سرمد سنڌي کي ڀيٽا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڄ ياد وري آئين۔

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي،

    سنڌ تي جڏهن ايران جي هڪ بزرگ حضرت عثمان مروندي پير رکيو ۽ اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيائين ته سنڌ ان کي قلندر بڻائي ڇڏيو، ۽ وري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪيو تڏهن لالون لال لطيف، ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف، بڻيو، جڳ مشهور عالم دين جناب مولانه عبيدالله سنڌي صاحب جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏايو تڏهن وڃي مولانه عبيدالله سنڌي بڻيو، اهڙي ريت سنڌ ڌرتي تي هڪ سريلي آواز وارو شخص پيدا ٿيو جنهن جو نالو رحمان مغل هو ۽ ان جڏهن سنڌ کي پنهنجو ڪيو تڏهن وڃي سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي بڻيو۽ هت مان توهان لاءان ٻيجل ثاني سرمد سنڌيجي زندگي تي ڊاڪيومينٽري وڊيوز پيش ڪيان ٿو باقي توهان پاڻ ڏسو ۽ ٻڌو( سرمد سنڌي سنڌ جو اهو فنڪار هو جنهن ڪڏهن به بازاري شاعري نه ڳائي ۽ صرف انهن شاعرن جا شاعري ڳائي جن شاعرن وٽ سچو عشق هو زندگي جو ڪو سبق هو ، پيغام هو نظريو هو سرمد سنڌي جنهن کي ٻارن کان وٺي سنڌ جا نوجوان توڙي وڏي عمر وارا ماڻهون پڻ هڪجهڙي محبت، عزت ۽ احترام سان ٻڌندا هوا سرمد کي روبرو مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو اسان جي پاڙي دادو ۾ محترم محرم علي لنڊ بلوچ صاحب جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو ۽ هڪ سٺو دوست پڻ آهي۔ ( مشهور مسيقار محرم ناز ) وٽ ايند هئا۔ ۽ سندس آخري راڳ جي محفل به دادو شهر ۾ نصيب ٿئي۔ ۽ مون کي اڄ به سندس ڳايل ڪلام ڪهاڙي منهنجي ڪنڌ تي آء نچندو اچان ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ آء چوندو اچان۔ ياد آهي، ۽ جنهن محفل ۾ سرمد اهيو ڪلام ڳايو هو اتي وقت جو هڪ وزير ۽ دادو پوليس جو ايس ايس پي پڻ ويٺل هئا، مگر سنڌ جي هڪ جوان پنهنجي نوڪري جي پرواه به نه ڪندي پنهنجي پوليس واري وردي سان هٿ ۾ پوليس رائيفل کڻي انهيء سرمد جي ڳايل ڪلام تي نچڻ شروع ڪيو هو ، جنهن جي خبر ان وقت جي اخبارن ۾ پڻ لڳي هئي۔ ) .ممتاز علي وگهيو۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. پاڻ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا. سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.بشڪريه وڪيپيڊيه
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 ڊسمبر 2013
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سرمد جو آواز صدين تائين بلڪه هميشه لاء امر بڻجي ويو آهي۔ هو نوجوانن توڙي هر عمر جي ماڻهن جو مقبول فنڪار هو۔ سرمد جي اها خاصيت هئي جو هن لطيف کان اياز ۽ اياز کان بخاري ۽ وري مشتاق ڦل يا نجمه نور ڦلپوٽي جهڙي شاعرن کي ڳائي داد حاصل ڪيو۔

    سندس ڪمهلو موت سچ ته اڻ وسرندڙ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو