• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ۔۔۔۔گل ڪونڌر

1546202_701950203158726_1090234821_n.jpg
غزل

مُنهنجي مَنَ تي ڳوڙهن جِي برسات ٿئي پئي،
سٺو آ اُڃايل لئه سوغات ٿئي پئي.

نه مَورن ٽَهُوڪا نه ڪا ڊَيلَ ٿر ۾،
ڏکن ۾ سُکن ۾ گُذر رات ٿئي پئي.

ڪڪرُ ڪو اچي ٿو وسڻ لئه جڏهن ڀي،
نه قابوءَ ۾ پنهنجي ڪا جذبات ٿئي پئي.

اُفق تي ڇٽي ويو آ لالاڻ ڇا جِي،
شفق جِي نه سورج سان ڪا بات ٿئي پئي.

لڳي اک نه آهي وئي رات گذري،
سُمهي پئُه چريا هاڻ پرڀات ٿئي پئي.

ڊڄي پيو ٿو “ڪونڌر” وڃي ڪيئن پرينءَ ڏي،
سندس راهه رنڊڪ “گُلَ” اوقات ٿئي پئي.
 
Back
Top