو اسٽيٽس لائڪ ڪري ٿو، مون کي به ڪرڻ گھُرجي“ يعني قرض لاهڻ جي ڪري بس لائڪ جي بٽڻ تي ٺڪان هوندا۔
يقين ڪريو جي فيسبُڪ جي ڀِتين ۾ ساه هُجي ته مون سميت ڪنئين دوستن جا اِهي هٿ مروڙي ڀڃي ڇڏين، جو ڀتين تي ڪا به مانائتو ليک نه هوندو بس جي ڀِت صاف آهي ته ڪُجھ نه ڪُجھ لکينس۔
اسان جي ڪامريڊن جو اهڙو حال آهي جو يونيورسٽي جي هاسٽل جي ڀتين کان پوءِ ائين لڳندو آهي ته سنڌ کي فيس بُڪ جي ڀتين تي آزاد ڪرائيندا۔
ڪنهن دوست ڪافي اڳ صلاح ڏني هُئي ته فيس بُڪ ته لائڪ جي بٽڻ سان گڏ هِڪ هٿ جي چنبي واري به بٽن هُجي، اصل اهڙن ماڻهن کي چنبا هڻجن جِن فيسبُڪ کي روڊ جي پاسي کان ڪنهن ڀت جي هوبهو سمجهي جيڪو آيو سو لکيو جيان ڀري ڇڏيو آهي۔