آشا چاند ۔۔۔انٽرويو وهاب جروار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وهاب جروار طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2013۔

  1. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
    حيدرآباد (انٽرويو: وهاب جروار) ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندڙ مشهور اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتم چنداڻي جي نياڻي ۽ هندستان توڙي دبئي ۾ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جاکوڙيندڙ آشا چاند چيو آهي ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت خطري ۾ آهي، سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ٽي وي چئنل کولڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، جنهن لاءِ وزيراعظم من موهن سنگهه کي سنڌين پاران 10 لک پوسٽ ڪارڊ پڻ موڪليا ويا آهن، هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل آهن، جنهن ڪري اسان هڪ آواز نٿا بڻجي سگهون، ”روزاني ڪاوش“ کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ سنڌي ٻولي لاءِ جاکوڙيندڙ اديبه ۽ ليکڪا آشا چاند جو چوڻ هو ته منهنجي پيدائش ته هندستان ۾ ٿي پر ننڍي هوندي کان ئي والدين کان سنڌ بابت گهڻو ٻڌندي ۽ پڙهندي هئس، سنڌ سان ويجهڙائپ والدين جي ڪري ٿي، بابا اي جي اتم هندستان ۾ ماهوار سنڌي مئگزين شايع ڪيو، روزاني ”سنڌي سماچار“ اخبار پڻ ڪڍڻ چاهي پر اها ريگيولر نه هلي سگهي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هنن جدوجهد ڪئي، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون هيون، سيمينار ۽ ڪلچرل شو ٿيندا هئا، ڏهن ٻارنهن سالن جي عمر جي هوندي به انهن ۾ شرڪت ڪندي هئس، جنهن ڪري ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان لڳاءُ پيدا ٿيو، 1964ع ۾ امڙ سنڌ آئي، جنهن بعد شيخ اياز هندستان آيو، شيخ اياز ۽ اسين سڀ گهر ڀاتي سمنڊ ڪناري ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين، جيڪي اڄ به ياد آهن، آشا چاند ٻڌايو ته سنڌ اسان جي ڌرتي آهي، اسان انهي کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏي نٿا سگهون، سنڌ اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ سڀ سنڌي اسان جا ڀائر آهن، سنڌ اچي جيڪو پيار ۽ مان مليو آهي انهي کي سڄي زندگي وساري نٿي سگهان، هڪ سوال جي جواب ۾ آشا چاند ٻڌايو ته هندستان ۾سنڌي ٻولي جو وجود ۽ ثقافت خطري ۾ آهي، ڪا به اهڙي سنڌي اخبار نه آهي، جيڪا روزاني سنڌين تائين پهچي سگهي، هندستان ۾ 60 کان 70 لک سنڌي رهن ٿا، جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن، ممبئي ۾ يارنهن ٻارنهن لک، گجرات ۾ به يارنهن ٻارنهن لک، نئين دهلي، اجمير شريف، جئه پور، ڪولڪتا ۽ راجسٿان ۾ به سنڌي رهن ٿا جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن، انهن وچ ۾ رابطي جو ڪو به ذريعو نه آهي، هندستان ۾ سنڌي ٻولي جي بقا ۽ واڌ ويجهه لاءِ اسين سنڌي ٽي وي چئنل کولرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، 10 لک کان وڌيڪ سنڌين ٽي وي چئنل کولڻ لاءِ وزيراعظم کي پوسٽ ڪارڊ پڻ موڪليا آهن، هن ٻڌايو ته سنڌي بزنس ڪميونٽي کي سنڌي ٻولي جي چئنل ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي نه ئي انهن کي سنڌي ٻولي کي خطري جو ڪو احساس آهي، هڪ ٽي وي چئنل کولرائڻ لاءِ 20 ڪروڙ رپيا سالياني رقم گهرجي، سنڌ ۾ پڻ پهرين سنڌي ٽي وي چئنل ”ڪي ٽي اين“ کولڻ لاءِ مشڪلاتون پيش آيون ، آشا چاند ٻڌايو ته هندستان ۾ ٻارن کي سنڌي لپي سيکارڻ لاءِ ڪو به اسڪول نه آهي، انهي ڪري سنڌين جا ٻار به هينئر سنڌي نه پيا سکي سگهن ۽ نه ئي اتي ڪي سنڌي ادارا آهن جن جو ٻارن ۽ نوجوانن کي ڪو فائدو پهچي سگهي ته پوءِ نوجوان سنڌي ڇو سکن؟ هن ٻڌايو ته هندستان ۾ سنڌي ڄاڻڻ جي ڪري ڪا به نوڪري نٿي ملي، اسين چاهيون ٿا ته دبئي ۾ سنڌي بزنس ڪميونٽي کي پابند ڪريون ته نوڪرين لاءِ سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهن جي سنڌي ٻولي ۾ دلچسپي وڌي، سنڌي اديبه آشا چاند ٻڌايو ته هندستان ۾ نوجوان نسل کي سنڌي لپي جي ڄاڻ نه هئڻ ڪري سنڌي ڪتاب پڙهڻ جو رجحان پڻ گهٽ آهي، جنهن ڪري مون پنهنجي امڙ (سندري اتم چنداڻي) ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش ۽ ٻين جو ڪهاڻيون آڊيو رڪارڊ ڪري انٽرنيٽ تي رکيون آهن، سنڌ ۾ پڻ انهي تي ڪم ٿيڻ گهرجي، ڪهاڻيون، غزل ۽ گيت آواز ۾ رڪارڊ ڪري انٽرنيٽ تي رکبا ته هندستان جي ڌرتي سميت پوري دنيا ۾ پهچي سگهندا، هڪ سوال جي جواب ۾ آشا چاند جو چوڻ هو ته اسين چاهيون ٿا ته موجوده سنڌي لپي قائم رهي ته جيئن لاڳاپا قائم رهن پر جيڪڏهن لپي تبديل ڪئي وڃي ته انهي کي ديوناگري بدران رومن لپي ۾ آندو وڃي، ڇاڪاڻ جو انگريزي تائين سڀني جي پهچ آهي، انهي سان پڻ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ٿي سگهندي، آشا چاند هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته هتان لڏي ويل سنڌي هندستان ۾ شاهوڪار آهن، اڪثر سنڌين جي سياسي سوچ گهٽ آهي پر جن کي به سياسي سوچ آهي، اهي بي جي پي طرف لاڙو رکن ٿا، ايل ڪي آڏواڻي، رام جيٺ ملاڻي، سريش ڪيسواڻي ۽ ٻيا به بي جي پي ۾ ئي آهن، ڀارت ۾ سنڌين کي زبردست ليڊر جي ضرورت آهي، هن وقت هندستان ۾ سنڌين جو ڪو به سياسي ليڊر نه آهي.
    آشاچاند:هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي جي سفير
    حيدرآباد:هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي جي سچي سفير آشا چاند سنڌي ٻولي جي مشهور اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتم چنداڻي جي گهر 23 مارچ 1951ع تي ممبئي ۾ جنم ورتو، هن بي اي ايڪنامڪس ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي، هن پنهنجي مڙس چاند پنجابي سان گڏجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽيلي فلم پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر رهي آهي، هن هندستان ۽ دبئي جي نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻولي لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي سي ڊيون تيار ڪيون آهن جن ۾ سڀ کان مقبول سي ڊي (اچو ته سنڌي سکون) آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ هزارين سنڌين تائين پهچي چڪي آهي، آشا چاند سنڌي ٻارن لاءِ دلچسپ ڪهاڻين، گيتن ۽ راندين تي مشتمل سي ڊي پڻ تيار ڪئي آهي، هن جئه سنڌي پبليڪيشن قائم ڪري پنهنجي ماءُ پيءَ جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، هن 2000ع ۾ دبئي ۾ سنڌي سنگت نالي آرگنائيزيشن قائم ڪري دلچسپ ٽيلر فلمون ۽ سنڌي ميوزڪ وڊيو پڻ تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيون آهن، جن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي، هن 25 کان وڌيڪ ٽيلي فلمون تيار ڪيون آهن جيڪي هندستان جي ٽي وي چئنلن تي پڻ هلي چڪيون آهن، هو هن وقت هندستان ۾ سنڌي ٽي وي چينل آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آشا چاند جون سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي هند ۽ پرڏيهه ۾ جياپي لاء ڪيل ڪاوشون قابل تعريف آهن۔ هن دفعي جڏهن پاڻ سنڌ آئي ته سچل ڳوٺ ۾ ساڻس ڪيل ملاقات ۾ ڪمپيوٽر ۽ ميڊيا ذريعي ڪيئن پنهنجي ادب جي آبياري ڪيون ۔۔ ڪافي بحث مباحثو ٿيو ۽ خيالن جي ڏيٺ ويٺ ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو