منهنجو هڪ غزل اوهان جي نظر

وهاب جروار

سينيئر رڪن
وهاب جروار

ڪنهن کي آهي پيار اندر ۾
ڪنهن کي آ تڪرار اندر ۾

ڪي ڪي مرڪي ملندا آهن
رکندي درد هزار اندر ۾۔

مکڙين کي مرجهائن ٿا پيا
ٿوهر بڇڙا خار اندر ۾

ظاهر ۾ ڄڻ وڏڙا ماڻهو
آهن بلڪل ٻار اندر ۾۔​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top