غزل تُنهنجي درَ تي ساهي آهي اُن کان اڳتي کاهي آهي تُنهنجي مُرڪ ملي آ مون کي جيئڻ لاءِ الاهي آهي هڪڙو پيارُ سلامت رهندو سارو سانگُ تباهي آهي تُنهنجي منهنجي دل جي وچَ ۾ پُل مون هڪڙي ٺاهي آهي ڪڏهن به وڇڙي وينداسين روح ته رڻَ جو راهي آهي