ادا انسان ڪنهن به حال ۾ خوش نه آهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن گرمي هوندي آهي ته اسان اهيا دانهن ڪندا آهيون ته اباڙي گرمي گرمي۔۽ وري سردي هوندي آهي ته تڏهن به اسان جي ساڳي دانهن هوندي آهي۔پر منهنجي پسند سردي جي موسم آهي۔ پوء ڇو نه ڪيڏي به سردي هجي۔موسم کڻي ڪهڙي به پسند هجي مگر محنت ناهي ڇڏڻي، ۽ بقول شاهه صاحب ته۔
تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي۔
متان ٿئي اونداه پير نه لهين پرين جو
تمام تعريفون انهيء ذات جون جنهن هن خوبصورت ڪائنات کي پنهنجي قدرت سان خوبصورت انداز ۾ تمام سهڻو تخليق ڪيو۔۽ انسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء بي شمار نعمتون پيدا ڪيون آهن۔
جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو اوترو گهٽ آ۔الله جي پيدا ڪيل انهن نعمتن مان موسم به هڪ وڏي نعمت آهي۔ موسم ڇا آهي، موسم الله جي اهانعمت آهي جيڪا اسان جي چوڌاري هر وقت هر حال هر دور ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي زندگي جو هڪ اهم ۽ خاص حصو آهي، جنهن جو اثر انسان جي رنگ مذاج ۽ صحت تي پڻ ٿئي ٿو۔ موسم جي تبديلي سان ئي دنيا جو وهنوار ۽ نظام هلي پيو ۽ ان جي مڪمل حڪمت ته رب جي ذات ئي ڄاڻي ٿي جنهن کان دنيا جو ڪو به علم لڪل نه آهي۔۔۔۔۔۔۔ موسم هر علائقي جي حسان سان الڳ الڳ اثر رکي ٿي، دنيا ۾ سال جون چار موسمون ڳڻيون وڃن ٿيون جنهن ۾ سيارو، اونهارو، سرء ۽ بهار شامل آهي۔
موسم بهارـــــــــ هڪ رُت، جيڪا سياري کان پوءِ اچي ٿيموسمن۾
سڀ کان پسنديده موسم، موسم بهار آهي، موسم بهار اچڻ سان ماڻهن جي چهرنتي پڻ موسم بهار نظر اچڻ لڳي ٿي۔
موسم بهار جو اثر نه صرف ماڻهن تي پر ٻوٽنتي وڻن تي جانورن، ۽ پکين تي پڻ ٿئي ٿو۔
اونهاروـــــــــ گرميءَ جي مُند، آرهڙ. شمسي سال جي حساب سان
اپريل جو اڌ، مئي، جون، جولاءِ ۽
آگسٽ جو اڌ، اونهاري جا مهينا ليکيا ويندا آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ اسان جو ٻين موسمن کان وڌيڪ ٽائيم اونهاري جي موسم ۾ گذري ٿو۔ اونهارو سال جي مڙني موسمن کان وڏي موسم آهي، ۽هن موسم ۾ گرمي تمام گهڻي ٿئي ٿي، ۽ سال جو وڏي مان وڏو ڏينهن به هن موسم ۾ 21 جونجو ٿئي ٿو۔۔
۔(جت لُڪ لڳي ۽ اڪ پچن سو ديس مسافر منهنجو ڙي۔اياز )
۔سرءُ ــــــــ هن موسم ۾ تمام وڻن جا پن ڇڻي ويندا آهن ۽ وري نوان پن ڦٽندا آهن، ۽ ڄڻ ته وڻ پنهنجو ويس تبديل ڪندا ۔۔
۔
سياروــــــــ سيارو اسان جي ملڪ جي هڪ بهترين موسم آهي، هن موسم ۾ گرم ڪپڙا استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ خشڪ ميوو پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو تفصيل پڻ هيٺ ڏنو ويو آهي۔ اڄلڪهه اسان جي ملڪ ۾ سياري جي موسم جي شروعات آهي۔ ۽ سيارو پنهنجو جوڀن ڏيکاري رهيو آهي۔ مٿان وري هت ڪراچي ۾ جهڙ پڻ ٿئي ويو آهي۔ ۽ لڳي ٿو ته ڪو مينهن جو به وسڪارو ٿئي۔