اليڪشن ۾ استعمال ٿيندڙ مقناطيسي مس جي مسئلي جو اصلي رُخ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    اهو پنو جنهن تي اها مس نه لڳڻي هئي۔

    [​IMG]
    اهو پنو جنهن تي اها مس لڳڻي هئي۔
    قدرت پاران هر انسان جي اک جي ريٽينا توڙي آڱوٺي جي نشان کي هڪ ٻئي کان الڳ رکيو ويو آهي۔ انسان جي جاکوڙي ذهن سدائين هر ڳالهه ۾ اهڙي منفرد شئي کي ڪنهن بهترين استعمال هيٺ آندو آهي۔ ايئن ئي سالن کان آڱوٺي جو نشان ڪنهن ماڻهو جي سڃاڻپ ۾ شڪ جي منهن تي پڪ جو منڌيئڙو ڏيڻ خاطر استعمال ٿيندو رهيو آهي۔
    ٻين مُلڪن ۾ ته ڪافي اڳ مقناطيسي مس استعمال ٿي ۽ شايد ڪٿي ڪٿي اڃان به ٿيندي هُجي پر گهڻو ڪري اليڪٽرانڪ مشينن جي استعمال ۽ ٽچ پيڊ اهو ڪم سؤلو ڪري وڌو آهي ته ٿوري خرچ ۾ ۽ بنا ڪنهن جا هٿ خراب ڪرڻ جي هن جي آڱوٺي جو نشان وٺي وٺجي۔ پر جيئن ته اليڪشن جهڙي موقعي تي ڪنهن مُلڪ جي گورنمنٽ پاران جهر جهنگ ۾ اها مشين پُهچائڻ ۽ انهيءَ جو ان وقت يا پوءِ ان جي رڪراڊ مان تصديق ڪرڻ نا ممڪن نه ته به اِلاهي ڏکيو ضرور آهي۔ انهيءَ تناظر ۾ هڪ وچون حل اهو ڪڍيو ويو ته هڪ اهڙي مس تيار ڪجي جنهن سان لڳل آڱوٺي جو نشان ان مهل نه پر ڪُجهه وقت پوءِ به مشين پڙهي سگهي۔ جيئن ته عام مس مشين نه ٿي پڙهي سگهي تنهنڪري مس ۾ لوهه جا ننڍي سائيز جا ذرا Iron Nano Particles وِڌا ويا جيڪي آڱرين جي نشانن جي ٿولهه کان به ننڍا هوندا آهن ۽ مس سان گڏ آڱرين جي اُڀار تي اچي بيهندا آهن ۽ جتي آڱوٺو لڳي ٿو اُتي رهجي ويندا آهن. جيڪو مشين لاءِ پڙهڻ ۽ اڳ (سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ مهل مشين تي هنيل آڱوٺي جو نشان) ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا سان ڀيٽ ٿي سگهندا آهن.
    اهو ئي ڪُجهه 2013 جي الڪيشن ۾ به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن پاران هڪ تحقيقي اداري جي ذِمي اهو ڪم ڏنو ويو. جتي وڏو وقت تجربا ٿيندا رهيا ته اهي لوهي ذرا ڪيترا هُجن. مس ڪيتري هُجي جو نه گهٽ ٿئي نه وري صحيح نشان بجاءِ رڳو ليپو ڏيئي ڇڏي. ڪافي ڪوشش کان پوءِ ڪُجهه سئمپل اليڪشن ڪميشن پاران (نادرا کان قبوليت ملڻ تي) چونڊيا ويا ۽ اهي ئي لکن جي تعداد ۾ تيار ڪيا ويا.
    هاڻ اصل مسئلو هو اهي استعمال ڪرڻ جو. پاڻ وٽ مٿين سطح تي پاليسي ٺهڻ يا شئي جو تيار ٿيڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي. پر اصل ڳالهه هوندي آهي انهيءَ جو لاڳو ٿيڻ. اليڪشن جو ڪم عملي طور ماستر برادري تي ۽ نظام سنڀالڻ لاءِ جج صاحبان جي مدد ورتي ويندي آهي. استادن کي نه ملڻ جيترو معاوضو ملڻ ۽ پُڇا ڳاڇا نه هُجڻ ڪري اهي هر ڪم سدائين آسان وٺندا آهن. ڀلا جي ڪا پڪڙ ٿي به ته ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو واري ڪار ته آهي ئي. تنهنڪري ڪنهن کي ڪا فڪر نه هوندي آهي. ياد ٿو اچي ته هڪ ماستر (جيڪو سؤٽ به ٿئي) ٻُڌايو ته ”اها مس استعمال ڪرڻ جي ٽريننگ تي وياسين ته سڄو ڏينهن ويهاري شام جو ٿڌي برياني ۽ گرم جوس ڏيئي چيو ويو اوهان کي مس جي استعمال جو طريقو اليڪشن واري ڏينهن ملندو سو به لکت ۾“. اهو الائي کين مليو الائي نه. مليو به هوندو ته ايجنٽ، اميدوار، با اثر ماڻهن جي ڊپ ۽ پيهه پيهان ۾ ڪنهن پڙهيو يا نه اها ڪنهن کي خبر؟
    انتهائي اهم ڳالهه هئي انهيءَ مس کي استعمال ڪرڻ جي ته اها صرف اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ووٽر لسٽ تي فوٽو جي ڀرسان لڳڻي هئي. جنهن جو پنو اُنهيءَ معيار جو هو جنهن تي اها مخصوص مقناطيسي مس لڳي ۽ بيهي سگهي. جڏهن ته بيلٽ پيپر جي ڦاڙڻ کان پوءِ بچيل حصي جي پني جو معيار اهو نه هو جو اها مس انهيءَ تي بيهي سگهي يا اهو پنو مشين کي پڙهائي سگهجي. پر اليڪشن عملي اڪثر ته اهي پيڊ وِڌا کيسي ۾ (ڇو ته اهي ڏسڻ ۾ سُٺا ٿي آيا) يا صحيح جاءِ تي لا علمي ۾ استعمال نه ڪيا ويا. جيڪي عام پيڊ هئا (بيلٽ پيپير تي هڻڻ لاءِ هُنن اهي ئي سڀني هنڌ هلايا جن ۾ مقناطيسي مَس هئي ئي ڪانه) يا وري ڪي ڪٿي استعما ڪيا ته ڪي ڪٿي.
    هاڻ جڏهن اليڪشن ڪميشن لسٽ موڪلي ٿي نادرا ۾ ته صرف اها لسٽ ٿي وڃي جيڪا مقناطيسي مس لاءِ مقرر هئي. يعني اميدوار جي فوٽو واري اڇي پني واري لسٽ. ظاهر آهي صحيح طرقيي سان ڪم ته سڄي تڪ ۾ ڪو 5 فيصد عملي مس ڪيو هوندو. اهڙي طرح 50000 مان رڳو 500 وؤٽ تصديق ٿيڻ يقيني هو.
    بهتر ٿيندو ته اها ڳالهه ميڊيا ذريعي توڙي ٻين طريقن سان عام عوام توڙي عملي کي بار بار ٻُڌائي وڃي ته رڳو ٿوري احتياط سان ڪوڙين رپين سان تيار ٿيندڙ اها مس ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿيڻي آهي؟
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    يار اڄ ڪلهه اهو مسئلو هلي پيو اسان جهڙن جي لا مقناطيسي مس جي اصطلاح به جهڙو ڏٻي ۾ ٺڪريون هجن پر هاڻي اوهان جي ڏنل ڄاڻ جي آڌار تي اسان ڪنهن محفل ۾ مقناطيسي مس جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ جو ڌاڪو ڄمائي وينداسين، وڏي مهرباني اهڙي ڪم جي ڄاڻ ڏني اٿئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته ڪم ته سڀني جا لهي ويا ۔۔۔ جن ڌاڌلي ۽ جن نه ڪئي ۔۔۔ هاڻي سڀني جي آڱوٺن جي چڪاس ڪبي ته نتيجو زيرو ۔۔۔ !!!

    مطلب ته ڳالهه جتي هئي اتي ئي رهجي وئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي مّضمون اڄوڪي جيجل جي صفحي نمبر 7 تي ڇپيو آهي۔ ادي سهڻي پارس جون مهربانيون

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم عبدالحفيظ جن جي مضمون مان ڪافي ڄاڻ ملي اليڪشن ۾ ڊيوٽي اسان جي به هئي ليڪن ٽرينر اسان کي فقط ايترو ٻڌايو ته ڪم جو طريقو هي آهي باقي مس ۾ ڇا آهي اهو ته نه ٻڌايو هو بهرحال توهان جي ڳالهه وانگر ته اگر صحيح تربيت ڏئي ڪم هلايو وڃي ته بهتر نتيجا ايندا۔ هاڻي ته مٿيان ڪارڪن به چون ٿا ته اسان پنهنجو به آڱوٺي جو نشان سڃاڻي نه سگهنداسين مقصد ته اهي مگر مڇ چاهين ئي اهو ٿا ته اگر بالڪل شفاف ڪم ٿيو ته پنهنجو ڪم جڳاڙ وارو نه هلي سگهندو تنهن ڪري اهڙي واضح معلومات ڏين ڇو؟۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادي سهڻي پارس جي مهرباني. هي ليک جيڪر سڀ پڙهن ته اصل حقيقت سامهون اچي ته بليم گيم ڇڏي اصل شئي کي ڪيئن سمجهبو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    اها 2011 جي اليڪشن ڪهڙي آهي؟
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تصحيح لاءِ مهرباني
     
  9. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    تمام بهترين معلومات ! هڪ ٻئي آگاهي به ڏيندا. چوڌري نثار موجب ته مس فقط ڪجهه عرصي تائين پنهنجو ڪم ڪندي آهي، اُن کان پو ميگنيٽڪ انڪ به ويريفڪيشن ۾ مدد ناهي فراهم ڪندي جنهن سبب هُن 60 کان 70 هزار ووٽ ناقابل تصديق چيا... ڇا ائين آهي ته هي مس ڪجهه عرصي تائين مدد ڏئي سگهي ٿي پو ان جو اثر نٿو رهي؟
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ها اهو به ممڪن آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    مطلب ته مقناطيسي مس پائيدار حل ناهي .. پر جيئن هاڻي موبائيل سِم بائيوميٽرڪ ذريعي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن پي ٽي اي نادرا جي مدد سان 7، 8 ڪروڙ ماڻهن جو ڊيٽا مينٽين ڪري سگهي ٿي ته اليڪشن ۾ به بائيوميٽرڪ سسٽم ڇو نٿو آڻي سگهجي. پر نيت ڪير ڪري :)
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بائيوميٽرڪ سسٽم ئي سڀ کان سٺو علاج آهي .... پر هاڻ جي ايئن ٿيو ته ڪيئي پارٽيون ٻاهر ٿينديون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو