ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو جيئن ته منهنجو تعلق هوٽل جي صنعت سان آهي، هيءَ صنعت وري مهمانوازي واري صنعت جو هڪ حصو آهي .... دنيا جا ڪيترائي ترقي يافته ملڪ ان مهمانوازيءَ واري صنعت مان ڪروڙين ڊالر ڪمائي پنهنجي قوم جون گهرجون پوريون ڪري رهيا آهن ...


    هي هڪ وڊيو پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ هڪ پاڻيءَ جو ٻيڙو جيڪو فنلينڊ ملڪ ۾ ٺاهيو ويو آهي ... آمريڪا جي فلوريڊا رياست وارن ٺهرايو آهي ...

    The Oasis of The Sea (سمنڊ جي جنت) پاڻيءَ جو ٻيڙو، مشهور ٽائٽينڪ ٻيڙي کان پنج دفعا وڌيڪ وڏو آهي ... جنهن ۾ زندگيءَ جي ضروريات جي هر شئي اعلا درجي جي موجود آهي ۽ هڪ شهر آهي، جيڪو پاڻي جي مٿان ترندو رهي ٿو .... سندس افتتاح 2009 جي آخر ۾ ٿي چڪو آهي ...

    باقي پاڻ ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال ۽ حيرت انگيز عمل ڏسو؛

    http://www.youtube.com/watch?v=mmqdfRKLB5c

    http://www.youtube.com/watch?v=AJpnWbmTyLg
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    ادا ابڙا صاحب توهان جي سنڌ سلامت تي لڳايل وڊيو ڏٺيسين ۽ اسان جي معلومات ۾ واڌارو ٿيو۔ بحريه ۽ سمنڊ جي باري ۾ اسان جو دوست محترم عبدالفتاح ٿهيم صاحب پڻ اسان کي ڪجهه معلومات ڏيندو رهندو هو ( جيڪو پاڪستان نيوي ۾ نوڪري ڪندو آهي۔ بقول ان جي ته ڪڏهن ڪڏهن ته اسان ڇهه ڇهه مهينا سمنڊ ۾ هوندا آهيون ۽ اسان جي طبعيت ۽ ڪيفيت عجيب و غريب ٿي ويندي آهي۔
    ۽ سمنڊ ۾ لڳاتار رهڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي ۔ ادا ابڙا صاحب اسان جهازکي ٻاهران ته ڏٺوسين مگر اندر جي ته انهن کي خبر۔ جن اندران جهاز کي ڏٺو هوندو.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    بيشڪ ادا سائين، اسانجي مانوراري اديب ۽ سهڻي انسان الطاف شيخ جا سفرنامه پڻ سامونڊي حوالن سان ڀريل آهن، جيڪر پڙهبا ته ڪافي آگاهي ملي وڃي ٿي ۔۔۔
    دوست هت ٻه وڊيو لڳل آهن، هڪ ٻاهران جي آهي، ٻي اندران جي ڊاڪيومينٽري ۽ ٻيڙي مطلق معلومات ڏنل آهي ۔۔۔ جڏهن وڊيو ۾ معلومات آهي ته انڪري مون وڌيڪ لکيو به ڪونه ۔۔۔ مطلب ته ان ٻيڙي جي اندر جا ڦوٽو به کوڙ آهن، جيڪي مختلف ويب سائيٽ تي موجود آهن، بلڪ سندن پنهنجي به هڪ آفيشل ويب سائيٽ اٿن۔۔۔
    چوڻ جو مطلب اهو ته ترقي يافته قومون، هن ڪائنات ۾ موجود علم الاهي ۽ رزق الاهي کي استعمال ڪندي اهڙا اهڙا ته ڪارنامه سرانجام ڏين ٿيون جو انسان کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ۔۔۔

    فن لينڊ جتي هي جهاز ٺهيو آهي، سنڌ کان ڪو وڏو آهي ڇا؟ پر انجي اقتصاديات ڏسو، انجي صنعت ڏسو، انجي زراعت ڏسو، انجي تعليم ڏسو، مطلب ته سهڻا ماڻهون، سهڻا قانون ۽ سهڻي زندگي گذاري رهيا آهن ۔۔۔ مطلب ته سنڌ کي اهڙن ملڪن سان ڀيٽ ڪرڻ ائين آهي جيئن ۔۔۔۔!!!! لکڻ مناسب ناهي ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    ادا خبر ناهي ٻئي وڊيو ڇو کلي نه ٿئي ان ڪري ان معلومات کان محروم رهيو پيو آهيان۔، شايد ڪوشش سان کلي وڃي مان ڪوشش ڪيان ٿو۔
    جواب ڏيڻ جي مــــــــــــــــــــــــــــــــــــــهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــربانـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    ڀائڙا مون وٽ ته اها وڊيو هلي ٿي ۔۔۔ اوهان وٽ ڇونه ٿي هلي ۔۔۔ انجو ڪو علاج ڪريو ؟
     
  6. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    محترمي ومڪرمي سائين نثار صاحب
    حق موجود
    اميد ته اوهان رب سائين جي ٻاجهه سان بلڪل خيرو آفيت سان هوندا۔
    سائين The Oasis of The Sea (سمنڊ جي جنت) جون ٻئي وڊيوز مون ڏٺيون معلومات ۾ اظافو پڻ ٿيو واقعي سائين هي سامونڊي جهاز پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عاليشان شهر آهي۔ زندگيءَ جي هر سهولت سان به اعلا کان اعلا درجي جي هن جهاز نمان شهر ۾ موجود آهي۔ بلڪل سائين ترقي يافته قومون جڏهن پنهنجي عروج تي هونديون آهن ته اهڙيون ئي باڪمال ۽ حيرت انگيز ايجادون جنم وٺنديون آهن۔
    سائين اوهانجي شيئرنگ لاجواب آهي اهڙي ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک لائق شال سدا شاد و آباد ھجو آمين

    سدائين گڏ
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    سائين اوهان جي دعا۔ن سان وڊيو هلي پئي۔ ادا واقعي جهاز جي اندر وڏو جهان آهي۔ زندگيجي تقريبن هر سهولت جو خيال رکيو ويو آهي۔ اهيا محنت انسان جي پر اهيو عقل ته ڏيڻ واري ذات اها۔ جنهن هن ناچيزانسان کي ۽ پوري ڪائنات کي تخليق ڪيو آهي۔ ۽ انسان کي عقل سمجهه ۽ شعور ڏنو۔ باقي هر انسان پنهنجي سوچ جو ملڪ آ ۽ پنهنجو ذميوار آهي ۔ ڪنهنجي سوچ کي قيد ڪري نه ٿو سگهجي۔
    هر انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزاد آهي، ۽ کيس آزادي جو پورو پورو حق حاصل آهي، ڪنهن تي به زبردستي ڪرڻ ضرورت ناهي۔ باقي اسان جو ايمان اسان جي سوچ اسان جو خيال ته اهيو آهي
    اول به تو آخر به تون، بس تون ئي تون۔

    بقول شاه صاحب


    صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيســــــــــــــــــــون
    پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تـــــــــــــــــــــــــــــــــــون
    جي راضي ٿئين تون ته ميريائي مان لهـــــــــــــــــان
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ترقي يافته قومن جا ترقي يافته ڪمال

    دوست عبدالستار چنا صاحب، بلڪل اوهان صحيح ٿا چئو ته ترقي يافته قومون ئي حيرت انگيز ايجادن کي جنم ڏينديون آهن۔

    ڇونه!!! جڏهن سندن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪرڻ جو حق سندن ئي وس ۾ هجي، جڏهن سندن ڌرتيءَ جا سڀ وسيلا سندن ئي هٿن ۾ هجن، جڏهن هو پاڻ ئي هر شئي جا وارث به هجن ته انهن جي وراثت جا حق به رکندا هجن ۔۔۔ عمل ۽ نظريه به ان ڌرتيءَ تي پنهنجا جلوه ڏيکاريندا آهن، جنهن ڌرتيءَ تي انجا وارث اصل نسل هجن ۔۔۔

    باقي چورن جي هٿ ۾ ڍڳي جي واڳ هوندي ته ڍڳو بچندو يا مالڪن کي ملندو اها ڳالهه يقيني ناهي ۔۔۔ غلامي به هجي ۽ خوشحالي به ٿئي، اها اميد رکڻ ڪنهن مجنون جو خواب هوندو، حقيقت نه ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو