• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جاهل حڪومت۔۔۔۔۔۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔رائفل شوٽنگ شو

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
جڏهن سنڌ ۾ مائرون غربت جي ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور هجن ، جنهن سنڌ ۾ مارا ماري عروج تي هجي ، هر روز سنڌ ۾ وحشي مردن جون بندوقون نياڻين جي سينن تي هجن، قبيلائي جهيڙا چوٽ تي هجن ۽ انهن قبيلائي جهيڙن ، انهن ڪارو ڪاري جي رسمن ۾ سوين ، هزارين نياڻيون ۽ مظلوم گولين جو کاڄ بڻجندا رهيا آهن ۽ ان سنڌ ۾ ۽ سنڌ جي ان قبيلائي جهيڙن جي ڳڙهه قمبر ۾ رائفل شوٽنگ شو ڪالهه ٿيو ، ۽ ان ڏنيهن ۽ ان علائقي ۾ ئي چانڊيا ۽ بليدي تڪرار ۾ ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، ۽ سندن مائرون هنجون هاريندي رهجي ويون۔۔
هي ڄٽ وڏيرا ۽ جاهل سردار رائفل شوٽنگ شو ملهائي عام سنڌين کي ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيا آهن، سنڌ ڌرتي ته امن جي ڌرتي آهي ۽ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اها ڌرتي هٿيارن کان پاڪ گهرجي، لطيف جي سنڌ ۾ اهڙي شوٽنگ نه گهرجي۔ اهي جاهل وڏيرا ۽ سردار اهڙي شوٽنگ ڪري سنڌ جي گهوٽ لطيف جي روح کي تڙپائي رهيا آهن۔
۽ جڏهن سنڌ امن ڏانهن واجهائي رهي هجي ته اسان جي حڪومت جا نمائنده خيرپور جي گنجڙي وزير اعلي سميت اچي رائفل شوٽنگ شو ۾ حصو وٺن ٿا۔۔۔۔ شايد هن جاهل حڪومت نمائندن کي ڪراچي ۾ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ مائرن جون هنجون خالي ٿندي نظر نٿيون اچن، انهن جو ڪيهون هنن صاحبن کي ٻڌڻ ۾ ڪا نه پيون اچن۔ ڇو ته اسان جا نمائنده ۽ اسان جي حڪومت انڌي ، ٻوڙِي ۽ گونگي آهي۔۔۔۽اسان مان اهي سڀ جاهل آهن، لطيف جي سنڌ جي امن جا دشمن آهن جن هنن جاهلن کي ووٽ ڏيئي اسيمبلي ۾ پهچايو۔۔۔
رسول بخش جوڻيجو
 
Back
Top