• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انتظار۔۔۔!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
انتظار لفظ اُچارڻ ۾ ته آسان آ پر ان جي حقيقت تمام ڏکي آهي ۔۔۔ وقت جو ڪانٽو پنهنجي تيز رفتاري ڇڏي ڍرو ٿي پيو آهي..
انتظار آهي وقت جو! جيڪو هِن سنڌ ۾ دودو ٿي ايندو ۽ چنسير کي شڪست ڏيندو، انتظار آهي اُن وقت جو جڏهن سنڌ آزادي ماڻيندي ! انتظار آهي اُنهن گھڙين جو جڏهن هن سماج مان ڪاروڪاري جي ڪُڌي رسم ختم ٿيندي ! انتظار آهي اُن سمي جو جڏهن مُلڪ مان غُربت جي راڪاس کي ماريندڙ حڪومت ايندي ، مونکي ڪرپٽ حڪومتي ادارن جي سُڌرڻ جو انتظار آهي، مونکي نشي آور شين جي بند ٿيڻ جو انتظار آهي، مونکي انتظار آهي اُنهن گھڙين جو جڏهن سڀئي سنڌ واسي مُتحد ٿي هِن مُلڪ مان ڪرپشن جي راڪاس کي ماريندا. ! اهو انتظار شايد انتظار ئي رهجي ويندو... مونکي انتظار آهي نئين ٽهيءَ جي سُهڻيءَ جو جيڪا مونسان مِلڻ لاءِ سنڌوءَ جي ڪناري تي اچڻي آهي.... انتظار جون گھڙيون جيستائين ختم ٿين تيسيتائين آئون پنهنجي ليپٽاپ تي آخري ٽائپنگ اوهان جي پڙهڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.. منهنجي زندگي هڪ ليپٽاپ ڪمپيوٽر جيان آهي جنهن کي کولڻ ۾ ته وقت لڳو آهي پر بند ڪرڻ لاءِ ان جي بيٽري لائيف ئي ڪافي آهي ! منهنجي بيٽري لائيف (حياتي) ختم ٿيڻ کان پهرين توهان کي ٻڌائيندو هلان ته آئون هتي (المنظر پُل، ڄامشورو) تي هر اربع ۽ سومر جي ڏينهن ايندو رهندو آهيان ڪنهن سنڌي ڊرامي جي قسط جيان ....گذريل ٻن مهينن کان هتي اچڻ منهنجو معمول بڻجي چُڪو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!(جاري)
مڪمل پڙهڻ لا ڪلڪ ڪريو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بس انتظار ۾ ئي رهنداسين ۽ وقت هٿن مان نڪري ويندو ۔۔۔۔ اوهان جا سهڻا خيال

اڃان ڪيترو انتظار ڪجي
ڪيترو دل کي بيقرار ڪجي
رات گذري وئي ۽ باک ڦٽي
ڇا ا:ان تنهنجو انتظار ڪجي

امداد حسيني
 
Back
Top