ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
امام محمد غزالي رح جو قول آهي ته رزق جو دارومدار نه عقل تي آهي نه علم تي، رزق پنهنجي نصيب جو ملندو آهي، اگر رزق عقل ۽ علم جي بنياد تي ملي هان ته هي جانور بکيا مري وڃن هان۔
اسان پنهنجي بد قسمتي چئون، يا هن ڏاڏي قائم علي شاهه ( ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير ٿيندڙ ) جي خوشقسمتي چئون، يا جهڙي عوام اهڙو حڪمران وارو فارمولو چئون، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو اسان جي هن سون جهڙي سنڌ جي ماڻهن جي سورن ۽ تڪليفن تي ڪا تڪليف محسوس ٿيندي نظر نه ٿي اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بس ڳالهه وڃي هن ڳالهه تي پهتي آهي هاڻ گهڻو ٿيو، گهڻي دهشتگردي برداشت ڪئي آهي ڪراچي ۾.... آخر مجبور ٿي سنڌ جي وڏي وزير کي بندوق کڻڻي پئي.... پوليس ۽ رينجرس به ٻوٽو ٻاري نه سگهي، پر هاڻ لڳي ٿو دهشتگردن کي ميدان ڇڏڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير فل فليج نشاني بازي سکي ورتي آهي. هاڻ سمورا دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلرز قائم شاهه جي نشاني تي آهن. متا ويا آهيو....
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: