ايران جي هڪ ريئلِسٽِڪ پينٽر ايمان مالِڪي جا ڪجه فن پارا جن کي ڏسي اهو چوڻ واقعي مشڪل آهي ته هي هٿن سان رنگيل تصويرون آهن۔۔
تصويرون درست ڪيون ويون آهن۔۔ بهتر رهندو ته سنڌ سلامت سکيا سيڪشن جو ڦيرو ڀريون جتي نيون شيون سيکاربيون رهبيون آهن۔۔ باقي تصويرن بابت رايا ڇا ڏجن۔۔ يقين ئي نه ٿو اچي ته هي تصويرون پينٽ ٿيل آهن۔۔۔ ڪو قابل گلڪار ٿو لڳي جنهن ايترو گهرائي سان برش گهمايو آهي۔۔
لاجواب فن پارا ڇا ته ڪم آهي ۔۔۔ بس دل مان پاڻمرادو واهه واهه نڪري وئي۔ ايمان مالڪي 1976ع ۾ تهران ۾ پيدا ٿيو ۽ ساڳيو سال منهنجي به پيدائش جو سال آهي۔ 1995ع کان هن پروفيشنل مصور طور پنهنجو ڪم شروع ڪيو۔ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري سندس ويب پيج جو ڀيرو ڀريو ۽ وڌيڪ فن پارا ڏسو۔