پشاور (عوامي آواز نيوز) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ هڪ گهر تي امريڪي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. خابرو ذريعن موجب ڊرون حملا ميران شاهه واري علائقي ماچس ۾ ڪيا ويا آهن جتي ڊرون ذريعي هڪ گهر تي 2 ميزائل ڪيرايا ويا. حملي دجي نتيجي ۾ گهر مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. ماڻهن ملبي مان ٽن ڄڻن جون لاشون ڪڍيون آهن. حملي کانپوءِ به علائقي ۾ گهڻي دير تائين ڊرون طيارا اڏامندا رهيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل رهيو.
افسوس آهي جو پاڪستاني حڪمران رڳو عوام سان ڪوڙ ٿا هڻن هاڻي ته نيٽ ذريعي ڪافي راز آئوٽ به ٿي چڪا آهن ته حڪمران پاڻ انهن حملن ۾ نه فقط رازي آهن بلڪ سندن ئي اشاري تي اهو سڀ ڪجهه ٿئي پيو۔ پر پوء به بي حيائي جي حد آهي جو چون ٿا ته اسان ته روڪ ٿام جي ڪوششون پيا ڪيون ۔