• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اخلاق انصاري

اخلاق انصاري ولد الله بخش انصاري (انيس انصاري). ڄمڻ جي تاريخ 24 اپريل 1957ع اربع جو ڏينھن. 1376هجري شعبان جي 23 تاريخ 2013ع بڪرمي ويساک جي 12 تاريخ تي جنم ٿيو. سندن واسطو تعليم ۽ تدريس سان آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جا پروفيسر آهن. سندس ڪھاڻين جا ڪتاب ”رُڃ ۾ رابيل“ 1987ع ۾ ۽ ”مان ڪائنات آهيان“، 2003ع ۾ شايع ٿيا. سندس پوئين ڪتاب ”مان ڪائنات آهيان“ تي سنڌي ادبي سنگت پاران مڃتا طور ايوارڊ مليل آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ”نڀاڳو“ 1975ع ۾ شايع ٿي.
992960_648851178477533_1738872475_n.jpg
 
Back
Top