سنڌ جو ڪامل ولي بزرگ وتايو فقير ترتيب ۽ چونڊخادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خادم ًگهراڻو طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2013۔

  1. خادم ًگهراڻو

    خادم ًگهراڻو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پرائمري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سنڌ جو ڪامل ولي بزرگ وتايو فقير ترتيب ۽ چونڊخادم گهراڻو

    سنڌ ۾ ڪيترائي ڪامل ولي بزرگ ٿي گذريا آهن جن سنڌ جو شان مان وڌايو اسان جي سنڌ کي اهو ناز آهي ته جتي شاھ لطيف ، سچل سرمست ۽ مصري شاھ وغيره جھڙا عظيم شاعر هئا ان ڌرتي تي وتائي فقير جھڙا به بزرگ حئا جن ماڻهن کي گفتن ۽ نقطن ۾ هڪ سهڻي ڳالهه ٻڌائي انهن بزرگن مان وطايو فقير به هڪ آهي هن جي باري ۾ ڪابه جامع معلومات نه آهي جس آهي محترم عبدالقادر منگي جن کي جس هجي جن وطايو فقير تي سيمينار ڪرايو جنهن ڪري اديبن تحقيق ڪري هن بزرگ تي لکيو جنهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو پر افسوس ته اهي ڪتاب به 1985 ۽ 1986 ۾ شايع ٿيا جنهن کان پوءِ وري شايع نه ٿيا . انهن ڪتابن مان جن جا نالا درويش وتايو فقير 1986 ۽ وتايو فقير 1985 ع ۾ شايع ٿيا انهن ۾ جن ليکڪن لکيو انهن جي مواد مان ڄاڻ خاطر ڪجھه ٽڪرا هتي ترتيب ڏنا ويا آهن جنهن مان هن بزرگ جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي ٿي .معمور يوسفاڻي جن لکن ٿا دلوراءِ سومري جي دؤر ۾ ڪيترائي لوهاڻا برهمڻ آباد جي ايراضي ڇڏي عمرڪوٽ اچي رهيا جيڪي ڪپڙي جا مشهور واپاري هئا ان ئي خاندان ۾ وتايو فقير پيدا ٿيو وتائي فقير جو والد ۽ چاچو ڪپڙي جا وڏا واپاري هئا هڪ روايت آهي ته وتائي فقير جو والد ميلورام ۽ چاچو ساڌو رام هو اهي واپار سان گڏ ڀڳت به هئا وتائي فقير جو چاچو ۽ والد اگھاماڻي پهچندي بزرگن جي فيض سان مسلمان ٿيا . ميلو رام جو نالو شيخ عبدالحليم ۽ ساڌو رام جو نالو عبدالعليم رکيو ويو شيخ عبدالمعالي ولد عبدالحليم کي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو مدرسي ۾ سندس نالو شيخ الله وارو مشهور ٿي ويو کيس گھڻِ هل هلان ۽ وت وتان سبب شاگرد ۽ شهري وتايو سڏڻ لڳا شيخ عبدالعالي جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته پاڻ نصرپور جو قاضي به وتائي فقير جي وفات 1125هجري جي بعد آهي سندس مزار سندس سؤٽ شيخ لهندڙي جي قبي لڳ آهي . محمد پناهه ڦرڙو جن لکن ٿا وتائي فقير کي ڪي نصرپور ڪي عمر ڪوٽ ۽ ڪي ٽنڊوالهيار جو باشندو سڏين ٿا ڪي سندس جنم پنجاب گجرات چون ٿا وتائي فقير بابت هڪ هفتيوار اخبار لکيو ته وتايو فقير هندو کٽي هو سندس نالو وتو هو سندس جنم ڀومي تاجپور آهي پوءِ سندس عزيز نصرپور ۾ رهيا وتائي جو مڱڻو عمرڪوٽ مان ڪرايو ويو هو وتايو فقير ماءُ ۽ زال سميت مسلمان ٿيو سندس اسلامي نالو شيخ طاهر رکيو ويو .وتايو فقير ٻارهين هجري ۾ ٿي گذريو آهي وتائي فقير جا گفتا سليس سادي ۽ سولي زبان ۾ آهن . ولي محمد طاهرزادو جن لکن ٿا عمرڪوٽ کان اٽڪل ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي مهراڻو درياءُ مستي ۾ موجون هڻندڙ هو ان جي ڪنڌيءَ تي هندو کترين کٽين جا گھر واپري ڪوٺيون هنيون ميلهو رام ۽ ساڌو رام سکيا ستابا هئا سمن جي صاحبي جو پويون پهر هو ميلهو رام کي نينگر ڄائو جنهن جو نالو وطن مل رکيو ويو ماءُ پيار مان وطو وطو ڪري ڪوٺيندي هئي هي اتان لڏي اگھاماڻي آيا جيڪو اوج تي هو وسندڙ شهر هو آدمشماري اٺ ڏهه هزار هيس مخدوم مولانا محمد اسماعيل سومري جي درسگاهه هئي اگھاماڻي اچڻ کان پوءِ هنن جي ريت رسم مسلامنن سان ملي ويون هي سومري صاحب جي هٿ تي بيعيت ڪري مسلمان ٿيا ميلهو رام جو عبدالحليم ۽ ساڌو رام جو عبدالعليم نالو رکيو ويو شيخ عبدالعليم کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو شيخ عبدالعالي رکيو ويو وتائي کي پڙهڻ سان پرت نه هئي وتائي کي پيءُ جي وفات کان پوءِ ماءُ پتڻي مهاڻي حوالي ڪيو ساڱري درياءُ تي پتڻ ڍوئي پنهنجو ۽ پنهنجي ماءُ گذران ڪندو هو ترخانن جي دور ۾ نصرپور سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو شيخ عالي ( شيخ لهندڙو ) کي نصرپور جو قاضي مقرر ڪيو ويو .پروفيسر عبدالغفور ميمڻ سنڌي جن لکن ٿا وتايو فقير اصل هندو نسل مان هو سندس پاءُ امرسنگ اجواڻي هو جيڪو تاجپور پنجاب جو رهاڪو هو سندس ماءُ جو نالو رڪشي ٻائي هو کيس ٽي پٽ ورايو ، وسايو ،وتايو ۽ هڪ نياڻي ورائي ٻائي هئي وتايو سڀني کان ننڍو هو پيار مان وتو ڪري سڏيندا هئا سندس جنم 12 جنوري 1768ع ۾ ٿيو ڪن سببن جي ڪري لڏي اچي نصرپور سنڌ ۾ رهيا وتائي فقير جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي فقيري واري هئي عمرڪوٽ مان سندس شادي به ٿي هئي زال ۽ ماءُ سميت مسلمان ٿيو هو جيئن ته پاڻ وتو جي نالي سان مشهور هو ۽ وتايو سڏائڻ لڳو سندس جيون ساٿي گھڻو جٽاءُ نه ڪيو ماءُ جي خدمت کي افضل عبادت سمجھندو هو اربع جي ڏينهن 63 سالن جي عمر ۾ 22ذوالحج 1247 هجري مطابق 19 جون 1831 ع ٽنڊوالهيار ۾ وفات ڪيائين . سيد گل محمد شاهه رضوي جن لکن ٿا نصرپور جو شهر سنڌو درياءُ تي آباد هو ٿر مارواڙ ڪڇ ۾ ڏڪار پوندو هو ته اتي جا ماڻهو اچي هتي پورهيو ڪندا هئا انهن مان هڪ درويس پنهنجي ماءُ سان گڏ اگھم ڪوٽ اگھاماڻي آيو پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ماءُ جو پيٽ ڀرڻ لڳو هتي ئي رهي پيو مسلمان درويشن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري مسلامن ٿيو سندس نالو وتايو رکيو ويو وتايو فقير ڳوٺ ڳوٺ جو سير ڪندو اچي ٽنڊوالهيار نڪتو ۽ هتي ئي رهي پيو جڏهن سندس ماءُ وفات ڪئي ته اڪيلو ٿي ويو پوءَ نصرپور ۽ ٻين شهرن ۾ رهڻ لڳو . محمد يوسف شاڪر ابڙو جن لکن ٿا وتائي فقير جي ڄمڻ جاءِ بابت گھڻيون روايتون مشهور آهن حيدرآباد جي ڪنهن ڪتب فروش هن بزرگ جي نالي هڪ ڪتاب ڇپايو جنهن ۾ هن بزرگ جو نالو الله وڌايو پوءِ وڌايو آخر ۾ وتايو ٻڌايو 1984ع ۾ عبرت اخبار ۾ هڪ مضمون ڇپيو جنهن ۾ هن بزرگ جي ڄمڻ جي جاءِ تاجپور ٻڌائي ويئي هئي پر لکيو اٿس ته اها تاجپور پنجاب ۾ آهي جيئن ته آئون نصرپور جو آهيان وتائي فقير جو تعلق به نصرپور سان آهي منهنجو استاد سرڳواسي ڍالو مل ۽ ان جو ڀاءُ ڀڳت گوپال داس . ٻئي ڀائر فقيرتن ۽ صوفي خيالن جا هئا وتائي جي عزيزن مان هئا هي سڀ هندو کٽي هئا ۽ کتري سڏائيندا هئا ڇر جو ڪم ڪندا هئا اجرڪون ملير سوڙيون وغيره سهڻي پڪي رنگ سان ڇريندا هئا سنڌ ۾ هي برادري نصرپور عمرڪوٽ هالا مٽياري تاجپوت ٽنڊوالهيار ٽنڊو ڄام ۽ عمرڪوٽ وغيره ۾ رهندي هئي نصرپور ۾ هنن جو پاڙو ٻين هندن کان الڳ هوندو هو وتائي فقير جو پيءُ تاجپور جو رهاڪو هو جتي هن جنم ورتو سندس نالو وطن مل رکيو ويو سندس ماءُ وطو وطو ڪري سڏيندي هئي جيڪو ڦري پوءِ وتايو ٿي ويو سندس پيءُ لڏي اچي نصرپور رهيو جتي وفات ڪيائين وتايو فقير پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ماءُ جي سنڀال هيٺ رهيو وتايو مسلمان درويشن جي صحبت ۾ رهندو هو خاص ڪري مصون وهنيون درويش . وتائي فقير جي هڪ ڀيڻ به هئي جنهن جي ڏوهٽي موتل ٻائي 1947ع تائين نصرپور ۾ رهندي هئي ان وقت ان جي عمر 55 سال هئي ورهاڱي کان پوءِ هندوستان هلي ويئي وتائي فقير عمر ڪوٽ مان شادي ڪئي زال ٿورن مهينن بعد گذاري ويئي وتائي فقير جي قبر شيخ لهنڊڙي ( لوهه نڙي ) جي ڀرسان آهي ها خبر نٿي پوي ته وتائي ڪٿي دم ڏنو سندس پوين گھڙين ۾ ڪهڙا ساٿي هئا سندس ڪفن دفن ڪنهن ڪيو عاصي عبدالواحد هڪڙو جن مضمون جي آخر ۾ حوالا ۽ واڌارو ۾ محمد سومار شيخ جي بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين صفحو 165 ۽166 جوحوالو ڏيندي لکيو آهي ته مدد خان سنڌ تي چاڙهي آيو جنهن نصرپور فتح ڪوٽ اگھاماڻو بدين وغيره قابل ذڪر آهن ويران ڪيا وتائي فقير اگھم ڪوٽ جي عظيم عالم محمد اسماعيل سومري کان تعليم ورتي مخدوم صاحب 998 هجري ۾ وفات ڪئي وتائي فقير جو مرشد جنهن کان وتائي کي فيض مليو اهو ميون وهنيون چانيهو آهي جنهن جي وفات جي 1001 هجري آهي ان وقت وتائي جي عمر 20 يا 25 سال مس هوندي ميون وهنيون نصرپور ايندو هو ته وتائي فقير کي گھرائيندو هو ساڻس رس رهاڻيون ڪندو هو ان ئي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته وتائي فقير جو جنم 975 هجري 980 هجري جي وچ ڌاري ٿيو فقير جي جنم جو هنڌ نصرپور آهي . سعدالله سپاهي ابڙو جن لکن ٿا وتائي فقير جي مڪمل سوانح ۽ سندس روحاني منزل بابت ڪا به لکت نه آهيالبت ڪتاب ڄام ڄاموٽ ڄامڙا ۾ سند جنم 1668 ع سندس والد جو نالو ميلارام لکيل آهي صداقت بوڪ ڊيپو طرفان چپايل ڪتاب ۾ سندس جنم تاجپور لڳ نصرپور لکيل آهي نصرپور ۾ سندس ڀيڻ پرڻيل هئي سندس ساهرا عمر ڪوٽ جا هئا استاد ڍالو مل کتري چوندو هو ته وتايو اسان جو مائٽ هو مائي موتل کٽياڻي عرف منگھي ماءُ ۽ نيڻو مل کٽ سندس ڀيڻ جي ڏوهٽي جو اولاد آهن مسلمان ٿيڻ بعد مائٽن جي مخالفت سبب ڳوٺ ڇڏي گھمندو رهندو هو اگھاماڻي ۾ مخدوم محمد اسماعيل سومري وٽ اسلامي تعليم حاصل ڪري رچي ريٽو ٿيو وتائي فقير جي ماءُ نصرپور ۾ پنهنجي پرڻيل نياڻي وٽ رهندي هئي جنهن ڪري وتايو فقير نصرپور ايندو هو .انسي انصاري جن لکن ٿا وتايو فقير جنهن کي علامه آءِ آءِ قاضي دنيا جي عظيم مفڪرن مان هڪ مڃيو آهي سو پنهنجي ساده دلي قائم رکندي وڏن وڏن راز ن کي اشارن ڪهاڻين ۽ ٽوٽڪنج ذريعي ماڻهن کي ذهن نشين ڪرائيندو هو پروفيسر ڊاڪتي گل حسن لغاري جي لکيو آهي وتايو فقير اصل ۾ هندو هو پوءِ مسلمان ٿيو صاف ۽ سڌو انسان هو چٽيون ۽ نروار ڳالهيون چئي ڏيندو هو ان ڪري سرمائيدارن هن کي قبول نه ڪيو هن کي نصرپور مان لڏڻو پيپ سندس مڱڻو عمرڪوٽ جي کٽي خاندان مان ٿيو پر سندس ساهريجن کيس چريو سمجھي سڱ نج ڏنو سندس پنڌ ۽ پيچرا عمر ڪوٽ پيا ٿيندا هئا سندس ٽوتڪن مان اها خبر پور ٿي ته هن پنهنجا معاشرتي ۽ انساني تعلقات قائم رکيا ڪنڊ وٺي نه ويٺو هن وقت جي حڪمرانن جي ڪابه تعريف نه ڪئي آهي سندس ڪنهنن به همعصر سندس سمجھه دانائي حڪمت واري گفتار طرف ڌيان نه ڏنو اها سندس هر دلعزيز ۽ ظرافت جو رنگ آهي جو جيڪو عام ماڻهن جي دلين تائين نقلن جي صورت ۾ قائم رهيو سنڌ ۾ وتائي فقير جا ٽوتڪا ۽ نقل علم عرفان جي لحاظ کان ايراني شاعر عبيد زاڪانيءَ يا ترڪي جي ملان نصير الدين کان گھٽ نه آهن وتائي فقير جا ٽوتڪا مزاحيه نقل اصلي صورت ۾ به آهن ڪن ۾ وڌاءُ به ڪيل آهي تنهن هوندي به اخلاقي ۽ اصلاحي پهلو ضرور موجود آهي .مير حاجي محمد بخش ٽالپر جن لکيو ته وتايو فقير سڀني ۾ نرالو منفرد سالڪ مجذوب ۽ صاحب امانت هو وتايو فقير جنهن کي وتو به چوندا آهن ان بابت فقط ڏند ڪٿائون آهن ته هو اصل هندو هو ڪي هن کي اصلي برهمڻ به چون ٿا ڪٿان جو هو ان بابت ڪابه پڪي روايت نه آهي مرزا قليڄ بيگ ڪتاب تقريرون ۽ تحريرون ۾ هن کي ٺٽي جي طرف جو لکيو آهي علي احمد بروهي هن کي نصرپور جو لکرو آهي هڪ سنڌي روزنامي هن کي پنجاب مان آيل لکيو آهي هڪ روايت اها به آهي ته فقير جو مڱڻو ٿرپارڪر ضلعي جي نبي سر شهر مان ٿيل هو هن مان ظاهر آهي ته فقير صاحب سنڌ جو رهاڪو هو فقير صاحب مجذوب هو هن کي سمجھڻ جي لاءِ تصوف جي گھرو مطالعو ضروري آهي . محمد سومار شيخ جن لکن ٿا ته بدين ش ضلعي جي معروف شهر اگھاماڻو اچي وڃي ٿو پتڻ واري مسجد جي اولهه ڏکڻ تي ۽ جامع مسجد جي اڀرندي اتر ڪنڊ تي هڪ اهڙي جڳهه آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها وتائي فقير جي جاءِ آهي وتائي فقير جي زندگي سان جيڪي لطيفه وابسته آهن انهن مان اٽڪل 75 سيڪڙو لطيفا بدين ضلعي جي ڌرتي سان وابسته آهن وتائي فقير جو نالو ت ۽ ط جي وچ ۾ گهلجي رهيو آهي نالي سان گڏ ماڳ مڪان تي به لٺ هلندڙ آهي اگھاماڻو نصر پور عمرڪوٽ ٺٽو مڪلي لواري شريف بديڻا ڦرهيو ڀانڊاري ۽ بڪيرا شريف اهڙا اسم آهن جيڪي سندس رهائش ۽ وفات سان وابسته آهن وتايو فقير لفظن جي ڏک سبب اگھاماڻو ڇڏي عمر ڪوٽ نصرپور ٽنڊوالهيار ۾ ڌار ڌار جڳهين تي وڃي رهيو اسان ان بزرگ جي فيض کان محروم رهياسين وتائي فقير جي جنم ڀومي بدين ضلعي ۾ وڌيڪ شرف واري اگھاماڻي آهي وتائي فقير کي پنهنجي نالي ڪڍائڻ جو ايترو شوق نه هو جيترو اسان کي آهي اسان آڏا ابتا مقالا پڙهي ڪوڙ بدوڙ ڳالهائي وتايو وتايو ڪري پنهنجو نالو مشهور ڪرائڻ پويان لڳل آهيون غلام محمدلاکو جن لکن ٿا سنڌ جي بزرگن تمام آڳاٽي زماني کان شعر کان علاوه نثر ذريعي پنهنجي پنهنجي دور جي نمائندگي ڪئي آهي ڪڏهن قصن ڪهاوتن جي روپ ۾ ته ڪڏهن ڳجھارتن ۽ ڳاهن جي صورت ۾ ڪڏهن ٽوٽڪن ۽ گفتن جي شڪل ۾ هيل تائين هنن بزرگن مان وتائي فقير جو نالو محفوظ رهيو آهي وتايو فقير بجا طور تي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ پنهنجي دور جي نمائنده شخصيت آهي فقير جو حسن نسب ڇا هو ؟ سندس اصلي ۽ صحيح نالو ڇا هو ؟ سندس تعلق سنڌ جي ڪهڙيخطي سان آهي ؟ پروفيسر لطف الله بدوي مرحوم تحفته الڪرام ۽ مرزا قليچ بيگ جي ساڳي روايت کي ورجايو ته هي ٺٽي جو ويٺل مجذوب سالڪ ڪامل ٿي گذريو آهي اسين وتائي فقير جي ڳولا ۾ آهيون ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته بنيادي طرح نصرپور واري علائقي جو هو سندس تعلق مغليه زوال واري زماني ڪلهوڙن جي ابتدائي دور سان آهي علي احمد بروهي جن لکن ٿا نصرپور لڳ هڪ ڳوٺ واهڻائي واڻيو هو ننڍپڻ لاڪر پنهنجي سوچ ۽ سمجھه سادي سودي هيس اڪثر سڃاڻ ۽ پنهنجي مالڪ جي ڄاڻ ۾ محو رهندو هو ڪنهن موڙ تي هندو ڌرم ڇڏي دين ڏانهن لاڙو رکيائين پهرين پاڻ پوءِ سڄو گھراڻو شيخ ٿيو وتايو انهن سيلاني درويشن مان هڪ هو جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انسانيت کي آٿت ڏيڻ لاءِ وقت بوقت ايندا رهيا آهن وتايو ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻو هو اڃا ائين کڻي چئجي ته واهڻائي واڻيو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو پر اها ڄاڻ نه آهي ڪڏهن يا عمر جي ڪهڙي موڙ تي روايت اها به مشهور آهي ته سندس وڏا اصل کتري هئا مهراڻي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ڇر جو ڌنڌو ڪندا هئا درياءُ جي ليٽ سبب لڏي پلاڻي اچي اگھاماڻي ۾ ڪک اڏي اچي ويٺا ڪن جي راءِ مطابق وتايو تاجپور يا نصرپور جو ويٺل هو گمان غالب آهي ته 12 صدي ڌاري ٿي گذريو آهي وتايو عجيب ۽ خوشنصيب انسان ٿو سڏجي وڏي ڳالهه ته اڃا سوڌو حال حيات آهي صدين کان جيئرو جاڳندو چڪر ڪاٽيندو ٿو رهي پاڻ به کلندو رهي ٿو خلق کي به کلائيندو رهي ٿو وتايو دنيا جي اهڙن فيلسوف ۽ مفڪرن انسانن مان هڪ هو جن پنهنجي سموري عمر قدرت جي سرار پروڙڻ ۽ سندس ڳجھارتن جي تحقيق ۾ سيڙائي جيئن انسانيت جي اڳتي هلي ذهني سڌار ۽ سنوار ٿي سگھي انهن درويشن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي جو توري تڪي ڏسي وائسي اکر واتان ڪڍندا هئا کين ڳالهه راز ۾ رکڻ جو علم ۽ آزمودو حاصل هو .فضل احمد بڄاني جن لکيو آهي ته وتايو فقير جو رڳو ڪن مزيدار ٽوتڪن جي ڪري ڀوڳائي مشهور آهي سو سنڌ ۾ ڄائو هن جي بيان ڪيل هر گفتي جي پويان حڪمت دانائي۽معنى مطلب جا دفتر لکيا پيا آهن پر جي ڪو پارکو پرکي ويچار ڪري تڏهن فقير جا لايا سجايا ٿين هن فقير سان هڪ ظلم اهو ٿيو جو سندس حسب نسن ڄم موت جي وقت تاريخ ، ڪرت ڪمن جي ڪا تحريري ياداشت نه رکي ويئي آهي ان ڪري هن جي حقيقت جو حال فقط انهن روايتن ۽ زباني بيانن مان معلوم ٿئي ٿو حضرت شاهه عبداللطيف جي والد سيد حبيب شاهه سان وتائي وتائي جي صحبت روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪلهوڙن جي دور جو سنڌ ۾ مغلن جي حڪمراني جي آخري دور جو هو تاجپور سان به هن جي تعلق جي روارت صحيح نه آهي تاجپور سندس وقت کان گھڻو پوءِ ٻڌل شهر آهي متفق روايتن موجب وتايو فقير نصرپور جي پيدائش ۽ اتي جو ئي رهندڙ هو پيدائشي هندو هو پوءِ مسلمان ٿيو هندو هن کي هندو تصور ڪندا هئا مسلمان هن کي مسلمان مڃيندا هئا نصرپور ڇڏي اچي موجوده شيخ لهنڊڙي جي وسندي ۾ رهيو جيڪو پڻ وقت جو هڪ جيد ۽ صاحب منزل بزرگ هو جنهن جو مقبرو ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد روڊ تي آهي وتايو فقير هتي فوت ٿيو هتي دفن ٿيل آهي وتائي فقير کي هڪ عوامي درويش چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو جو ههڙو الله وارو سياڻو سٻاجھو انسان دنيا جي طمع کان عاري هوندي به رهبانيت اختيار ڪرڻ بجاءِ عام ماڻهن سان ملي جلي رهيو . ڊاڪٽر قمر واحد جن پنهنجي مقالي ۾ لکيو ته وتايو هڪ انسان به هو ته علامت به هو وتائي جي ذات ۾ هڪ دور جي ماڻهن جي انهن ريتن رسمن جي انهن سڀاءُ ۽ هلت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي . هن دور ۾ ڪيجڏهن وتايو فقير هجي ها ته گھڻن ئي اهڙن رستي تان ٿڙيلن جو ڀلو ٿئي ها وتايو فقير نصرپور ۾ به رهيو جتي سندس عمر جو ڳچ حصو گذريو . وتائي جو هڪ سؤٽ نصرپور جو قاضي به رهي چڪو آهي . محترم شفيق الرحمان پراچه لکي ٿو ته مان سمجھان ٿو ته سڀ کان وڏو لقب وتائي فقير کي ڏئي سگھجي ٿو اهو آهي سچار وتائي جيڪا به ڳالهه ڪئي ان مان سچ جو پهلو نروار ٿي رهيو هو . هرڪو اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن دور ۾ پيدا ٿيو هجي انساني ضمير جو نمائندو بڻجي نزاح جي انداز ۾ سچ چوڻ جي ڪوشش ڪندو هجي اهو وتائي جو وارث آهي . جناب سراج الحق ميمڻ صاحب جن لکيو ته ٻولي ۽ ان جا لفظ جڏهن صدين جا احساس پاڻ ۾ سمائجن ٿا تڏهن انهن جو اڀيس ڏاڍو دلچسپ ٿئي ٿو وتائي فقير جا نقل عام طرح چرچا سڏيا وڃن ٿا جيڪو هڪ غلط لفظ آهي اصل ۾ ان لاءِ صحيح لفظ جيڪو اسان جا وڏڙا عالم استعمال ڪندا هئا سو آهي ڀوڳ . ڀوڳ لفظ مذاق جي معنى کان سواءِ برداشت جي به معنا رکي ٿو جيڪڏهن هن وتائي جو اڀياس ڪريو ته اوهان کي سنڌ جي عوام ڏاهپ جو اکٽ خزانو ڀوڳ واري ادب جي صورت ۾ ملندو .ڊاڪٽر سليمان شيخ جن پنهنجي مضمون ۾لکن ٿا اسان جي سنڌي معاشري ۾ شاهه لطيف کان پوءِ ڪنن انسان کي عوامي سطح تي مڃتا ملي آهي ته اهو وتايو فقير آهي جنهن جا نقل دانائيءَ جا گفتا هر خاص و عام جي زبان تي ملن ٿا هر هڪ لطيف جي شين وانگر انهن نقلن جا روحاني راز ڳولڻ ۾ لڳو پيو آهي ڊاڪٽر نواز علي شوق جن لکن ٿا وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۾ کل ۽ خوشيءَ سان گڏوگڏ وڏي حڪمت دانائي ۽ فلسفو سمايل آهي انهن تي جيترو ڳوڙهو غور ڪيو وڃي اوترو گھري معنى مقصد معلوم ٿئي ٿو سندس گفتن ۾ ٻين خوبين کان علاوه بي شمار اخلاق ۽ نصيحت جون ڳالهيون لڪل آهن .فقير محمد لاشاري جن لکيو آهي ته وتايو جاگيردار قدرن واري معاشري ۾ رهندڙ شخص هو وتايو اسان جي معاشري ۾ دليل ۽ ڏاهپ کي عام فهم ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ماهر هو . عابد لغاري جن پنهنجي مقالي ۾ لکيو ته وتايو جيڪو شيخ طاهر بنيو پر عام وتايو فقير سان مشهور رهيو هو لاطمع انسان نه ڪنهن جي آئي ۾ نه ڪنهن جي وئي ۾ نه ڪنهن جي ڏئي ۾ نه ڏکوئي ۾ نه ڪنهن کان وٺي ويچاري . وتايو هڪ علامت آهي هڪ قدر آهي معاشري جو سوسائٽي جو تهذيب ۽ ثقافت جو هو هڪ پرک آهي ان جي سچائي جي جيڪا انسانيت ۽ ماڻهپي جي سڃاڻپ آهي مشهور شاعره آپا مريم مجيدي جن لکن ٿيون ته 1781ع واري هالاڻي جي ويڙهه ۾ سنڌ امڙ جي سيني تي وباءُ جي ڪوس جا گھاءُ اڃا چڪي رهيا هئا ۽ ماءُ مٽيءَ کي پنهنجي باقي بچيل ٻچڙن جي آئندي جي اون هئي . انهيءَ سمي سنڌ جي تخت گاهه کان اٽڪل ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ تاجپور ۾ هڪ پورهيت هندو کتري جي گھر ۾ جنم ٿئي ٿو پنهنجي وقت جي تمام وڏي ڏاهي سچار سگھاري سگھڙ وتائي وير جو . وتايو سياڻپ جو سر موڙ هو جيڪو پنهنجي گفتن ۽ نقطن کي رومال ۾ ويڙهڻ جو ڪاريگر . جڏهن وتايو ڳالهائي ٿو تڏهن سندس فڪر ۽ فهيم کي ماپڻ ۽ ڪٿڻ لاءِ ڏاهپ جون جوڙيل سموريون ڪسوٽيون ڪوڙيون ۽ کوٽيون ثابت ٿيو پون . وتايو اهو وينجھسار آهي جيڪو عقل هوش ۽ سڌ ٻڌ جا موتي ونڊي ٿو ۽ سموري سنسار کي سياڻپ جون سيٽون ڏيندي ڪيترن ئي ڳوڙهن ڳجھن جون چٽايون ڪري ٿو وتائي جو سمورو جيون توڪل جي ترهي تي گذري ٿو نه کيس اڄ جي اون نه صبحاني جو الڪو .محمد حسين ڪاشف جن لکيو ته وتائي فقير جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين ۾ جيڪو سماجي عنصر سمايل آهي اهو ادب جي دنيا ۾ هڪ مستقل قدر ۽ فڪر جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي تاريخ جي ڪنهن دور ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي وتايو فقير زندگي جي هر طبقي ۾ مقبول هو ۽آهي انهيءَ ڪري وٽس ماڻهوءَ جي حقيقت جو اظهار زبان آهي هو هڪ صوفي منش انسان هو هن دروي ڳالهه مان ڳالهه ڪندي جيڪي گفتا ۽ نقطا بيان ڪيا آهن اهي لک لهن جن کي هن پنهنجي ديد احساس ۽ سوچ بعد بيان ڪيو آهي جن ۾ سندس مخصوص مزاج جھلڪندو ۽ جرڪندو نظر اچي ٿو وتايو اسان جي سماجي زندگي جي هڪ علامت ۽ روح آهي اها علامت آهي جيڪا زندگي جي هر نقطي جي بهتر کان بهتر ترجماني ڪري ٿي .جنهن ۾ هُن ۽ هِن سماج جي ڀڙڪندڙ ۽ هيسايل اڃايل روح جي ترجماني ڪئي آهي . محترم عبدالله ورياهه جن لکيو آهي ته وتايو فقير هڪ سادو سٻاجھرو الله وارو فقير ۽ مجذوب هو جنهن پنهنجي قول ۽ فعل سان عام ماڻهن کي اهڙيون ته اڻ ملهه ۽ بي بها ڳالهيون سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سنڌ ۾ رهندڙ ڪوبه اهڙو ماڻهو نه هوندو جنهن وتائي فقير جو نالو نه ٻڌو هجي يا ان بابت ڪو ٽوٽڪو ياد نه هجي قلندر لڪياري جن لکيو آهي ته وتايو فقير مجاهدن جي انهيءَ سلسلي جو هڪ روشن ستارو آهي جنهن ڪن ٻين بزرگن وري صدين کان مروج عام فهم دلنشين سادو ۽ سلوڻو ٽوٽڪائي طريقو اختيار ڪيو جيڪو کل ڀوڳ ۾ مقبول عام ٿي اهل زر ۽ اهل اقتدار جي مضبوط قلعن ۽ ڪوٽن ۾ ناقبل مرمت ڏار وجھيو ڇڏي وتائي فقير جي ٽوٽڪن مان هن جي سياسي سماجي شعور جي پروڙ پوي ٿي . اسد جمال پلي جن پنهنجي مضمون تي ڪافي محنت ڪئي وتائي فقير جا همعصر بزرگ وغيره تحرير ڪيا آهن لکن ٿا وتايو فقير 10 صدي عيسوي ۾ پيدا ٿيو اها صدي سنڌ جي تاريخن ۾ وڏي اهميت جي حامل آهي ترخانن جي دؤر ۾ پورچوگيزن سامونڊي ڌاڙيلن جي حيثيت سان ٺٽي شهر کي اچي ڦريو وتائي فقير جي ولادت وقت سنڌ ۾ اوليائن بزرگن جو دور اوج تي هو وتائي فقير جي جواني وقت 1037 هجري ۾ شاهجھان هوندوستان جو بادشاهه بنيو سنڌ جون واڳون مرزا عيسى ترخان جي حوالي ٿيون . اسد جمال پلي وتائي فقير جي همعصرن جي باري ۾ لکي ٿو ته اهي هيءُ آهن مّدوم نوح رحه جو فرزند مخدوم جلال رحه ، پير محمد لکوي ، ميان مير فاروقي ، شاهه خيرالدين ، بي بي نور ڀري ( هيءُ نصرپور جر بزرگ آهي وتائي فقير جي جواني تائين حياتي رهي ) درويش بابو سنڌي . وتائي فقير جي همعصر بزرگن جي نالن بابت لکيو ته مخدوم ابو الحسن ولادت 985هجري ( پاڻ سنڌي الف بي جي شروعاتي صورتخطي ٺاهيائون جيڪا انگريزن جي دور ۾ موجوده شڪل ۾ آئي ) سيد حاجي نور محمد شاھ ، مخدوم عبدالرمان شهيد ( جيڪو نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر جي هٿان 1145 ع ۾ شهيد ٿي ويو ) حاجي فقير الله بن عبدالرحمان علوي ، مخدوم محمد امين ، مخدوم محمد عمر ، سيد حبيب شاھ چاندو شاھ ( هي درويش خانوٽ جو هو ) خليفو ڪرم الله ( متوفي 1140هجري ) مخدوم عنايت الله ( متوفي 1114 هجري ) سيد باقر ( رساله باقر الانوار تصنيف ڪيو ۽ جوهر الاولياءُ به لکيو ) مخدوم ابو القاسم نقشبندي ٺٽوي ( متوفي 07 شعبان 1138 هجري ) شاھ عنايت شهيد ( جھوڪ ميرانپور ) شاھ لطف الله قادري. سيد يار محمد شاھ لڪياري جن لکن ٿا وتائي جو اصل نالو وتو مل ولد سڳڻو مل هو ٻارهين هجري جي وچ ڌاري نصرپور شهر ۾ ڄائو هو . هيءُ ننڍي هوندي کان ئي نهايت سلڇڻو ۽ نيازنوڙت وارو رحمدل سخي طبيعت وارو هو سڳڻو مل نصرپور ۾ سيڌي جو دوڪان هلائيندو هو پيءُ جي وفات کان پوءِ اهو دوڪان وتومل هلائيندو هو ان زماني ۾ ڏڪار پيو وتومل مسڪينن يتيمن بيواهن بکايلن اٽو چانور کاڌي جون شيون مفت ڏيندو هو وتو مل جنهن شهر ۾ عزت ابروءَ سان رهيو اتي ماڻهن جي منهن ڦيرائڻ سبب پنهنجي بي عزتي ڏسي شهر کي ڇڏي هليو ويو هي درويشن جي صحبت ۾ رهيو هن سچو دين اسلام اختيار ڪري ورتو وتومل مان وتايو فقير ٿيو هن جا هندو مائٽ ناراض ٿيا هن سان تعلق ٽوڙي سوشل بائڪاٽ ڪري الزام بهتان مڙهي چريو کريو ڪل ٿڙيل ديوانو چئي هن کي خوار ۽ بدنام ڪرڻ لڳا . الهڏنو سومرو جن لکيو آهي ته چون ٿا هي اصل هندو کٽي هو سندس نالو وتو مل هو تاجپور شهر ۾ چائو هو پوءِ سندس مائٽ نصرپور ۾ اچي لڏي ويٺا هن جو نمونو اهڙو هوندو هو جو ماڻهو کيس وتو سڏيندا هئا . سندس مڱڻو عمر ڪوٽ مان ڪرايو ويو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ماءُ ۽ زال سان گڏ مسلمان ٿيو سندس نالو شيخ طاهر رکيو ويو پر سندس اصل نالو وتو مشهور هو ماڻهن کان سندس نئون نالو وسري ويو کيس وتو بجاءِ وتايو سڏڻ لڳا .

    هن مضمون ۾ تياري لاءِ ٻن ڪتابن جي مدد ورتي ويئي آهي هڪ ڪتاب جو نالو وتايو فقير آهي جيڪو مرتب محمد حسين ڪاشف ۽ محمد اسماعيل ڪيو هن ۾ اهي مضمون شامل آهن جيڪي وتايو فقير سيمينار ٽنڊوالهيار 1985ع ۾ ٿيو هو ان ۾ پڙهيا ويا هئا .هيءُ ڪتاب مئي 1985ع ۾ ڇپيو جنهن جو ڇپائيندڙ محترم عبدالقادر منگي ڪنوينر وتايو فقير سيمينار ٽنڊوالهيار سنڌ جن هئا. ٻيو ڪتاب درويس وتايو فقير جيڪو مرتب محترم عبدالقادر منگي جن ڪيو اهو ڪتاب مارچ 1986ع ۾ ڇپيو هن ۾ به اهي مقالا شامل هئا جيڪي وتايو فقير سيمينار ۾ پيش ڪيا ويا هئا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 ڊسمبر 2013
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وتايي فقير جو ڪردار اهڙو ته آهي جو مزاح ۾ سڀ سچ چئي وڃي ۽ سندس ڳالهيون دل کي لڳن ٿيون ۔۔۔ اوهان جو مضمون وڻيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    واھ خادم سائين زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو