ڪجهه سنڌ سلامت جي نئين 4۔2۔1 ورجن بابت تفصيل

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    رڪنن سان گڏ سنڌي روبوٽ
    روبوٽ دراصل اهي سرچ انجن بوٽس ٿيندا آهن جيڪي سنڌ سلامت تي اچي مواد کي پڙهي سرچ انجن جهڙوڪ گوگل، ياهو ۽ بنگ وغيره ڏانهن انڊيڪسنگ خاطر موڪليندا آهن۔۔۔ ان طرح سنڌي ۾ جڏهن انٽرنيٽ تي سرچنگ ڪئي ويندي آهي ته سرچ انجڻون هنن بوٽس طرفان موڪليل مواد کي ڏنل ڪيوري سان ميچ ڪندي نتيجا ڏيکارينديون آهن ۽ ان طرح ڳولا جي نتيجن ۾ سنڌ سلامت جا لنڪس به نظر ايندا آهن۔۔۔
    اهي بوٽس مختلف سرچ انجڻون موڪلينديون رهنديون آهن۔۔ هنن بوٽس جا فائدا ته يقينن آهن جيترا ايندا اوترو مواد سرچ انجڻن ڏانهن ويندو ۽ ٽريفڪ ۾ پڻ اضافو ٿيندو پر اڪثر هنن بوٽس جي ڀرمار ڪري هوسٽنگ بينڊ وڊٿ ضايع ڪندا رهندا آهن۔۔ (هن وقت سنڌ سلامت جي ان لميٽيڊ بينڊ وڊٿ آهي ان ڪري فڪر گهٽ آهي :)
    فورم تي بوٽس جو تعداد مرڪزي صفحي تي يوزر پينل ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    جڏهن ته سندن سرگرمي آن لائين رڪن مان ڏسي سگهجي ٿي ته هو ڪهڙا ڪهڙا موضوع پڙهي ۽ انڊيڪسنگ ڪري رهيا آهن۔۔۔

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 ڊسمبر 2013
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سب فورم لسٽنگ
    سنڌ سلامت فورم جي مکيه ڪيٽيگرين ۾ موجود سب فورم پهريان واري پاپ اپ ونڊوز بجاءِ هاڻي لسٽنگ طور موجود آهن۔۔۔ هوئن ته لسٽنگ بجاءِ واپس پاپ اپ طور برقرار رکي سگهجي ٿو پر نون رڪنن لاءِ مواد ڳولڻ جي سهنجائي خاطر سب فورمز کي لسٽنگ طور سجايل بهتر ٿو لڳي۔۔۔

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 ڊسمبر 2013
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪچهري بابت نوان فيچرس
    هوئن ته سنڌ سلامت جي ڪچهري سيڪشن بهتر به آهي ۽ ان کي پسند پڻ ڪيو پيو وڃي پر نئين ورشن ۾ هن سيڪشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن توهان پنهنجي ڪچهرين کي درست طريقي سان مينيج ڪري سگهو۔۔ خاص طور تي جڏهن اهي تعداد ۾ گهڻيون هجن ۽ انهن کي ختم به نه ڪرڻ چاهيو۔۔۔ ته پوءِ نئين ورشن جي ڪچهري جي اسڪرين شاٽ ڏسو۔۔۔
    [​IMG]

    سڀ کان پهريان ته ان باڪس تي ڪلڪ ڪندي ئي ڪچهري سيڪشن جي مٿان ٽيب لسٽ ڏني وئي آهي۔۔۔ جنهن تي ڪجهه اضافي ۽ ڪار آمد لنڪس ڏنا ويا آهن۔۔ انهن ۾ خاص طور ”اهم ڪچهريون“ پڻ شامل آهي۔۔ جيڪو آپشن بلڪل ائين ڪم ڪندو جيئن توهان اي ميلز ۾ ڪجهه خاص ميلز کي اسٽار لڳائي اهم بڻائيندا آهيو ته جيئن انهن کي سولائي سان ڳولي سگهجي۔۔۔ ساڳي طرح هاڻي جنهن به ڪچهري کي توهان خاص بڻائڻ چاهيو ان سليڪٽ ڪري کلندڙ اوور لي مان اهم بڻايو۔۔۔ (اهم بنائڻ لاءِ کليل ڪچهري ۾ پڻ بٽڻ رکيل آهي)
    ان کان علاوه ساڳي لسٽ مان توهان پنهنجيون شروع ڪيل ڪچهريون پڻ کولي سگهو ٿا۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن خاص رڪن جون ڪچهريون ڏسڻ چاهيندا هجو ته ان سلسلي ۾ ڪچهري صفحي تي هيٺ موجود ”ڪچهري ڏسڻ جا اختيار“ کوليو ۽ رڪن جو نالو لکي ”آپشنز سيٽ ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ان طرفان وصول ڪيل يا وري شروع ڪيل ڪچهريون فلٽر ڪري سگهو ٿا۔۔۔ يقينن ان طرح توهان جو ڪافي قيمتي وقت بچي پوندو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت تي موضوع موڪليندڙ يا موضوع ۾ جواب ڏيندڙ لاءِ اهو موضوع پاڻمرادو مشاهدي هيٺ اچي ويندو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ ان ۾ ايندڙ هر نئين تحرير جو اطلاع رڪن کي موڪليو ويندو آهي۔۔۔ اهو هڪ بهترين آپشن آهي جنهن سان رڪن کي موضوع جي سرگرمي بابت خبر پوندي رهي ٿي۔۔۔ ڀلي هو ڪجهه عرصي کان پوءِ ئي ڇو نه فورم جي ڦيرو ڀري۔۔۔
    هڪ اضافي فيچر جي ضرورت ان وقت ڪافي محسوس ٿي جڏهن ڪو رڪن ڪنهن خاص ڪيٽيگري ۾ دلچسپي رکندڙ هجي۔۔ مثال جيڪڏهن ڪو ”ڪمپيوٽر ٽپس“ يا وري مختلف ”سافٽويئرز“ ۾ دلچسپي رکندڙ آهي ۽ چاهيندو هجي ته سنڌ سلامت فورم تي جڏهن به ان بابت ڪو موضوع اهڙن سيڪشنس ۾ پوسٽ ٿئي ته کيس اطلاع ملي۔۔۔ ۽ ان جو حل سنڌ سلامت جي موجوده ورشن ۾ موجود آهي ۔۔ هاڻي توهان سنڌ سلامت جي ڪنهن به فورم کي پنهنجي مشاهدي هيٺ رکي سگهو ٿا۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان جڏهن به ڪو فورم (ڪيٽيگري) کوليندي ته کاٻي پاسي هڪ ”فورم مشاهدي هيٺ رکو“ آپشن ملندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ اوورلي کلندو۔۔ جنهن ۾ ان فورم ۾ ايندڙ نون موضوعن يا نين تحريرن تي نوٽيفڪيشن (اطلاع) حاصل ڪري سگهبو۔۔۔

    [​IMG]
    اهڙن فورمز جي ترتيبي لسٽ مٿي ”فورم“ ٽيب جي سب مينو ”مشاهدي هيٺ فورم“ ۾ پڻ ڏسي سگهبي۔۔۔ اهڙي طرح توهان جي پسند جي فورمز جي لسٽ پڻ جڙي پوندي۔۔ جنهن کان پوءِ جڏهن به توهان تڪڙا هجو ۽ پنهنجي پسند جي فورمز ۾ آيل نون موضوعن کي ڏسڻ چاهيو ”مشاهدي هيٺ فورم“ ۾ وڃي پنهنجي پسند جي فورمز کي جانچيو۔۔۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت ايڊيٽر
    ياد رهي ته سنڌ سلامت تي اڳ ٽني ايم سي اي نالي ايڊيٽر لڳل هو۔۔۔ پر جديد ورشن ۾ ان کي ختم ڪري ان جاءِ تي ريڊيڪٽر ايڊيٽر کي متعارف ڪيو ويو آهي۔۔۔ نئين ورشن ۾ سنڌي انٽيگريشن ڪيئن ڪئي وئي اهو الڳ بحث آهي۔۔ (جنهن جو تجربو عامرضياء چارڻ ۽ مون کان وسرڻ ڏکيو آ) پر ڳالهه پئي هلي نون فيچرس جي ۔۔ حاضر آهي اسڪرين شاٽ
    [​IMG]
    هي يقينن مختلف آ۔۔۔ممڪن آ ريڊيڪٽر جو هي ابتدائي ورشن رنگين نه هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي پسند نه اچي۔۔۔ پر هن ايڊيٽر جا فيچرس توهان کي ضرور پسند ايندا۔۔۔
    • هي ايڊيٽر جيئن ته جي ڪيوري بيسڊ آهي ان ڪري ڪافي هلڪو ۽ استعمال ۾ انتهائي آسان آهي۔۔
    • جڏهن مواد مختلف هنڌان ڪاپي ڪري هن ۾ پيسٽ ڪيو ٿو وڃي ته ان مواد جي اڪثر فارميٽ کي ڊيفالٽ فارميٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي جنهن ڪري فيس بوڪ يا ٻئي فونٽ ۾ لکيل لکائي پاڻ مرادو درست ٿيو وڃي۔۔ ها البته سنڌ سلامت ۾ رهي ڪري جيڪڏهن توهان هڪ ايڊيٽر مان ڪاپي ڪري ٻئي هنڌ ايڊيٽر ۾ استعمال ڪندو سموري فارميٽنگ ساڳي رهندي۔۔۔
    • هاڻي سنڌ سلامت جي ڪهڙي به جاءِ تي کلندڙ اوورلي تي ايڊيٽر تڪڙو ۽ درست ڪم ڪندو۔۔۔
    • جيڪڏهن توهان ڪروم يا فائرفاڪس استعمال ڪندڙ آهيو ته ڪا تصوير ڪنهن به ويب سائيٽ تان ڪاپي ڪري (ڪلپ بورڊ ۾ رکي) ايڊيٽر ۾ پيسٽ ڪندو ته پاڻمرادو ظاهر ٿي پوندي۔۔۔ جيئن ته فورم تي سڌو سئون اپلوڊنگ کي ٻيهر ختم ڪيو ويو آهي۔۔ جي نه ته هي ڪلپ بورڊ (جهڙوڪ پرنٽ اسڪرين بٽڻ کي پريس ڪرڻ سان حاصل ڪيل) ۾ موجود تصوير کي پيسٽ ڪرڻ سان پاڻ مرادو اپلوڊ ٿي فل اميج طور ظاهر ٿئي ها۔۔۔
    • تصويرن کي ڊريگ ڊراپ طور ايڊيٽر تي رکي سگهجن ٿيون۔۔۔
    • مسڪراهٽن کي پاپ اپ طور ظاهر ڪرڻ بجاءِ هڪ دفعو پريس ڪرڻ سان ايڊيٽر جي اسٽيٽس بار م ظاهر ڪري ٿو جنهن کي تحرير موڪلڻ تائين وري وري لڳائڻ جي آسان سهولت۔۔۔
    • هن ايڊيٽر جو سڀ کان اهم فيچر آهي مواد کي پاڻ مرادو وقفي وقفي سان محفوظ ڪرڻ ۔۔۔ محفوظ ڪرڻ دوران ٿوري دير لاءِ محفوظ ڪرڻ وارو بٽڻ اڀري پڻ تسلي ڏيندو رهي ٿو۔۔۔ ان ڪري بغير الجهن جي هاڻي ڊگهي تحرير لکي سگهجي ٿي ڇو ته بجلي وڃڻ جي صورت ۾ توهان جي اڌوري تحرير محفوظ رهندي ۔۔ توهان جيئن ئي ساڳي موضوع تي ايندو تحرير ڊرافٽ طور سامهون هوندي۔۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪنهن سيڪشن ۾ موضوع لکندي اڌورو رهجي ويو هجي ته مواد ساڳي طرح محفوظ ملندو۔۔۔
    • ۽ آخري ڳالهه ته موجوده ريسپانسو ٿيم سان گڏ ايڊيٽر پڻ مڪمل ريسپانسوِ آهي ۽ موبائيل تي پڻ درست ويڪر مطابق ظاهر ٿئي ٿو ۔۔ نه رڳو اهو پر موبائيل تي رهي ڪري پڻ هن ايڊيٽر تان توهان درست سنڌي لکي سگهو ٿا۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ريسپانسوِ اسٽائيل
    جيئن ته اڄ ڪلهه سمارٽ فون جو دور عروج تي آهي۔۔ جنهن ڪري اڪثر دوست پنهنجي ڪمن دوران يا سفر دوران انٽرنيٽ جي مختلف سرگرمين کي موبائيل تي جاري رکيو اچن۔۔ اهڙي دور ۾ ضرورت هئي ته سنڌ سلامت جي اسٽائيل کي پڻ اهڙو بڻائجي جو هڪ ئي وقت ڊيسڪٽاپ يوزر سان گڏو گڏ موبائيل يوزر لاءِ پڻ فورم استعمال ۾ آسان ۽ رفتار ۾ تڪڙو هجي ۔۔۔ سنڌ سلامت جو نئين ورجن مڪمل طور ريسپانسوِ آهي ۽ موبائيل ۽ ٽيبليٽس ۾ استعمال ڪرڻ اڳ کان گهڻو بهتر آهي۔۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت تي موجوده فونٽ ايم بي ويب سنڌي جي انگريزي ورجن کي پڻ بهتر بڻائيندي فونٽ کي امبيڊ طور رکيو ويو آهي ته جئين موبائيل سميت ڊيسڪٽاپ پي سي استعمال ڪندڙ هر ان سنڌي کي سنڌ سلامت جو فورم درست سنڌي فونٽس سان نظر اچي جنهن وٽ ڀلي سنڌي فونٽ انسٽال ٿيل نه هجن۔۔۔
    حاضر آهن سنڌ سلامت کي موبائيل تي استعمال ڪندي ڪجهه نظارا۔۔​

    اطلاع

    [​IMG]


    فوٽر ايريا

    [​IMG]

    ڳولا
    [​IMG]

    موضوعن جي فهرست

    [​IMG]


    پروفائيل سرگرميون

    [​IMG]

    رڪن جو اوورلي ڪارڊ

    [​IMG]
    مدد صفحي جون جهلڪيون

    [​IMG]

    نوٽ: تصويرون اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم جي برائوزر ڪروم تان ڪڍيون ويون آهن۔۔ جن کي موڪلڻ لاءِ عبدالحفيظ لغاري جي مهرباني۔۔۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مهرباني چوڻ لاءِ مهرباني۔ باقي جيڪي ڪمينٽس اهو ڪم ڪندي ايندا ويندا رهيا سي سينسر نه سگهڻ ڪري هتي نه اچي سگهيا۔ پڙهندڙن کان معذرت۔ ;)
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    منهنجي فون ۾ سنڌي صحيح نه ٿي ڏيکاري
    ڇو ته فون جو ورشن 2.3 آهي.
    مهيني کان پوء 4.2 ورشن وارو موبائيل وٺندس
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ايڊيٽر جون تعريفون ته تمام ڀليون آهن ائين به اوهان ڪنهن جي تعريف ڪرڻ تي اچو ته پوء ڇُٽيون ڳالهيون انهن سڀني خوبين جي باوجود اڃا به ڪجهه ۔۔۔ آهن هي نشاندهي اوهان کي تنگ ڪرڻ لاء نه بلڪ اگر ممڪن هجي ته ان ۾ اصلاح ٿئي هڪ ته ڊيليٽ بٽڻ سان ٽٻڪو اچيو وڃي ٻيو ته فارميٽ ڪرڻ ۾ ڪافي دفعا ڪمانڊس اپلائي نه ٿيون ٿين ، اگر ايم ايس ورڊ ۾ لکيل مواد کڻي پيسٽ ڪيو ته ايڊيٽر ۾ هر لائين ۾ اضافي اسپيس اچيو ٿو وڃي جنهن ڪري وري ان جي سيٽنگ ڪرڻي ٿي پوي، سيٽ ڪرڻ مهل جيڪو ويو نظر اچي ٿو سينڊ ڪرڻ بعد وري ڪجهه ان ۾ تبديليون نظر اچن ٿيون۔ پهرئين ايڊيٽر ۾ عربي عبارت جي سپورٽ لاء هڪ ٻه عربي فانٽ به هئا هن ۾ موجود نه آهن اگر ممڪن هجي ته اهي به رکيا وڃن۔ وڌيڪ ٻيا دوست به نشاندهي ڪندا۔ اگر انهن کي به ڪجهه اهڙيون شيون نظر اچن ، ته جيئن انهن جي اصلاح ڪري سگهجي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ ته ڊيليٽ بٽڻ سان ٽٻڪو اچيو وڃي
    توهان ڪهڙو برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔؟ چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته ايڊيٽر تي ايم بي سنڌي پروگرام فعال هجن دوران لکندي جڏهن ڊيليٽ بٽڻ پريس ڪبو آهي ته ٽٻڪو اچي رهيو آهي۔۔۔ توهان کي گهرجي ته سنڌ سلامت ايڊيٽر تي لکندي ايم بي سنڌي پروگرام کي غير فعال رکو۔۔

    ٻيو ته فارميٽ ڪرڻ ۾ ڪافي دفعا ڪمانڊس اپلائي نه ٿيون ٿين
    ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت گهربل آهي۔۔۔ ته ڪهڙا آپشن صحيح نه ٿا ڪم ڪن۔۔۔

    اگر ايم ايس ورڊ ۾ لکيل مواد کڻي پيسٽ ڪيو ته ايڊيٽر ۾ هر لائين ۾ اضافي اسپيس اچيو ٿو وڃي جنهن ڪري وري ان جي سيٽنگ ڪرڻي ٿي پوي
    سهي ڳالهه ته اها آهي ته هن ايڊيٽر جي اها خامي نه پر خوبي آهي جو اڳ فارميٽ ڪيل مواد کي پنهنجي ڊيفالٽ فارميٽ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي۔۔۔ جو اڳ دوستن طرفان مختلف سائيٽس تان کنيل مواد يا ورڊ پروگرام ۾ تيار ڪيل مواد کي جڏهن سنڌ سلامت تي لڳايو پئي ويو ته اهو ننڍن يا وڏن اکرن طور ظاهر ٿي رهيو هيو جنهن ڪري ڪافي ادارتي وقت گهربل هو جيڪو هاڻي بچي پيو آهي۔۔۔ البته توهان جي ڏسيل اسپيسنگ جو اشو مون وٽ موجود ناهي۔۔ توهان کي هڪ عرض ته سنڌ سلامت سان بهتر ڪمپيٽيبلٽي رکندڙ برائوزر ڪرو استعمال ڪريو۔۔۔

    سيٽ ڪرڻ مهل جيڪو ويو نظر اچي ٿو سينڊ ڪرڻ بعد وري ڪجهه ان ۾ تبديليون نظر اچن ٿيون۔
    مثال سان سمجهايو ته جيئن مسئلي کي درست طور سمجهي سگهجي۔۔۔

    پهرئين ايڊيٽر ۾ عربي عبارت جي سپورٽ لاء هڪ ٻه عربي فانٽ به هئا هن ۾ موجود نه آهن اگر ممڪن هجي ته اهي به رکيا وڃن۔
    جي ان طرف تڪڙي توجه ڏئي سگهجي ٿي۔۔۔ ڇا توهان ٻڌائيندو ته توهان لسٽ ۾ ڪهڙن ڪهڙن فونٽن جو اضافو ڏسڻ چاهيو ٿا۔۔؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب بعد ۾ لکندس جو ايوو ڪم نه پئي ڪري۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد ته صفا ستون اٺون ڪلاس ياد ڏياري ڇڏيو جڏهن فيئر ڪاپي ٺاهيندي ايئن ڳاڙهي ۽ بليو پين استعمال ڪبي هئي۔ پر پوءِ جلد ئي ماسترن ڳاڙهي رنگ کي ڪاري ۾ بدلايو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    نون اضافن کي پسند ڪيوسين۔۔ باقي قبلا سائين رحيم بخش جن جي صلاحن کي سمجهو ها ته وڌيڪ ڀلو۔۔ ها هڪ ڳالهه ٻي به ڪجو ته فونٽ مٽائڻ تي به هر ان ماڻهون کي نظر اچن جنهن وٽ انسٽال نه به ٿيل هجن۔۔ لک لائق
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. طارق ملڪ

    طارق ملڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وڏي مهرباني توهان سب دوستن جي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو