ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
اچو ڙي سورن واريون ڪيون سور پچار
مان تقريبن هڪ سال کان پوء ڪراچي جي شهر مان دادو پهتس، ۽ جڏهن دادو پهتس ته دادو شهر مون سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته مان ساڳيو آهيانساڳيو. مان مور نه مٽڻو آهيان، توڙي جو ايم آر ڊي تحريڪ( تحريڪ بحالي جهموريت ) ۾ پنهنجي جوڌن جون جانيون قربان ڪيم، جنرل ضياء جي ظلمن کي برداشت ڪيم مگر پوء به مان ساڳو رهيس پيپلز پارٽي جو، مگر افسوس جو پيپلز پارٽي به منهنجي زخمن تي ڪو مرحم نه رکيو،سنڌ نه سنبري سک اڀري سج لهي ويا
۽ اهڙي ريت دادو شهر سان مان ڳالهائيندي پنهنجي گهر پهتس ء مٽن مائٽن سان ،مليس ۽ ٻئي ڏينهن تي پنهنجي هڪ دوست وٽ ويس ۽ اهو دوست پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهون هو ( سرگرم ڪارڪن ) ۽ ڳالهيون ڪندي مون جڏهن ان کي چيو ته منهنجا ڀاء توهان هت دادو ۾ ڪو ڪم ڪيو آهي جنهن سان دادو جي عوام کي ڪو فائدو پهتو هجي، افسوس جو ان اهڙو جواب ڏنو جنهن سان منهنجا دل جگر پتا سڀ جو سڀ سڙي ويا،ان دوست ( جيالي ) مون کي فخر واري انداز سان چيو ته مون فلاڻي ، فلاڻي جي فلاڻي جي ڊيوٽي معاف ڪرائي آهي ۽ اهڙي ريت 20 کان 25 ڄڻا آهن جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن ۽ الله جو شڪر آ مون پنهنجن ماڻهن کي فائدو ڏنو آهي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔دوستو سڌرل ۽ مهذب ملڪن ۾ اگر ڪو ڊيوٽي ناهي ڪندو ته ان لاء ڪوشش ورتي ويندي آهي ۽ ان کان ڊيوٽي ڪرائي فخر واري انداز ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته هاڻ هن اداري جا گوسڙو به پنهنجي ڊيوٽي ڪن ٿا مگر هت ان جي ابتڙ آهي، ۽ اهڙي ريت اسان جي تعليم کاتي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ادار تباهه ۽ برباد آهن. جيڪو سنڌ، سنڌي ماڻهون جو هڪ وڏو نقصان آهي ......................................................
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: