سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪامپيوٽرائي حرفت ۾ جي اهميت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2013۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    دورِ جديد ۾ هر قوم پنهنجي وجود ۽ بقا جو ثبوت ڪامپيوٽرائي حرفت (Computer Technology) وسيلي ڏئي رهي آهي جنهن ۾ اهي قومون پنهنجي تهذيب ۽ تمدن (Tradition)، ثقافت (Culture)، ۽ ٻولي (Language)، ئي نه پر تواريخ (History) کي به محفوظ (Preserve) ڪرڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪري رهيون آهن. ان سڄي عمل ۽ جاکوڙ ۾ جيڪا شيءَ سڀ کان وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن سا آهي ٻولي(Language)، ڇاڪاڻ جو ٻولي ئي قوم جي جياپي جو اھڃاڻ آهي.

    اسان سڀني کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ٻولي کي پروان چڙهڻ ۽ واڌ ويجھ لاءِ هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن وسيلي (Medium)، جي گهرج رهي آهي. ڪڏهن ان کي شاعري(Poetry) ته ڪڏهن ادب(Literature) ، ڪڏهن ڪهاڻي(Story) ته ڪڏهن افساني(Fiction) ، ڪڏهن ڪتابن وسيلي ته ڪڏهن اخبارن ۽ رسالن وسيلي جيرو رکيو ويو آهي. اھو سچ پچ هڪ حقيقت آهي ته ٻولي جيتري ڳالھائي وڄي ٿي ايتري ئي وسيع (Expand) ٿئي ٿي ۽ واڌ ويجھ وٺي ٿي. تواريخ شاهد آهي ته اسان آڏو اڄ جي سنڌي ڳالهائيندڙ کي ايتري ئي سنڌي اچي ٿي جيڪا سندس روزانو جي استعمال هيٺ آهي، باقي کان ته هو ڄڻ اڻ واقف ئي آهي ۽ اهو ٻولي لاءِ ھاڄيڪار عمل آهي جو ٻولي جو نه ڳالهائجندڙ اهو حصو هوريان هوريان ختم(اڻ لڀ) ٿيندوٿووڃي ڇو ته ٻولي جا دائرا ۽ حدون انجي ڪتب آڻيندڙن تي ڀاڙين ٿيون. جڳ مشهور آرڪيلاجسٽ سائين محترم حاڪم علي شاھ بخاري صاحب کان 2003ع ۾ پڇيل منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ ته اڄ جي سنڌي پڙهندڙن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي لکيل سنڌي سمجهڻ ۾ ايڏي ڏُکيائي ڇو ٿي اچي جو ھاڻ شاھ سائين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارا اڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڄي بچيا آهن؟ ۾ سندن جواب جي هڪ سٽ هتي درج ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته “ اڄ جو سنڌي ته وري به شاھ سائين جي لکڻين کي ڪجھ نه ڪجھ سمجهي ۽ پڙهي وڃي ٿو پر اسان ڏسون پيا ته ماءُ پيءُ جو ڌيان نه ڏيڻ، اسڪولن ۾ اڻ سکيل سنڌي ماسترن جو هجڻ ۽ انگريزي ميڊيم اسڪولن جو چاھ ماڻهن کان ايندڙ ڏھ سالن ۾ ايترو ته وڪوڙيندي ٿو ڏسجي جو ايندڙ وقت جو سنڌي پڙهندڙ شيخ اياز يا اُستاد بخاري جي ٻوليءَ کي به سمجهي وڃي ته جيڪر اها وڏي سوڀ هوندي”.

    دنيا جي هڪ ڳوٺ (Global Village) ۾ مٽجڻ به ان پاسي هڪ واضع اشاروسمجهجي ته هاڻ هن ڳوٺ ۾ اهائي ٻولي ڳالهائي، پڙهي، لکي ۽ سمجهي سگهبي جيڪا پوري ريت انجي ڳالهائيندڙ(User) جون ضرورتون پوريون ڪري سو سنڌي ٻولي تي به ساڳيا ئي قاعدا ۽ قانون لازم ملزوم آهن. سنڌي ٻولي کي 1849ع جي ڇپيل ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ۽ 1910ع جي ڇپيل پرمانند ميوارام جي ترتيب ڏنل لغتن (انگريزي کان سنڌي) ۾ جنهن طريقي ساڻ نوازيو ويو سو وري 1940ع تائين جي 19 ورهين واري عرصي ۾ ٻولي جي پارکونءَ پاران ٻولي ۾ فني طور (Technically) تي نه ڪا نواڻ آندي وئي ۽ نه ئي وري انگريزيءَ، فارسي ۽ عربي جهڙين تيز رفتار ٻولين جي مقابلي لاءِ سنڌي ٻولي ۾ ڪا جدت آندي وئي. ڇا ان جو مضبوط ڪارڻ پهرين مهاڀاري ويڙھ کي سمجهجي يا ڪو ٻيو؟. ڏٺو وڃي ٿو ته اها ڳالھ سمجھ کان بالاتر آهي ته جنهن زماني ۾ شمس العلما مرزا قليچ بيگ(1853 کان 1929)، علامه آئي آئي قاضي(1886 کان 1968)، سائين عبيدالله سنڌي (1872 کان 1944) جهڙا قدآور ۽ ڏور انديش ٻوليءَ جا عالم جئيرا هجن ته سنڌي ٻولي جي فني اوسر ڏانهن ڌيان ڇو نه ڏنو ويو؟ دنيا جنهن مهل مڪنياتي دور(Mechanical Age)،صنعتي دور(Industrial Age) ، برقي دور (Electric Age) ، برقنياتي دور(Electronics Age) مان گذري رهي هئي ته اُن زماني جي سنڌي عالمن ٻولي جي فني پاسي تي ڌيان ڏيندي ٻين ٻولين ۾ ڪتب ايندڙ/ايجاد ٿيندڙ نون اکرن کي سنڌي نالا ڏئي انهن کي ٻوليءَ ۾ جاءِ ڇو نه وٺرائي سگهيا؟ جڏهن ته ميوارام پاڻ 1910ع ۾ سندس ترتيب ڏنل سنڌي انگريزي لغت ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب پاران لکيل باغباني بابت ڪتاب (باغِ باني) کي حوالاتي ڪتاب (Reference Book) جي طور تي ڪتب آندو آهي جنهن منجھ ڪيتريون ئي انگريزي، عربي، ۽ فارسي جا اصطلاح گهڻي مھارت ساڻ سنڌيءَ ٻولي ۾ ترتيب ڏئي مرزا صاحب ان ڳالھ کي نمايان ڪري ڇڏيو آهي ته ان مهل سنڌي ادبي ٻوليءَ ۾ ڪنهن طرح به ڪا کوٽ ڪانه هئي ۽ اهڙي ڪاوش سندن علمي مھارت جو جئيرو جاڳندو مثال پڻ آھي. 2000ع تائين ڪتابي بازار ۾ اي.ٽي.شاهاڻي جي( 1940 ع ۾ ترتيب ڏنل انگريزيءَ کان سنڌي واري لغت) کانسواءِ ٻي ڪا به ڪمائتي لغت ڄڻ ته ڪانه هئي جڏهن ته ان مهل سنڌي شاگردن کي علمِ حياتيات (Biology)، علمِ نباتاب (Botany)، علمِ طبعيات(Physics) ، علمِ ڪيميا (Chemistry)، ۽ علمِ رياضي (Mathematics) جهڙن قدآور مضمونن لاءِ الڳ الڳ موضوعاتي لغتن (Subjective Dictionaries) جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿيندي هئي (جيڪا اڄ تائين جئين جو تئين آهي). آءُ سمجهان ٿو اڄ جي نوجوان جو سنڌي ٻولي (مادري ٻولي) کان پري ٿي وڃڻ جو ٻين اهم ڪارڻن منجهان هڪ بنيادي ڪارڻ اهو به رهيو آهي جو کيس پنهنجي مضمون جي انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ مخصوص وضاحتي لغت(Particular Descriptive Dictionary) نه ملي سگهي آهي ۽ ماضيءَ ۾ جي وري ڪتابي بازار منجھ اهڙي قسم جي ڪا لغت هئي به ته اها انگريزيءَ کان انگريزيءَ ۾ هئي.

    اڄ جڏهن دنيا جو گولو هڪ ئي ڳوٺ جي شڪل ۾ سُسي (Compact) ويو آهي ته سنڌي ٻولي جو جياپو ۽ سندس اهڃاڻ گهڻي ڀاڱي ان ڳالھ تي آهي ته ٻوليءَ جا پارکو، لکندڙ، ۽ پڙهندڙن کي هلندڙ دور جي ضرورت موجب ڪامپيوٽرائي حرفت تي ڀاڙڻ جي ضرورت آهي جئين مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته ٻوليءَ کي هر دور ۾ سندس واڌ ويجھ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن وسيلي جي گهرج هوندي آهي ۽ اڄ جي دور جي اهم گهرج ڪامپيوٽر آهي. خوشقسمتيءَ ساڻ ان مد ۾ هوريان هوريان سنڌي ڄاڻن پنهنجون ڪاوشون شروع به ڪري ڇڏيون آهن جنهن جو ڀلي ۾ ڀلو مثال محترم ماجد ڀرڳري صاحب پاران سنڌي ڪي بورڊ جي لي آوٽ(MB SINDHI) جو ترتيب ڏيڻ آهي. جيڪو سندس پاران 2002ع ۾ جڳ مشهور ڪمپني مائيڪرو سافٽ (Microsoft) کي هڪ ريسرچ “يونيڪوڊ وسيلي پاڪستاني ٻولين جو داخله/اندرج ڪرڻ” (Enabling Pakistani Languages Through Unicode) وسيلي متاثر ڪرڻ کان پوءِ سندس نالي پٺيان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي نصيب ٿيو. سندس هي ڪاوش سنڌي ٻوليءَ جي تواريخ منجھ سنڌي ٻوليءَ جي ڪامپيوٽرائي حرفت ۾ پهرين وک آهي. نه رڳو ايترو پر سندس ان ڪاوش کانپوءِ ساڳي ڪمپني پاران ٺاھيل نئين ڪامپيوٽر عملي نظام (Operating System) ونڊوز 8 (Windows 8) ۾ سنڌي ٻولي کي ٻين ٻولين ساڻ گڏ و گڏ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ساڻ ھاڻ نه رڳو ٻولي محفوظ (Preserve) ٿي رهي آهي پر سنڌي نوجوانن جو به ٻولي ڏانهن سجائتو لاڙو ٿيندو ٿو وڃي. جيڪر ان جو مثال ڏسڻو هجي ته انٽرنيٽ تي جڳ مشهور سماجي نيٽ ورڪ فيس بُڪ (Facebook) تي ڏسي سگهجي ٿو جتي هر ڏهاڙي ڪيترائي ليک (Articles)، ٽيڪاٽيپڻيون (Comments)، ۽ پيغام (Messages) لکيا، پڙهيا ٿا وڃن جيڪا سنڌي ٻولي جي اوسر واري حوالي ساڻ وڏي ڪاميابي آهي. ڪامپيوٽرائي حرفت، سنڌي ٻولي جي حوالي ساڻ اڃا پنهنجي ٻاروتڻي دور ۾ آهي تنهن هوندي به گذريل ڪجھ سالن ۾ تمام ڪارائتا اپاءُ ورتا ويا آهن ۽ تمام گهڻيون اضافتون به ٿيون آهن. ان حوالي ساڻ ڪي لڪل مجاھدن جا نالا ۽ سندن ڪاوشون گهڻو تڻو لڪيل به رهيون آهن جئين سارنگ منگي پاران ڪامپيوٽرائي حرفت ۾ پهرين سنڌي ڪامپيوٽرائي راند (Computer Game) جو ٺاهڻ. افسوس جو سندس ڪنهن ذاتي مسئلي جي ڪري ان راند جو اصلوڪي رٿ (Source Program) پاڻ کان وڃائجي وئي اٿس پر خوشقسمتيءَ ساڻ ان جي آزمائشي رٿ (Demo Program) پاڻ وٽ محفوظ اٿس. ان کان سواءِ ذيشان رشيد سمون پاران اپريل 2009ع ۾ “سنڌ سلامت” نالي ساڻ ٺاهيل پهرين مڪمل سنڌي ويب سائيٽ (Website) به هڪ تمام تعريف جوڳو عمل آهي جنهن جي سنڌي اسڪرپٽنگ وارو ڪم دادوءَ جي هڪ نوجوان رٿائيندڙ (Developer/Programmer) عامر ضياءَ جاوا ڪامپيوٽرائي ٻولي (Java Language) ۾ تمام محنت ساڻ ترتيب ڏنو آهي. ان حوالي ساڻ ليکڪ جي به هڪ ڪاوش آهي ته 2005ع ۾ هڪ رسرچ وسيلي ڏٺو ويو ته ڪامپيوٽرائي ٻولين کان اساڻ جا سنڌي نوجوان (خاص ڪر مادرِ علمي (University) ۾ پڙهندڙ شاگرد) لنوائيندا ملندا هئا ۽ انجو ڪارڻ انهن ڪامپيوٽرائي ٻولين ۾انگريزيءَ جون خاص ڪتب ايندڙ اصطلاحون (Terminologies) ۽ انهن ٻولين جي خشڪ مزاجي سندن سمجھ کان ٻاهر هونديون هيون. ان مھل سندن ذهن ۾ ڪامپيوٽرائي حرفت جو شوق ۽ ان کي سکڻ جي حوالي ساڻ سندن ذهن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ لاءِ 23 فيبروري 2005ع تي پنهنجي هڪ دادوءَ جي دوست سجاد قريشي صاحب ساڻ گڏجي سنڌي حرفت ۾ پهرين هاڃيڪار رٿ (Virus Program) سونامي آف دادوءَ (Tsunami of Dadu) نالي ساڻ ٺاهي تيار ڪئي جنهن کي 05 فيبروري 2005ع تي آزمائشي طور تي انٽرنيٽ تي موڪليو سين جيڪا تمام ڪاميابي ساڻ ڪم ڪندي ڏسڻ ۾ آئي. جئين ته هي هڪ آزمائشي رٿ هئي تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي ھاڃيڪاري عمل کان پاڪ هئي ۽ فقط ڪامپيوٽر کي هڪ هنڌ جام (Freeze) ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي. ساڳي ساٿي ساڻ گڏجي پهرين سنڌي ھاڃيڪارتوڙ رٿا (Antivirus Program) ٺاهي وئي.

    اها ڳالھ بنھ ثابت آهي ته اڄ جا هي ننڍڙا ننڍڙا ڪاميپوٽرائي ڪاوشڪار مرزا قليچ بيگ، علام آئي آئي قاضي، ۽ مولانا عبيد الله جيڏا وڏا ٻولي جا عالم ناهن ۽ نه وري اُن مرتبي ته پهچڻ اڄ جي هن نفسانفسي جي دور ۾ ممڪن ئي آهي پر تنهن هوندي به هي دوست اڻ هوند ۾ اميد جي هڪ ڏُٻري هي ڀلي، پر مستقبل جي روشن لاٽ ضرور آهن. سندن انهن ننڍين ننڍين ڪامپيوٽرائي ڪاوشن جي ڪري اسان اڄ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي ڪامپيوٽرائي حرفت وسيلي هڪ نئون رُخ وٺندي ڏسي رهيا آهيون. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته موجوده دور جا عالم ۽ ٻوليءَ جا ڄاڻو (جيڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا آهن) ان مد ۾ تمام گهڻي مدد ڪن ۽ کين کپي تي هنن دوستن ساڻ مختلف وسيلن آهر پنهنجا رايا ونڊين ته جئين سنڌي ٻوليءَ کي ڪامپيوٽرائي حرفت ۾ اڄا به اڳڀرو ڪري سگهجي. سندن (ٻوليءَ جي عالمن جي) تاحيات جياپي جو به هي به هڪ طريقو سمجهجي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ کي اڄ جي نوجوان (جيڪو ڪامپيوٽرائي حرفت ساڻ سلهاڙيل آهي) ۽ اڄ جي سنڌي ٻوليءَ جي عالم (جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت رکي ٿو) ٻنهي جي هڪ جيتري ئي ضرورت آهي. آءُ سنڌي ٻوليءَ، انهي جي عالمن، ۽ انهن ڪامپيوٽرائي ڪاوشڪارن لاءِ دل ساڻ دعاگو آهيان ته مستقبل ۾ڪامپيوٽر جي دنيا منجھ (هر هڪ ٻوليءِ جيان) سنڌي ٻوليءِ به ساڳيو مان ۽ مرتبو ماڻي جيڪو سندس 19 صديءَ کان اڳ هو. (آمين)

    پاران
    ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ
    asif.charan@gmail.com
    22 جون 2013، بروز ڇنڇر تي روزانو مهراڻ ۾ ڇپيو۔۔۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ صاحب !
    نهايت خوشي ٿي اوهان جو مضمون پڙهي ڪري ۔ سنڌي ٻولي جي جياپي لا بهترين ويچار ونڊ ڪيا اٿو۔
    ڪافي ڄاڻ ملي آهي اوهان جي ان تحرير مان ۔
    اسان دعاڳو آهيون الله تعالى اوهان جي نيڪ خواهش کي پايي تڪميل تائين پهچائي ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين لک لائق ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي پهرين تحرير ۽ اها به اهڙي جامع ۔۔۔ تمام ڀلو۔۔
    سائين منهنجا سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪافي جوڌا موجود آهن۔۔۔ انهن مان گهڻا خاموشيء سان رڌل آهن۔۔اهڙن محنتي ماڻهن کي ڪنهن تعريف يا مشهوري جي ضرورت ناهي هوندي۔۔۔ بس انهن لاءِ ڪنهن اهڙي پليٽفارم جي ضرورت آهي جتي سڀني کي گڏ ڪري سگهجي۔۔ ته جئين خيالن جي ڏي وٺ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن۔۔ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت پنهنجو ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار آهي۔۔۔
    خير توهان جي بهترين تحرير پڙهي دوستن کي اشتياق ٿيندو ته هو توهان کان متعارف ٿين۔۔ ان لاءِ عرض ته پنهنجو تعارف هڪ نئين موضوع سان ضرور ونڊيندا۔۔ لک لائق
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين ذيشان صاحب
    مان سمجهان ٿوته هي آرٽيڪل جيڪڏهن ڪامپيوٽر واري حصي ۾ رکندا ته جيڪر وڌيڪ دوست هن مان فيض ياب ٿي سگهندا ڇاڪاڻ ته حالاتِ حاضره ۾ گهٽ دوست هن کي پڙهي سگهندا ۽ هي آرٽيڪل بنيادي طور لکيل به ڪامپيوٽر جي حوالي ساڻ آهي ته هن کي اتي هي رکڻ وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو۔ وڌيڪ جئين توهان کي صحيح لڳي۔


    توهانجو
    چارڻ آصف جمال ، دادو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آرٽيڪل جو عنوان جيئن ته ٻوليء متعلق آهي ان ڪري کيس ”سنڌي منهنجي ٻولي“ سيڪشن ۾ رکيو ويو آهي۔۔۔ ها البته توهان جي نشاندهي ته پورو سيڪشن ئي حالاتِ حاضره مان منتقل ڪيو ويو آهي۔۔۔ لک لائق
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر جي حوالي سان تمام بهترين مضمون توهان پيش ڪيو آهي، ۽ هن مضمون مان ڪافي نيون ڳاهيون اسان کي معلوم ٿيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته اهڙا معلوماتي مضمون اسان سان ونڊ ڪندا رهندا،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڊاڪٽر صاحب جن جو مضمون تمام معلوماتي آهي کين جس هجي جو پاڻ به سنڌي ٻوليء کي دينا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ جو جذبو رکن ٿا۔ اهڙي طرح هن فورم جي اهڙن همت ڀرين ميمبرن ۾ هڪ باهمت فرد جي اضافي تي خوشي آهي۔ اميد ته ڊاڪٽر صاحب جن جي وڌيڪ علمي ڪاوشن مان اسان سڀئي مستفيد ٿيندا رهنداسين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    لک لائق سائين، جي هاڻ ٺيڪ آهي۔ مهرباني
     
  10. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    پيارا ساٿيو ۔۔۔۔

    توهان سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جو منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي توهان ايڏي قربائتي موٽ ڏني آهي۔ اصل ۾ سائين ذيشان رشيد صاحب مون تي هن سٿ ۾ ساٿاري ٿيڻ لاءِ تمام وزن وجهي ڇڏيو هو سو هاڻ توهان سڀني دوستن جي خدمت جاري رهندي. بس اها التجا رهندي ته جيترو ٿي سگهي منهنجي هنن ڪاوشن کي اڳتي وڌائيندا رهجو جو اسانجا نوجوان ، جوان منهنجي هن محنت مان فيضياب ٿي سگهن. توهان سڀني دوستن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته اسانجي سنڌ ۾ معياري ليک لکڻ وارا تمام ٿورا ماڻهون آهن جيڪي مختلف ڪتابن ۽ وسيلن مان معياري مواد کي ڇنڊي ڇاڻي اسان تائين پهچائن ٿا سو انهن جي محنت کي اڳتي وڌائڻ اسان تي فرض آهي. آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ سلامت جي سٿ ان مد ۾ هڪ وڏي خال کي ڀري ڇڏيو آهي تنهن لاءِ سائين ذيشان رشيد صاحب کي جس هجي.


    سائين رحيم بخش صاحب، ممتاز علي وگهيو صاحب سميت باقي سڀني محبتين جو ٿورائتو پڻ آهيان جن پيار ۽ پاٻوھ ساڻ منهنجي هن ڪاوش کي ساراهيو آهي....


    جيئي سنڌ ، سدا جيئي

    خادم
    چارڻ آصف جمال
    دادو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام بهترين آرٽيڪل لکيو اٿو، خاص ڪري جملن جي جوڙجڪ ۽ استعمال ڪيل ٻولي وڻي۔ اميد ته لکڻ جو هي سلسلو جاري رهندو۔

    مان چاهيان ٿو اسان سنڌ جي انهن نوجوانن کي همٿايون ۽ کين جس ڏيون جيڪي ڪمپيوٽر تي ٻولي کي جيئارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔
     
  12. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين سليمان وساڻ صاحب لک لائق ۽ وڏا قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو