وهاب جروار
سينيئر رڪن
منهنجو پورو نالو عبدالوهاب جروار آهي ادبي ۽ صحافتي حلقي ۾ وهاب جروار جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو،منهجو جنم پهرين فيبروري 1983 ع تي تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻِي جي ڳوٺ خانواهه ۾ ٿيو۔شروعاتي تعليم ڳوٺ خانواهه ۾ ئي حاصل ڪئي،مئٽرڪ ميرپور ڀٽو ها اسڪول ۽ انٽر ڊگري ڪاليج رتوديرو مان ڪئي۔سنڌي ادب ۾ ايم اي شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ،12 سالن کان سنڌي صحافت ۾ آهيان،روزاني عوامي آواز،هلال پاڪستان ۽ ڪي ٽي اين نيوز ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان۔هينئر روزاني ڪاوش ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهيان،1999 کان 2000ع تائين رتوديرو مان ٻارڙن جو رسالو رانديڪو شايع ڪرايو جنهن جي ايڊيٽر طور پڻ خدمتون ڏئي چڪو آهيان۔ادب سان شروع کان ئي چاهه اٿم۔سنڌ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ شاعري ۽ ٻيو مواد شايع ٿيو اٿم،سال2000ع ۾ تنوير عباسي ادبي ايوارڊ،سال 2001 ۾ شيخ اياز ادبي ايوارڊ۔سال 2008 ۾ فقير محمد لاشاري صحافتي ايوارڊ ۽ اعزازي سرٽيفڪيٽ ماڻيا اٿم۔عام ماڻهن طرفان ملندڙ موٽ ئي مون لا وڏو اعزاز آهي