راشد ميمڻ
سينيئر رڪن
هي صورت هي سينگار ، ڌڻڪا ته آهيون،
هي سورج هي سنسار ، ڌڻڪا ته آهيون،
هي ساگر هي ڪهسار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي برپٽ ۾ بازار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي گلشن ثمربار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هوائن جا سهڪار ، ڌڻڪا ته آهيون.
مٽي، آب انبار ، ڌڻڪا ته آهيون.
ڪشش،قرب،اظهار ، ڌڻڪا ته آهيون.
عمل ارتقا، آر ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي جهڳ مڳ لڳاتار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي جوت، جتن جار ، ڌڻڪا ته آهيون.
لکين اهڙا پِرڪار ، ڌڻڪا ته آهيون.
مگر ڪهڙو پاسو نڌڻڪو به آهي،
هي ڪنڌي هي ڪاڇو نڌڻڪو به آهي،
جي دريائي سيلاب اٿلي پوي،
ته کيتن کي ڇولين ۾ ڏياري ٽٻيون.
آهي ڪو جو الري ڪنارو ڏئي؟
جي سامونڊي طوفان مڇلجي پوي،
ته بنگلا ، شهر باغ کائن ڪميون
آهي ڪوبه اسري سهارو ڏئي؟
جوالو جڏهن ٿو اوڳاڇي غصو،
ٿئي ڀوءِ تي باهه جو رقص ٿو
وهي آڳ آڙاهه درياهه ٿي،
وڃن شهر ڇا بحر ٿا باهه ٿي.
ائين باه پگهريل ۾ بستيون رجهن
جيئن تيل چٽڪيل ۾ ڪرڙيون پچن.
انهيءَ باهه جي راهه روڪي ته ڪو!
جو روڪي نٿو تنهن کي ٽوڪي ته ڪو!
جي روڪي نٿو ڪو ۽ ٽوڪي نٿو
ته ڌڻڪو جڳت ناهي ، ڀڻڪي ته ڪو!
جڏهن قهر ڪاوڙ ڪري زلزلو
ڏڪي ڏيهه جر ٿر اندر ٿرٿلو
ائين مسجدون ڪوٽ ماڙيون ڌڏن
جيئن تيز اوڀر ۾ ٽاريون لڏن.
ائين ڌوڙ ملبي ۾ لاشا لڇن
منيٰ ۾جيئن ٻڪرا، دنبا لڇن.
هزارين لکين ٻار پوڙها مرن،
جيئن مينهن ۾ ٿا ماڪوڙا مرن.
لکين ساهه کن ۾ نپوڙي ڇڏي
حجم ڄڻ ته ٿو وار ڪوڙي ڇڏي.
نٿو ڪو جو ڀونچال کي ڏئي لغام،
ته پو ڇونه سمجهون نڌڻڪو نظام؟
سڃن ۾ سڙي وئي، ڪنن ۾ ٻڏي وئي،
هي سسئي ۽ سهڻي جي صورت نڌڻڪي،
ڇپر ۾ ڇلي وئي، جهنگل ۾ رلي وئي،
هي آري ۽ ميهر جي محبت نڌڻڪي.
نڪا جوڻ جڳ ۾ نه بدلي جو ڏينهن
ته ظالم لٽي ڄڻ ته عزت نڌڻڪي!
لکين ڪڻڪ ڀري ڀانڊن ۾ پئي آ،
ٿري لک بکارا نڌڻڪا نه آهي؟
گذارين غلامن جيان پهنجي وطن ۾.
هي سنڌڙي سهارا ، نڌڻڪا نه آهي؟
جتي جو چاهي ، اتي آڳ اڇلي
هي پرمار مارا، نڌڻڪا نه آهي؟
نڌڻڪو زماني جو بت ٿي سگهي ٿو
زماني جي ناهي طبيعت نڌڻڪي
نڌڻڪا زماني جا اوهام آهن،
زماني جي ناهي حقيقت نڌڻڪي.
استاد بّخاري
هي سورج هي سنسار ، ڌڻڪا ته آهيون،
هي ساگر هي ڪهسار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي برپٽ ۾ بازار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي گلشن ثمربار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هوائن جا سهڪار ، ڌڻڪا ته آهيون.
مٽي، آب انبار ، ڌڻڪا ته آهيون.
ڪشش،قرب،اظهار ، ڌڻڪا ته آهيون.
عمل ارتقا، آر ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي جهڳ مڳ لڳاتار ، ڌڻڪا ته آهيون.
هي جوت، جتن جار ، ڌڻڪا ته آهيون.
لکين اهڙا پِرڪار ، ڌڻڪا ته آهيون.
مگر ڪهڙو پاسو نڌڻڪو به آهي،
هي ڪنڌي هي ڪاڇو نڌڻڪو به آهي،
جي دريائي سيلاب اٿلي پوي،
ته کيتن کي ڇولين ۾ ڏياري ٽٻيون.
آهي ڪو جو الري ڪنارو ڏئي؟
جي سامونڊي طوفان مڇلجي پوي،
ته بنگلا ، شهر باغ کائن ڪميون
آهي ڪوبه اسري سهارو ڏئي؟
جوالو جڏهن ٿو اوڳاڇي غصو،
ٿئي ڀوءِ تي باهه جو رقص ٿو
وهي آڳ آڙاهه درياهه ٿي،
وڃن شهر ڇا بحر ٿا باهه ٿي.
ائين باه پگهريل ۾ بستيون رجهن
جيئن تيل چٽڪيل ۾ ڪرڙيون پچن.
انهيءَ باهه جي راهه روڪي ته ڪو!
جو روڪي نٿو تنهن کي ٽوڪي ته ڪو!
جي روڪي نٿو ڪو ۽ ٽوڪي نٿو
ته ڌڻڪو جڳت ناهي ، ڀڻڪي ته ڪو!
جڏهن قهر ڪاوڙ ڪري زلزلو
ڏڪي ڏيهه جر ٿر اندر ٿرٿلو
ائين مسجدون ڪوٽ ماڙيون ڌڏن
جيئن تيز اوڀر ۾ ٽاريون لڏن.
ائين ڌوڙ ملبي ۾ لاشا لڇن
منيٰ ۾جيئن ٻڪرا، دنبا لڇن.
هزارين لکين ٻار پوڙها مرن،
جيئن مينهن ۾ ٿا ماڪوڙا مرن.
لکين ساهه کن ۾ نپوڙي ڇڏي
حجم ڄڻ ته ٿو وار ڪوڙي ڇڏي.
نٿو ڪو جو ڀونچال کي ڏئي لغام،
ته پو ڇونه سمجهون نڌڻڪو نظام؟
سڃن ۾ سڙي وئي، ڪنن ۾ ٻڏي وئي،
هي سسئي ۽ سهڻي جي صورت نڌڻڪي،
ڇپر ۾ ڇلي وئي، جهنگل ۾ رلي وئي،
هي آري ۽ ميهر جي محبت نڌڻڪي.
نڪا جوڻ جڳ ۾ نه بدلي جو ڏينهن
ته ظالم لٽي ڄڻ ته عزت نڌڻڪي!
لکين ڪڻڪ ڀري ڀانڊن ۾ پئي آ،
ٿري لک بکارا نڌڻڪا نه آهي؟
گذارين غلامن جيان پهنجي وطن ۾.
هي سنڌڙي سهارا ، نڌڻڪا نه آهي؟
جتي جو چاهي ، اتي آڳ اڇلي
هي پرمار مارا، نڌڻڪا نه آهي؟
نڌڻڪو زماني جو بت ٿي سگهي ٿو
زماني جي ناهي طبيعت نڌڻڪي
نڌڻڪا زماني جا اوهام آهن،
زماني جي ناهي حقيقت نڌڻڪي.
استاد بّخاري