جڏهن سنڌ ۾ مائرون غربت جي ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور هجن ، جنهن سنڌ ۾ مارا ماري عروج تي هجي ، هر روز سنڌ ۾ وحشي مردن جون بندوقون نياڻين جي سينن تي هجن، قبيلائي جهيڙا چوٽ تي هجن ۽ انهن قبيلائي جهيڙن ، انهن ڪارو ڪاري جي رسمن ۾ سوين ، هزارين نياڻيون ۽ مظلوم گولين جو کاڄ بڻجندا رهيا آهن ۽ ان سنڌ ۾ ۽ سنڌ جي ان قبيلائي جهيڙن جي ڳڙهه قمبر ۾ رائفل شوٽنگ شو ڪالهه ٿيو ، ۽ ان ڏنيهن ۽ ان علائقي ۾ ئي چانڊيا ۽ بليدي تڪرار ۾ ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، ۽ سندن مائرون هنجون هاريندي رهجي ويون۔۔ هي ڄٽ وڏيرا ۽ جاهل سردار رائفل شوٽنگ شو ملهائي عام سنڌين کي ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيا آهن، سنڌ ڌرتي ته امن جي ڌرتي آهي ۽ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اها ڌرتي هٿيارن کان پاڪ گهرجي، لطيف جي سنڌ ۾ اهڙي شوٽنگ نه گهرجي۔ اهي جاهل وڏيرا ۽ سردار اهڙي شوٽنگ ڪري سنڌ جي گهوٽ لطيف جي روح کي تڙپائي رهيا آهن۔ ۽ جڏهن سنڌ امن ڏانهن واجهائي رهي هجي ته اسان جي حڪومت جا نمائنده خيرپور جي گنجڙي وزير اعلي سميت اچي رائفل شوٽنگ شو ۾ حصو وٺن ٿا۔۔۔۔ شايد هن جاهل حڪومت نمائندن کي ڪراچي ۾ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ مائرن جون هنجون خالي ٿندي نظر نٿيون اچن، انهن جو ڪيهون هنن صاحبن کي ٻڌڻ ۾ ڪا نه پيون اچن۔ ڇو ته اسان جا نمائنده ۽ اسان جي حڪومت انڌي ، ٻوڙِي ۽ گونگي آهي۔۔۔۽اسان مان اهي سڀ جاهل آهن، لطيف جي سنڌ جي امن جا دشمن آهن جن هنن جاهلن کي ووٽ ڏيئي اسيمبلي ۾ پهچايو۔۔۔ رسول بخش جوڻيجو