شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن

سجاول (رپورٽ: امان الله چانڊيو) سجاول لڳ ڳوٺ نياز ملاح ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڀاتي پراسرار نموني بيماري ۾ ورتل، هلڻ ڦرڻ ۽ ڪمائڻ کان لاچار، گذريل 7 سالن کان پراسرار بيماري ۾ ورتل خاندان جي معذور ڀاتين جون حياتيون داءُ تي لڳل هجڻ باوجود ڪنهن به سندن سار نه لڌي ۽ نه ئي وري صحت کاتي ڪا ٽيم موڪلي بيماري بابت ڪا چڪاس ڪرائي آهي، ڳوٺ نياز ملاح ۾ رهندڙ ملاح برادري جي هڪ خاندان جي 3 عوتن سميت 8 ڀاتين جن ۾ مسمات عيد، مريم، ياسمين، محمد صالح، عبدالمجيد، گل محمد، محمد اڪبر ۽ شاويد شامل آهن، متاثرن ۾ 3 ڀائرن ۽ 5 سندن سئوٽ شامل آهن بيماري جي نوعيت اهڙي آهي جو ڄمڻ وقت تندرست هجن ٿا پر 7، 8 سالن جي ڄمار کي پهچڻ سان سندن پيرن جو آڱريون پر اسرار نموني زخمن ۾ وٺجي وڃن ٿيون ۽ هڪ هڪ ٿي پيرن جون سموريون آڱريون سڙي ضايع ٿي وڃن ٿيون، ان بعد سندس پيرن جو اڌ حصو به زمن ۾ وٺجي سڙي صايع ٿي وڃي ٿو، خالي پرن جي کُڙي وڃي بچي ٿي، پيرن جي ضايع ٿيڻ بعد هن پر اسرار بيماري جي ٻئي مرحلي ۾ سندن زبان ۾ زخم ٿين ٿا ۽ هو ڳالهائڻ ۽ کائڻ ۾ شديد تڪليف محسوس ڪن ٿا ، بيماري جي ٽئين مرحلي ۾ سندن اکيون خراب ٿيڻ لڳن ٿيو ۽ سندن نظر سخت متاثر ٿئي ٿي، پوءِ نابين ٿي وڃن ٿا، خاندان جي 8 ڀاتين جون اپاهج زندگيون داءُ تي لڳل هجڻ باوجود ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداري نه سندن ڪا سهائتا ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو سرندي وارو وٽن لڙي آيو آهي، بيماري ۾ ورتل اپاهج ۽ اذيت ڀري زندگي گهاريندڙ ڀاتين روئيندي پنهنجي دردن جا داستان سليندي چيو ته گذريل 7 سالن کان پر اسرار بيماري ۾ سخت عذاب ڀري زندگي گذاري رهيا آهيون، سرڪار اسان جو علاج ڪرائي ته زندگي سڌري پوي، واضع رهي ته ڄاڻايل متاثر خاندان جي پراسراربيماري جي تشخيص ۽ علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ هي بيماري خاندان جي ٻين فردن ۽ ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو انديشو آهي، متاثر اپاهجن اپيل ڪئي ته سندن علاج ڪرائي زندگيون بچايون وڃن.