• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا مندون هاڻ مٽجي رهيون آهن !!!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jQucTaTr5V8st.jpg

اڄ صبح جو محسوس ٿيو ته شايد سيارو اچي رهيو آهي .... ڊسمبر جي ويهين تاريخ ۽ سيء جو نالو نشان نه هجي. حيرت ته ٿي پر پوء به حيران آهيان ته مندون به هاڻي مند تي نه ٿيون اچن يا شايد مندون هاڻ مٽجي رهيون آهن. ان جا سبب ڪهڙا آهن ۽ ايئن ڇو آهي ان باري ۾ نه ته ڪنهن اخبار ۾ ڪو تحقيقي مضمون پڙهيو اٿم ۽ نه ئي وري ڪنهن ٽي وي چينل تي ڪا رپورٽ نظر مان گذري آهي ... يا شايد مان اپڊيٽ ناهيان.

سياري ۽ ٿڌ جو احساس ته اڳ ئي دوست عبدالحفيظ لغاري جي ترڪي مان شيئر ڪيل برفباري واري تصويرن مان حآصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ روز ئي ڪوٽ يا ويسٽڪوٽ پائي گهمڻ لڳس ۔۔۔نيٺ سيارو به آيو آهي۔

جڏهن اسڪول جي ويڪيشن شروع ٿي آهي ته سيء به اچڻ جي پيو ڪري، اهو به چڱو، نه ته مند نه اچڻ جو الزام به حڪومت تي لڳي ها. سياري جي موسم جي شروعات آهي ۽ آفيس جي گهڻو ڪري ڪراچي جي رهندڙ دوستن ٻاهر گهمڻ جو پروگرام رٿيو آهي ۽ شايد اڄ شام نڪري پئون. حيدرآباد کان ٿيندا هالا ۽ شايد ٽنڊي آدم به وڃون.

لطيف جي حاضري جي سڪ به آهي پر جي رش هوندي ته پوء 25 ڊسمبر تي حاضري ڀربي.

سر نسريا پاند، اتر لڳا آء پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ،
سهسين سکائون ڪيون
 
Back
Top