ڇا اسان جا حڪمران ترڪي جي وزيراعظم طيب اردگان کان ڪجهه سکي سگهندا۔۔؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ترڪي جو وزيراعظم طيب اردگان ٻه ڏينهن ملڪي دوري تي رهيو۔۔۔ طيب اردگان 21هين صدي جو ڪامياب ۽ شاندار حڪمرانن ۾ شمار ٿئي ٿو۔۔ دنيا حيران آهي ته استنبول جي گهٽين ۾ ڊبل روٽيون وڪائيندڙ ۽ شربت کپائيندڙ غريب ٻار اسلامي دنيا جي سڀ کان ترقي يافته ملڪ جو سربراهه ڪيئن بڻيو۔۔؟ ڪهڙي طرح هن پنهنجي ملڪ کي فوج جي چنبي مان آزاد ڪرايو؟ هن ڪئين نه اسلامي روايتن کي ملڪ ۾ رائج ڪرايو۔۔؟ هن ڪهڙي طرح مهانگائي جي ماريل، بدترين معيشيت واري ملڪ کي دنيا جي 15هين وڏي معيشيت وارو ملڪ بڻايو؟ ۽ هن ڪهڙي طرح ايشياء جي مردِ بيمار کي اسلامي دنيا جو ليڊر بڻايو۔۔۔؟
    اهو سڀ ڪجهه دنيا لاءِ حيران ڪن به آهي ته اسان جهڙن لاءِ روشن مثال ۽ سبق آموز پڻ۔۔ طيب اردگان اسلامي دنيا خصوصن پاڪستان لاءِ به ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان به سندس کان ڪا مدد گهرڻ چاهيون ٿا۔۔۔؟
    طيب اردگان جي ڪاميابي جا ٻه سبب آهن جنهن هن کي نه صرف استنبول جو ڪامياب ميئر پر گذريل ڏهن سالن کان ترڪي جو ڪامياب وزيراعظم بڻايو آهي۔۔ هڪ پرفارمنس ۽ ٻيو ايمانداري، ميرٽ ۽ احتساب آهي۔۔ ٻنهي ڳالهين ۾ پاڻ ايترو سخت آهي جو سندس پاڪستان جي دوري تي اچڻ کان 6 ڏينهن اڳ ترڪي جو هڪ خوفناڪ اسڪينڊل سامهون آيو جنهن ۾ انقره جي پوليس 17 ڊسمبر تي ملڪ جي 52 اهم ترين ماڻهن کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ ملڪ جي وزيرِ داخلا، ملڪ جي فنانس منسٽر ۽ ماحوليات جي وزير جا پُٽَ پڻ شامل آهن۔۔۔ اهي ٽئي وزير وزيراعظم طيب اردگان جا دوست ۽ ويجها سمجهيو ويندڙ ليڊر آهن پر ڪرپشن ۾ ملوث پنهنجي پٽن کي گرفتاري کان بچائي نه سگهيا ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته انهن ٽنهي وزيرن جي پٽن کي سندن گهرن مان ئي گرفتار ڪيو ويو۔۔۔ ۽ ڪنهن کي به پوليس جي اهڙي رويي تي اثر انداز ٿيڻ جي جرات ئي نه ڪئي۔۔۔ ياد رهي ته پوليس ۽ خفيه ادارا ترڪي ۾ به وزيرِ داخلا جي هيٺان آهن پر وزيرِ داخلا پڻ پنهنجي پٽ کي گرفتاري کان بچائي نه سگهيو۔۔۔ ۽ استعفا ڏئي ڇڏيائين۔۔
    اهو ميرٽ ۽ ادارن تي اعتماد ئي طيب اردگان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي۔۔ اسان جي سياستدانن کي سندس کان اهي گُر سکڻ گهرجن ها پر اسان جي سياستدانن کيس اعلى قسم جو عربي گهوڙو تحفي ۾ ڏيندي الوداع ڪيو۔۔۔ دنيا پنهنجا مسئلا حل ڪندي پئي وڃي پر اسان مهانگائي ۽ ڪرپشن کي ريلين ۽ جلوسن ذريعي حل ڪرڻ تي مجبور آهيون۔۔ ايسيتائين جو ڪالهه محرم جي چاليهي ۾ به حڪومت 56 شهرن ۾ موبائيل سروس بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي۔۔۔ اسان جو دنيا کان ڪجهه سکڻ ته ٺهيو پر حالت ته اها آهي ته اسان محرم جو مهينو ئي خيريت سان گذاري وڃون ته شڪراني جا نفل ادا ڪندا آهيون۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 ڊسمبر 2013
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪاش اهڙا ايماندار شخص اسان جي ملڪ جون واڳون سنڀالين۔ پر اهو ممڪن ئي نه آهي جو اسان وٽ ڪير اهڙي ڳالهه ڪندو ته پهريان ته اگر ڪو ايماندار هجي به ته اسان کي ان جي ايمانداري تي ويساهه ئي نه ٿيندو جو اسان جي خيال ۾ اسان وٽ ايماندار شخص جو وجود ملڻ مشڪل آهي اگر ڪنهن شخص جو نالو کڻي پنج فرد پيش ڪندا ته 100 ڄڻا ان جي مخالفت ۾ اڳيان اچي ويندا۔ پوء اهڙي ماحول ۾ اهڙي اميد نا ممڪن نظر اچي ٿي وڌيڪ الله کان دعا آهي ته يا الله اسان کي صحيح مسلمان بناء ۽ اهڙو مرد مومن موڪل جيڪو اسان کي صحيح نموني اسلام جي رستي تي هلائي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ترڪي جو وزيراعظم طيب اردگان ٻه ڏينهن ملڪي دوري تي رهيو۔۔۔ طيب اردگان 21هين صدي جو ڪامياب ۽ شاندار حڪمرانن ۾ شمار ٿئي ٿو۔۔ دنيا حيران آهي ته استنبول جي گهٽين ۾ ڊبل روٽيون وڪائيندڙ ۽ شربت کپائيندڙ غريب ٻار اسلامي دنيا جي سڀ کان ترقي يافته ملڪ جو سربراهه ڪيئن بڻيو۔۔؟
    ادا رشيد سمون صاحب مٿيون مضمون توهان پيش ڪري اسان کي اهيا ڄاڻ ڏني آهي ته هي شخص ايمانداري ۽ سچائي سان انهيء منزل تي پهتو آهي۔ مگر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ترقي ڪرڻ جو ميار وري پنهنجو آهي۔
    ادا رشيد صاحب اسان جي ملڪ ۾ صرف حڪمران ئي ڪرپٽ نه آهن۔ پر اسان جو عام ماڻهون به ڪرپٽ آهي، فرق صرف اهيو آهي ته ان عام ماڻهون جو جيترو وس هلي ٿو اهو اوتري ڪرپشن ڪري ٿو،
    اڄ مان هڪ پنهنجن دوستن جي هڪ محفل ۾ ويٺو هئس ته اتي ڪجهه دوست هئا جيڪي ايم بي اي جا شاگرد هئا، ۽ انهن منهنجي ڪمپني بابت ڪجهه پڇيو پئي ته توهان جو ڪم ڪهڙو آهي توهان جي پگهار توهان وٽ ٺهندي آهي يا هيڊ آفيس ٺاهيندو آهي، توهان وٽ ميڊيڪل جي صحولت آهي يا نه وغيره۔ ان تي مون ٻين سوالن جي جواب سان گڏ اهيو به جواب ڏنو ته اسان جي پگهار ته هيڊ آفيس مان ايندي آهي باقي اسان جي ڊيلي ويجز ( ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ) جي پگهار اسان ٺاهيندا آهيون ته ان شاگر اهي ٻڌي ڪري مون کان فورن اهيو سوال ڪيو ته ڇا انهن ڊيلي ويجز جي پگهار مان ڪجهه توهان کي روڙو ( ٺڳي ٺوڙي سان بچندڙ پيئسو ) لڳندو آهي، مون کيس چيو ته هي ڪو سرڪاري ادارو ڪونهي جو ائين ٿئي ان تي ان شاگرد چيو ته پوء ڪهڙو فائدو۔
    سو ادا اسان جي تمام ماڻهن جا ذهن ڪرپٽ ٿئي چڪا آهن، هت وڏي صفائي جي ضرورت آهي۔ جيڪا الله جي مدد کانسواء نا ممڪن آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو