داستان ٻيو 1 نَڪو ايرُ نه ڀيـرُ، نَڪو اوٺِي آيو؛ مون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائِران ڀَري پيـرَ؛ ڪِتابَتُون ڪيـرُ، آڻي ڏِيندُمِ اُنِ جُون؟ 2 اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو هُتي جو هِتِ هيـرَ؛ ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِــيَنِ سَرها سيرَ؛ آءُ ته اکِيين اُگھان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛ اللهَ لَـڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛ ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجھي مُون هِنئون! 3 جي اَمُرُ هَنيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟ واڳِـــيُون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙهي چِيهَن؛ رُئان راتون ڏِينهَن، جِئَن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گھڻا. 4 ٿَـرَ ٿـرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛ لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛ عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران. 5 سَهَسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛ اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛ جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنهنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيـين. 6 سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛ واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛ مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرِ ناهِ اُڪِيرَ؛ هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان! 7 سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينهُن نه ڪَچوئي؛ کَٿِيءَ وَٽِــيُون کُٿِيـُون، سَتِي سِيڻي سي؛ مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، ته لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِــيُون!