• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي چونڊيل ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثا

  • اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي چونڊيل ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن ۾
  • سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جا هڪ ڪروڙ 62 لک، 58 هزار، 780 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن، جن موجب وڏي وزير جي ، ڪراچي ۾ واقع 500 چورس وال گهر جي ماليت 32 لک، خيرپور ۾ ٻن گهرن جي ماليت 8 لک 62 هزار، خيرپور ۾ 65 ايڪڙ زمين جي ماليت 9 لک 88 هزار ڄاڻائي آهي، اسلام آباد هڪ پلاٽ جي ماليت 9 لک،400 گرام سون جي ماليت فقط 2 لک رپيا، 9 لک 63 هزار، 760 رپيا نقدي ۽ گهرن ۾ فرنيچرن جي ماليت ساڍا 5 لک رپيا ڄاڻائي آهي.
  • سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ پنهنجي اثاثن جي ماليت 5 ڪروڙ، 65 لک، 75 هزار،578 رپيا،
  • اين پي پي سان واسطو رکندڙ ايم پي اي غلام رسول عرف عاقب جتوئي جي اثاثن جي ماليت 59 ڪروڙ، 17لک، 52 هزار 46 رپيا ڄاڻايل آهي، جنهن ۾ سندس نالي 6 ڪروڙ، 92 لک، 39 هزار 442 رپين ۽ سندس گهر واريءَ جي نالي 51 ڪروڙ، 95 لک، 66 هزار، 321 رپين جي ملڪيت به شامل آهي.جڏهن ته هن نيو جتوئيءَ ۾ پنهنجي فارم هائوس جي ماليت 20 لک، دادو واري گهر جي ماليت 10 لک، نيو جتوئي واري گهر جي ماليت 35 هزار رپيا ڄاڻائي آهي،
  • سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙي جي اثاثن جي ماليت 3 ڪروڙ 77 لک، 45 هزار 321 رپيا آهي،
  • ورڪس ۽ سروسز جي وزير مير هزار خان بجاراڻي جي اثاثن جي ماليت 2 ڪروڙ 46 لک،
  • امتياز شيخ جي اثاثن جي ماليت 3 ڪروڙ ، 21 لک، 47 هزار رپيا،
  • سردار محمد بخش مهر جي اثاثن جي ماليت 37 ڪروڙ، 55 لک، 22 هزار، 31 رپيا ظاهر ٿيل آهي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسلام آباد، وزيراعظم نواز شريف ملڪ جو سڀ کان امير پارليامينٽيرين آهي جڏهن ته آزاد ايم اين اي جمشيد دستي سڀ کان غريب اسيمبلي ميمبر آهي. عمران خان، غلام احمد بلور ۽ ٻيا ميمبر ڪروڙپتي، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا لک پتي سياستدان آهن.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسيمبلي ميمبرن جي جائداد جا تفصيل ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي انهن ميمبرن جا پنهنجا جمع ڪرايل آهن. مالي سال 2013-2012ع لاءِ جاري ڪيل اثاثن جي تفصيلن موجب
  • وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي ڪل ملڪيت هڪ ارب 82 ڪروڙ 40 لک 44 هزار 233 رپيا آهي جنهن ۾ هن جي پنهنجي ملڪيت زرعي زمين، ورثي ۽ تحفي ۾ مليل جائداد، يا وزيراعظم وٽ پلجندڙ ماڻهن جي نالي ملڪيت، ڪارخانا، ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي جا بئنڪ اڪائونٽ، سونا زيور ۽ فرنيچر سڀ شامل آهن. انهن مان رڳو زرعي زمين ۽ جائداد جي قيمت هڪ ارب 43 ڪروڙ، 3 لک 32 هزار 500 رپيا آهي.
  • پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي اثاثن ۾ پلاٽ، زرعي زمين،گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائونٽ شامل آهن ۽ انهن جي قيمت 5 ڪروڙ 93 لک، 50 هزار 582 رپيا آهي. جڏهن ته سندس ذاتي اثاثا هڪ ڪروڙ 28 لک 25 هزار 300 رپين جا آهن. هو 2 ڪروڙ 96 لک 75 هزار 291 رپين جو قرضي آهي.
  • پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مخدوم امين فهيم پنهنجي ملڪيت جي قيمت نه ٻڌائي آهي امين فهيم ۽ سندس گهرواري ۽ ٻارن جي نالي هالا ۾ 306 ايڪڙ زرعي زمين، ڊيفينس ڪراچي ۾ 5 بنگلا آهن جن مان رڳو هڪ جي قيمت 3 ڪروڙ 30 لک ۽ ٻئي جي 3 ڪروڙ رپيا آهي. سندس راولپنڊي جي راول ٽائون ۾ هڪ فارم هائوس آهي، جڏهن ته دبئي ۾ سندس هڪ اپارٽمنٽ جي قيمت 22 لک درهم ظاهر ڪئي وئي آهي. مختلف بئن اڪائونٽن ۾ 20 لک 98 هزار رپيا پيل آهن، سندس گاڏيون هڪ ڪروڙ 36 لک رپين جون آهن، ان وٽ 48 لک رپين جا زيور، 38 لک رپين جو فرنيچر به آهي، سندس زرعي فصلن مان آمدني 65 لک رپيا سالياڻي، مقاطعي تي ڏنل زمين مان آمدني 60 لک رپيا آهي جڏهن ته وٽس 31 لک رپين جو چوپايو مال به آهي.
  • جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا ڪل ظاهر ڪيل اثاثا 73 لک 18 هزار 380 رپين جا آهن. سندس اڪائونٽ ۾ 16 لک 8هزار 360 رپيا، 9 لک رپين جا زيور، 40 لک رپين جا 2 گهر ۽ 7 لک رپين جو هڪ پلاٽ شامل آهي.
  • وچولي طبقي جي پارٽي هجڻ جي دعويدار پارٽي ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار به لک پتي آهي، سندس اثاثا فليٽ، گاڏي، ورثي ۾ مليل جائداد، بئنڪ اڪائونٽ، فرنيچر ۽ زيورن تي ٻڌل آهي جن جي ڪل ماليت 36 لک 41168 رپيا آهي. سندس اڪائونٽ ۾ 14 لک 78250 رپيا پيل آهن.
  • عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ پشاور مان چونڊيل ايم اين اي حاجي غلام احمد بلور به ڪروڙ پتي آهي هن جي ظاهر ڪيل اثاثن جي ڪل ماليت 3 ڪروڙ 75 لک، 60 هزار 419 رپيا آهي. جنهن مان پشاور جي رضا شهيد روڊ واري گهر جي قيمت 20 لک رپيا، عظيم سي اين جي ۾ شيئرن جي ماليت 45 لک رپيا، گرين گيس سي اين جي ۾ شيئرن جي ماليت 75 لک رپيا، پي ايس او ۾ شيئرن جي ماليت 22290 رپيا، وٽس 90 لک رپين جي ڪار آهي، وٽس 93 لک 26 هزار 879 رپيا روڪ يا بانڊ جي صورت ۾ آهن. مٿس ڪو به قرض نه آهي. ان کان علاوه غلام احمد بلور وٽ 5 لک 50 هزار رپين جو 50 تولا سون، 21 لک 89 هزار رپين جون گاڏيون آهن. 5 لک 69 هزار 500 رپين جا پرائيز بانڊ اٿس.
  • ايم اين اي عمران خان خٽڪ جا اثاثا 2 ڪروڙ 5 لک 34 هزار 122 رپين جا آهن جنهن ۾ سندس گهرواري جي نالي تي دڪان، سپر مارڪيٽ ۾ شيئر، زرعي زمين به شامل آهي.
  • قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب احمد خان شيرپائو وٽ چارسده ۾ دڪان ۽ مارڪيٽ جي ماليت هڪ لک 13 هزار 400 رپيا، فارم اسٽور ۽ گهر جي قيمت 30 هزار رپين جا، اسلام آباد ۾ گهر 33 لک رپين جو، گهر ۾ ڪم ڪرايائين 60 لک رپين جو، ٽويوٽا لينڊ ڪروزر جي قيمت 35 لک رپيا اٿس.هن پنهنجي گهرواري جي نالي جائداد الڳ ڄاڻائي آهي. هن وٽ چارسده جي فارم اسٽور ۽ گهرن جي موجوده قيمت هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ڄاڻائي آهي، هن زمين وڪرو ڄاڻائي آهي جنهن مان کيس 4 ڪروڙ 5 لک رپيا سوٿي ملي آهي. هن چارسده ۾ ڳوٺ وارو گهر ۽ مارڪيٽ هڪ ڪروڙ هڪ لک رپين ۾ وڪرو ڪيو آهي. وٽس 3 ڪروڙ 68 لک 75 هزار 593 رپيا روڪ آهن جنهن سان سندس ڪل ملڪيت 5 ڪروڙ 32 لک 2 هزار 259 رپيا ٺهي ٿي ان کان سواءِ وٽس 500 ڊالر ۽ 572 پائونڊ اسٽرلنگ به آهن.
  • اي اين پي اڳواڻ ۽ خيبرپختون خوا جي اڳوڻي وڏي وزير اميرحيدر خان هوتي پنهنجي ڪل اثاثن ۾ سي اين جي اسٽيشنن ۾ حصيداري، گهرواري جي نالي زمين، دبئي جي ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ 24 سيڪڙو شيئر، 20 تولا سون، 4 لک 30 هزار رپيا روڪ، ٻن بئنڪ اڪائونٽن ۾ 4 لک 46هزار رپيا، 3 لک 50 هزار رپين جو فرنيچر ڄاڻايو آهي. مردان واري سي اين جي جنهن ۾ سندس 66 سيڪڙو شيئر آهي ان جي قيمت 64 لک 48 هزار رپيا، نوشهرا واري سي اين جي جي قيمت 50 لک رپيا آهي. سندس گهرواري جي نالي ٽن هنڌن تي زمين جي ڪل قيمت7 ڪروڙ 12 لک 39 هزار235 رپيا آهي. دبئي واري ڪاروبار جي ڪل قيمت 33 لک رپيا آهي.
  • قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي وٽ 60 لک رپين جو پنهنجي رهائش جو گهر، 55 لک رپين جي گهر ۾ هڪ ڀاڱي 6 حصو، 96 لک جي گودام ۾ هڪ ڀاڱي 6 حصو، ورثي ۾ مليل 40 هزار رپين جي زمين آهي جڏهن ته ڪوهستان ۽ عباسي برادرز پراپرٽي، ڪوهستان فلور ملز ۾ سندس شيئر آهي. مائننگ ليز جا کيس 32 لک رپيا مليا آهن.
  • تحريڪ انصاف جي اسلام آباد مان چونڊيل ايم اين اي ۽ اهم اڳواڻ اسد عمر جا اثاثا 61 ڪروڙ 92 لک 20 هزار 390 رپين جا آهن جن مان 40 لکن جا زيور اٿس، سندس مختلف اسڪيمن ۽ مالياتي فنڊن ۾ سيڙپ ٿيل آهي. وٽس ساڍن ٽن ٽن ڪروڙن جو ٻه گاڏيون هنڊا اڪارڊ ۽ مرسڊيز آهن.
  • وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي وٽ بئنڪن ۾ 10 لک رپيا، 25 لکن جون گاڏيون، هڪ لک جو فرنيچر، 90 ڪروڙن جو ڪاروبار اٿس، وٽس زمين، مري جي هوٽل ۾ حصو ۽ ٻي ملڪيت آهي.
  • وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وٽ 11 گهر ، زمين ۽ پلاٽ اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ آهن، جيڪي سندس اباڻا آهن ۽ هن انهن جي قيمت نه لکي آهي. وٽس 29 لک 48 هزار رپيا بئنڪن ۾ آهن ۽ 2 لک 35 هزارن جو فرنيچر رکي ٿو. هو 24 لک رپين جو ايس بي فيڊز جو قرضي آهي. 15 لکن جا زيور اٿس،
  • عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد پنهنجا هڪ ڪروڙ 67 لک 73 هزار 500 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. وٽس 18 لک 61 هزار 200 رپين جي ڪار آهي. 3 لک 25 هزارن جو فرنيچر رکي ٿو. وٽس 6 لک 30 هزار رپين جون بندوقون ۽ پسٽل آهن.
  • ايم اين اي سميرا ملڪ وٽ 33 لک رپين جون 2 گاڏيون آهن. سندس اڪائونٽ ۾ 81 لک 2 هزار 887 رپيا آهن.ميانوالي ۾ 39 ملين ۽ خوشاب ۾ 40 ملين جي زرعي زمين، اسلام آباد ۾ 85 ملين جو هڪ پلاٽ ۽ 36 ملين جو گهر، سندس مڙس ملڪ طاهر اعواڻ وٽ به 75 ملين جي ملڪيت آهي.
  • وزيراعظم جي ناٺي ڪيپٽن صفدر پنهنجي اثاثن ۾ اسلام آباد ۽ مانسهرا ۾ الاٽ ٿيل پلاٽ، زرعي زمين، بئنڪ ۾ 20 لک رپيا، 60 لکن جي بي ايم ڊبليو گاڏي، 10 لک 31525 رپين جو 550 گرام سون، 2لکن جو فرنيچر رکي ٿو.
  • مملڪتي وزير عابد شيرعلي وٽ 2 ڪروڙ 10 لک رپين جي ماليت جا اسلام آباد ۾ پلاٽ آهن، مٿس قرض به آهي. هڪ ڪروڙ 35 لک 96 هزار 770 رپين جي ملڪيت اٿس جڏهن ته گاڏين ۽ شين سميت سندس ڪل اثاثا 3 ڪروڙ 50 لک 76 483 رپين جا آهن.
  • وفاقي وزير خرم دستگير خان وٽ تحفي ۾ مليل گجرانوالا جو گهر 14 لک 50 هزار رپين جو آهي. 9 لک 99 هزار 900 رپين جي هڪ گاڏي اٿس. 11 لکن جا زيور رکي ٿو. هڪ لک 27 لک رپيا روڪ اٿس.
  • ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي وٽ 85 لک 40 هزار رپين جي زمين آهي، 99 لک 77 هزار 500 رپين جو ڪاروبار اٿس. ملڪ اندر اڍائي ڪروڙن جي سيڙپ ڪيل اٿس، 7 ڪروڙ 59 لک 34200 رپين جو مٿس قرض آهي.
  • وفاقي وزير خواجه آصف جا طارق مير ڪمپني ۾ سندس نالي 50 سيڪڙو ، زال جي نالي 20 ۽ ڌيءُ جي نالي 20 سيڪڙو شيئر ۽ گجرانواله لا ڪاليج ۾ زال جي نالي 20 سيڪڙو شيئر اٿس. 45 لکن جو سون به رکي ٿو. سندس اڪائونٽ ۾ 6 لک 85 هزار 188 رپيا آهن، سندس ۽ سندس گهرواري جي نالي گهر بئنڪن وٽ گروي آهن، هن جا ٻه گهر لاهور ڊفينس ۾ آهن. وٽس 3 گاڏيون آهن.نيويارڪ جي سٽي بئنڪ جي ٻن اڪائونٽن ۾ 31 هزار ڊالر پيا اٿس.
  • وفاقي وزير احسن اقبال 50 ايڪڙ ۽ 4 ڪنال زمين آهي، 17 لکن جي هڪ گاڏي ليز تي ورتل اٿس. 15 تولا سون به رکي ٿو. 8لک 50 هزار رپين جو فرنيچر ۽ بئنڪ ۾ اٿس.
  • حمزه شهباز شريف جا چوڌري ۽ رمضان شگر ملز، حمزا اسپننگ ملز، محمد بخش، ڪلثوم ٽيڪسٽائل مل، حديبيا پيپر، حديبيا انجنيئرنگ، خالد سراج انڊسٽريز، مدني ٽريڊنگ، مدينا ڪنسٽرڪشن، شريف فيڊ ملز، شريف پولٽري فارمز، شريف ڊيري فارمز، رمضان انرجي، شريف ملڪ پراڊڪٽ ۽ ڪرسٽل پلاسٽڪ ۾ شيئر آهن جن جي ماليت 11 ڪروڙ 62 لک 43 هزار 850 رپيا آهي.جڏهن ته هو 9 ڪروڙ هڪ لک 37 هزار 479 رپين جو قرضي آهي ۽ اهو قرض شريف فيڊ ملز، شريف پولٽري فارمز، مدني ٽريڊنگ ۽ مدينا ڪنسٽرڪشن تي آهي. سندس اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک 44 هزار 873 رپيا پيل آهن. سندس ڪل دولت 25 ڪروڙ 4 لک 67 هزار 21 رپيا آهي.
  • ن ليگ جي خواجه سعد رفيق جا اثاثا37 لک 28 هزار 853 رپين جا، تحريڪ انصاف جي شفقت محمود وٽ 60 لک 36 هزار 153 رپيا اڪائونٽ ۾ آهن.
  • مخدوم جاويد هاشمي جا اثاثا اڍائي ڪروڙن جا آهن،
  • مخدوم شاهه محمود قريشي جا اثاثا ڪروڙن ۾ آهن هن تفصيل ته ڏنا آهن پر ڪل اثاثا نه ٻڌايا آهن، تنهن هوندي به 47 لک 80 هزار رپين جو قرضي به آهي. 10 لکن جا زيور، 18 لکن جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 99 لک رپيا بئنڪ ۾ پيا اٿس.
  • اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ الحق جي پٽ اعجازالحق وٽ هڪ ڪروڙ 4 لک 59417 رپين جا اثاثا آهن.
  • سنڌ ۾ پ پ جي نعمان اسلام شيخ جا اثاثا هڪ ڪروڙ 44 لک 38 هزار 430 رپين جا اثاثن جو مالڪ آهي،
  • مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سکر جي ميمڻ سوسائٽي ۾ پلاٽ، ٻن جاين تي 10 ايڪڙ زمين، اسلام آباد ۾ هڪ ڪنال جي پلاٽ ۽ اباڻي گهر جو مالڪ آهي. سندس صالح پٽ ۾ نارا ڪاٽن فيڪٽري به آهي. 10 لکن جو فرنيچر به اٿس، 75لک 3 هزار رپيا اڪائونٽ ۾ يا بانڊ جي صورت ۾ اٿس.
  • پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر 23 ڪروڙ 71 لک رپين جي ملڪيت جو مالڪ آهي،
  • فريال ٽالپر وٽ 15 ڪروڙ، 78 لک 99 هزار 999 رپين جي ملڪيت آهي سندس 11 بئنڪ اڪائونٽ آهن. لاهور ۾ پلاٽ، سنجهوري ۾ زمين ۽ اسلام آباد ۾ ولا ۾ سندس حصو آهي. وٽس 62 لک رپين جو سون آهي. ٽنڊي الهيار، سانگھڙ ضلعن ۾ 252 ايڪڙ زمين سندس نالي آهي. گوادر، ڪراچي، اسلام آباد ۾ به پلاٽ اٿس.
  • ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو 7 ڪروڙ 99 لک 59410 رپين جي ملڪيت جي مالڪ آهي.
  • فنڪشنل ليگ سنڌ جو صدر پير صدرالدين شاهه راشدي وٽ 30 جون 2013ع تي ڪل اثاثا 39 ڪروڙ 53 لک 66649 رپيا هئا. پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر وٽ 17 ڪروڙ 72هزار 513 رپين جي ملڪيت آهي.
  • ملڪ اسد سڪندر پنهنجا اثاثا 10 ڪروڙ 10 لک رپين جا ظاهر ڪيا آهن.
  • شازيا عطا مري وٽ 5 تولا سون، 25 هزار رپيا روڪ ۽ 29 هزار رپيا بئنڪ ۾ آهن وٽس ڪا به گاڏي وغيره نه آهي.
  • ايم ڪيو ايم جي نبيل گبول وٽ هڪ گهر ۽ هڪ فليٽ آهي، 8 لک رپين جي هڪ ڪار اٿس.
  • محمود خان اچڪزئي وٽ 2 گاڏيون، 3 ڪلاشنڪوف، هڪ پسٽل آهي هڪ گهر اٿس جيڪو به اڃا سندس نالي نه ٿيو آهي سندس پٽن جي نالي تي 3 پلاٽ آهن.

1512508_789720057720809_588069414_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جيڪي لک پتي ۽ ڪروڙ پتي آهن انهن جي آمدني ائين به هر مهيني وڌندي رهندي آهي۔ غريب جي وري هر مهيني گهٽبي رهبي آهي جو هر شيء هر مهيني مهانگي ٿيندي ويندي آهي۔
 
هل سائين ۔۔۔۔ پوء اسان جهڙا غريب ڪيئن ٿا پارليامينٽ تائين پهچي سگهن ۔۔۔ ان معاملي ۾ ايم ڪيو ايم جا عام ماڻهو به ميمبر ٿي وڃن ٿا۔ جڏهن ته اسان جي ٻين پارٽين ۾ بغير پيسي وارو ماڻهو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي۔
 
هل سائين ۔۔۔۔ پوء اسان جهڙا غريب ڪيئن ٿا پارليامينٽ تائين پهچي سگهن ۔۔۔ ان معاملي ۾ ايم ڪيو ايم جا عام ماڻهو به ميمبر ٿي وڃن ٿا۔ جڏهن ته اسان جي ٻين پارٽين ۾ بغير پيسي وارو ماڻهو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي۔
سائين مٺا ايم ڪيو ايم وارن جا پنهنجا اصول ٺاهيل آهن اهي پنهنجي گرو جي اصولن تي ڪاربند آهن اسان وٽ وري ڀوتارن جا اصول ٺاهيل آهن جيڪڏهن ڪنهن غريب يا متوسط اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي ته پارليامينٽ ۾ ته پهچي يا نه پهچي ليڪن ٻيلي تائين ضرور پهچي ويندو ۽ موٽندي وري ٻين کي به چوندو ته ادا اهڙي سجاڳي جي ڳالهه ئي نه ڪيو۔ جو مورڳو ننڊ پئجي وڃو۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top