سياري جي موسم سبب حادثن ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) امريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ انهن ڏينهن ۾ مينهن ۽ برفاني طوفان هٺ آهن. سياري جي موسم سبب حادثن ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. بجلي جو نظام درهم برهم سبب هزارين گهر ڪرسمس جي روشنين کان محروم رهيا آهن. امريڪا ۽ ڪينيڊا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ برفاني طوفان سبب ٿيل تباهي ۽ سخت سياري کي منهن ڏئي رهيون آهن. لکين ماڻهون ٿڌ ۾ اونڌاهي واري ڪرسمس ملهائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته بجلي جو نظام بري طرح متاثر ٿيو آهي. امريڪا ۾ برفاني طوفان ۽ ٿڌ سبب مارجي ويل جو تعداد 14 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪينيڊا ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڪينيڊا جي شهر ٽورانٽو ۾ درجه حرارت ڪاٽو 7 تائين پهچي ويو آهي. هوڏانهن برطانيا ۾ شديد برسات جي سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هتي به هزارين گهر بجلي کان محروم هئڻ ڪري ڪرسمس جون خوشيون بنا روشني جي ملهائي رهيا آهن. ٽن ڏهاڙن دوران حاثن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڏکڻ ۽ وچ برطانيا ۾ 50 هزار گهرن جي بجلي غائب آهي. فرانس ۾ به طوفاني هوئن ۽ مينهن سبب هزارين ماڻهون بجلي کان محروم آهن. 90 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائون ۽ تيز برسات سبب فرانس ۽ برطانيا ۾ ريل ۽ فيري سروس سميت ڪيتريون ئي اڏامون متاثر ٿيون آهن.
    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو