• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي رڪنن جو آن لائين اسٽيٽس انڊيڪيٽر

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو فورم جي اپگريڊيشن کان پوءِ جيڪي مسئلا سلجهائڻا هيا اهي ترتيب سان سلجهي رهيا آهن۔۔ ڪافي اهڙا پلگ انس جيڪي اڳ موجود هئا ۽ فورم تي پسند ڪيا پئي ويا انهن کي نئين ورجن مطابق بڻائي لڳايا پيا وڃن۔۔۔ پر هاڻي ضرورت آهي فورم کي اضافي فيچرس سان سجائڻ جي ان سلسلي ۾ پهريون قدم وڌائيندي اڄ هڪ نئون اضافو عمل ۾ آندو ويو آهي۔۔ هي آهي رڪن جو آن لائين سٽيٽس ٻڌائيندڙ آئڪان۔۔۔ جنهن جي ڪافي وقت اڳ کان فرمائيش ٿيل هئي۔۔۔
هاڻي توهان هر رڪن جي تصوير مٿان کاٻي پاسي واري ڪنڊ تي هڪ ٽٻڪو (ڊاٽ) ڏسي سگهندو ۔۔ ان ڊاٽ جو رنگ ڳاڙهو هوندو ته اهو اشارو ڪندو ته رڪن هن وقت فورم تي آن لائين موجود نه آهي۔۔ پر جي رنگ سائو هوندو ته رڪن جي آن لائين موجودگي جو اشارو هوندو۔۔
ان طرح توهان رڪن کي ٽيگ ڪري پنهنجي تحرير يا سوال جو جواب به تڪڙو وٺي سگهو ٿا ۽ کيس ذاتي ڪچهري موڪلي پڻ تڪڙو جواب وصول ڪري سگهو ٿا۔۔۔

jFw6pK6uI1XWQ.png
 
ماشاءالله سان سنڌ سلامت ڏينهنون ڏينهن ترقي ڪندو ٿو وڃي، اميد ته اهڙيون سنڌ سلامت جون خوبيون ڏينهنون ڏينهن وڌنديون وينديون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا هڪ عرض ڪرڻو هو، عرض اهيو آهي ته اسان جا مضمون اگر ميمبر ڏسي ٿو ته ان جو ته پتو پوي ٿو، مگر جيڪي ميمبر نه آهن انهن جو به انگ اکر سامهون اچي سگهي ٿو، ڪو اهڙو عمل ٿئي سگهي ٿو، اگر ٿئي سگهي ٿو ته ان عمل کي پنهنجو ڪو رنگ لڳائي اهيا صحولت مهيا ڪندا ته مهرباني۔
 
سائين اهو ساٿي به به ڪو هڪ ٻه آهي، جن وٽ جادو وارو اختيار آهي۔
رازداري جا اختيار هر رڪن کي موجود آهن۔۔ ڪو به رڪن پاڻ کي ٻين کان لڪائي سگهي ٿو۔۔۔ صرف انتظامي رڪنن کي اهو اختيار آهي ته انهن جو رازداري باوجود آن لائين اسٽيٽس ڏسي سگهن۔۔۔

jmrMof9stp1Tl.png
 
Back
Top