• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهر سردارن سان قربت جو فيصلو ڪيو آهي.

ڏهرڪي (رپورٽ: رمضان پيرزادو) ڏهرڪي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تيارين جي پهرين مرحلي ۾ ڀرچونڊي پيرن جي سرگرمين ۽ خالد احمد لنڊ پارا مهر سردارن کان ميدان مارڻ واري اعلان بعد مهر سردار هڪ دفعو ٻيهر ڏهرڪي کي پنهنجو سياسي محور بڻائي ورتو آهي، ان لاءِ مليل اطلاعن موجب سردار علي گوهر خان مهر ڏهرڪي شهر ۾ اڪثريتي ووٽ رکندڙ هندو پئنچائت جي مکي نامون مل ۽ مکي انيل ڪمار تي شفقت جو هٿ ڦيري ورتو آهي جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي ۾ ميرپور ماٿيلو جي هاءِ پروفائيل رنڪل ڪماري ڪيس ۾ ڏهرڪي جي هندو نوجوانن اڳ ۾ ڀرچونڊي پيرن کان بيزاري جو اظهار ڪري چڪا هئا ۽ سردار علي گوهر مهر جي قربت بعد ٽيهن سالن ميان مٺي سان قربت رکندڙ مکي نامومل به هاڻي واضح ڪندي چيو آهي ته مان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ جو صدر آهيان ۽ پيپلز پارٽي سان نينهن جو ناتو نڀائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته مان پارٽي جي فيصلي کي اوليت ڏيندس، جڏهن ته پيپلز پارٽي ضلعي گهوٽڪي ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان فري هينڊ ڏيئي ڇڏيو آهي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڏهرڪي ۾ ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر، فنڪشنل ليگ جي پير عبدالخالق ۽ ايس ٽي پي جي ڄام عبدالفتاح سميجو به بلدياتي چونڊن ۾ مهر سردار سان وفادار ٿيڻ جا وچن ڪري ورتا آهن ته ٻئي پاسي وزير خوراڪ ڄام مهتاب ڏهر جي سوٽن ڄام جاويد احمد ڏهر ۽ وسيم خان ڏهر به مهر سردارن سان قربت جو فيصلو ڪيو آهي.
 
Back
Top