وهاب جروار بابا پئسا هاڻِي ڏي تون يا رانديڪا آڻي ڏي تون رانديڪي ۾ ريل ضروري جنهن کي ڀانئي سنگت پوري يا نه ته ڪائي لاري گهرجي لاري ڏاڍي پياري گهرجي جنهن تي گڏڙا گڏڙيون گهمنديون سڀئي ننڍڙا ننڍڙيون گهمنديون پهرين لکبو پڙهبو يارو پو ته ايندو راند جو وارو
ادا وھاب تمام بھترين شاعري آھي انھي لا توھان کي جس ھجي پر ھڪ عرض جي دل ۾ ن ڪيو ت پھرين لکبو پڙھبويارو (يارو ) جي بجا ٻارو ھجي ت بھتر وڌيڪ لا ٻي سنگت پنھنجا رايا ڏيندي
او جيءُ سنڌي مان پاڻ سنڌي منهنجي ماءُ سنڌي منهنجو پيءُ سنڌي مان سنڌ ۾ڄائو نپنو هان، جا لولي مٺڙيءَ ماءُ ڏني تنهن لوليءَ مون کي لعل ڪيو خوشحال ڪيو ان لوليءَ مون کي سنڌ ڏني ان لوليءَ مون کي جند ڏني منهنجو ساهه سنڌي منهنجو چاهه سنڌي مان سنڌ جوپاڻي پيئان ٿو ۽ جنت ۾ ڄڻ جيئان ٿو منهنجو شان سنڌي منهنجو مان سنڌي منهنجو ٻول سنڌي منهنجو ٽول سنڌي دل هول سنڌي ٻڌ ڍول سنڌي منهنجي ٽور سنڌي منهنجي اور سنڌي منهنجو نانءُ سنڌي مان پاڻ سنڌي منهنجي ماءُ سنڌي منهنجو پيءُ سنڌي سڏ ڪر ته چوان او جيءُ سنڌي او جيءُ سنڌي ( گل ڦل جون 1
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ....... منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف ســــنــڌ آهي (سائين جي ايم سيد)