• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ ثقافتي ۽ سائنسي سرگرمين جو هفتو ملهايو ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1544521_10202557963768540_665194573_n.jpg


روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ ثقافتي ۽ سائنسي سرگرمين جو هفتو ملهايو ويو.


روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ ثقافتي، تعليمي ۽ راندين جي سرگرمين جو هفتو ملهايو ويو. ان موقعي تي شاگرن سنڌ جي روايتي راندين ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي جي مقابلن ۾ حصو ورتو. ان سان گڏ شاهه لطيف بابت سوالن جوابن جا مقابلا، لطيف جي بيتن جا مقابلا، تقريري مقابلا ۽ ان سان گڏ سائنسي تجربن سان گڏ ماڊل ٺاهي سائنسي ڄاڻ ڏني.

شاگردن جي بهترين ڪارڪردگي تي کين ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام پڻ ڏنا ويا. تقريب ۾ روشن تارا اسڪول جي شاگردن، والدين، استادن، اسڪول انتظاميه، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ ميمبرن، اديبن، شاعرن ۽ علائقي جي معززين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري رئوف پارس دايو، روشن تارا اسڪول گهوٽڪي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، پروفيسر رخمان گل پالاري، روشن تارا اسڪول جي چيئرمين تاج محمد وساڻ، پروفيسر علي انور بالادي، ڪرم الاهي چنا، محمد سليمان وساڻ ۽ ڊائريڪٽر انفرميشن ثناء الله راڄڙ کٽندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

شاگردن پاران پيش ڪيل سائنسي ماڊل ۽ انهن بابت ڄاڻ سچ ته تمام گهڻو حوصلا افزا رهي ۽ اها اميد پيدا ٿي ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ جي ڪا کوٽ ڪانهي ۽ اها اميد وري پيدا ٿي ته سنڌ جا نوجوان دنيا ۾ پاڻ ملهائي اسان جي سنڌ کي سرخرو ڪندا۔

سگا گهوٽڪي پاران شاگردن لاء ڪيش انعام به ڏنو ويو۔ ان موقعي تي شاگردن پاران پيش ڪيل، موسيقي، ٽيبلوز ۽ لطيفن ماڻهن جي منهن تي مرڪون وکيريون۔

1507744_10202536047700652_1099641192_n.jpg


1524735_10202536050540723_1522739131_n.jpg


1457463_10202536057620900_1868801522_n.jpg


1526995_10202536059620950_637380105_n.jpg


1174761_10202536110262216_843418390_n.jpg


1484088_10202536083181539_546881420_n.jpg


1507963_10202536069301192_743836625_n.jpg


1526161_10202536092341768_1180305688_n.jpg


1528726_10202536093661801_1604677882_n.jpg


1497703_10202536095941858_1411766477_n.jpg
 
Back
Top