مهان شاعر شيخ اياز۔۔۔۔۔

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ڌرتيءَ جو مهان شاعر شيخ اياز ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن، جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا. اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پيدا ٿئي ٿو، اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي. اياز تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي جا دنيا کي بدلائي ٿي ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي. پر شيخ اياز فقط هڪ شخص نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن ۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. برصغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي.“ تنهن تي هن وراڻيو: ”فيض صاحب اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض چيو ” ها! اها ڳالهه مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾ هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“ سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي. ان جي معياري هئڻ جو دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي. جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينار، عوامي جلسن جلوسن کان ويندي ادبي ميڙاڪن تائين اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي، جنهن سان خود تخليقڪار به زنده رهي ٿو. جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي. سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽ اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.“ شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي، جو چيائين: جي تون وڙهندي ماريو ويندين، هن وستيءَ تان واريو ويندين، دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو. سن 1965ع ۾ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ واري ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان بعد 1968ع ۾ هن کي ساهيوال جيل موڪليو ويو. جيستائين ايوب جي حڪومت هئي تيستائين اياز قيد ۾ رهيو. 1970ع ڌاري پاڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي مسلسل جيل اندر قيد رکيو ويو. شيخ اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ٽي ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي پيدا ٿيون. ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪيائين، جنهن مان به کيس ٽي ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. سن 1976 ڌاري شيخ اياز کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ جتي هن چئن سالن تائين ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ اياز کي زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا تجربا به ٿيا جي هو ٻين هنڌن تي شايد ائين حاصل ڪري نه سگهي ها، يا وڪالت واري شعبي ۾ ڪم ڪندي کيس اهڙا مشاهدا ٿي نه سگھن ها. ان دؤران کانئس ڪيترائي ويجھا دوست يار به ناراض ٿيا، ڪي نوڪريون نه ملڻ تي، ته ڪي خود وائيس چانسلر واري آڇ قبولڻ تي. سن 1962 ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ وقت جي آقائن پاران ضبط ڪيا ويا، پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽ پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي. آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو، پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي، ۽ اهڙي ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو: اسان جون وفائون نه ساحل نه ڪشتي، اوهان جون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو. زمين جا ستارا هئا لڙڪ پنهنجا، اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو. ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت، صديون ساهه منهنجي سڪي توکي ساريو. تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته توکي، پتو پئي اسان کي آ ڪنهن مُرڪ ماريو. اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميده رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري بر صغير ۾ ان جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، غالباً اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو ٻيو ڪوبه شاعر پيدا نه ٿيو آهي.“ شيخ اياز، جنهن جو اصل نالو مبارڪ علي هو، غلام حسين شيخ جي گھر ۾ 2 مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم هندو سنڌي اسڪول شڪارپور ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور نيو ايريا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتي ان وقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي شعبي جو شاگردن مان چونڊيل ايڊيٽر هو. اتان فارغ ٿي قانون جي ڊگري ايل ايل بي ورتائين، جنهن جي بنياد تي وڪالت اختيار ڪيائين. کيس لکڻ واري ڪرت ننڍي هوندي کان ئي هئي جو هن ابتدائي ڪلاسن ۾ پڙهندي به پنهنجي استادن کان شاعريءَ ۾ رهنمائي پئي ورتي. سندس پهريون غزل ”مردِ خدا“ جي عنوان سان شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالي ماهوار ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن روايتن کي ٽوڙي نوان بنياد وڌا. اياز صرف گذريل صديءَ جو شاعر ئي نه هيو پر سندس فڪر ۽ تخيل جو پڙاڏو ايندڙ صدين تائين به زماني ۾ ٻُرندو رهندو، ڇا لاءِ ته سندس تخليق ۾ ساهه آهي، سندس لفظ جيئرا آهن، سندس احساسن جي ڪوملتا ۽ لفظن جي خوشبوءِ کي هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس فن ۽ تخيل جو ڪمال آهي. شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيون سج لڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ”واٽون ڦلن ڇائنيون“، ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جھم“، راڄ گھاٽ تي چنڊ“، ”جھڙ نيڻان نه لهي“، ”سُر نارائڻ شيام“، ”الوداعي گيت“، ” ڪاري رات ڪهنگ“، ”مينهن ڪڻيون“، گيڙو ويس غزل“، ”ڪونجون ڪُرڪن روهه تي“، ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾“، ”چنڊ ڳليون“، ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“، ”سورج مکي سانجھ“، ”سر لوهيئڙا ڳڀيا“، ”ننڊ-وليون“، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، ”اٿي اور الله سان“، ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦليا“، ”جر ڏيئا جھمڪن“، ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شامل آهن. ساڳي طرح سندس ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، ڊائري جي ورقن ۽ اردو شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”سفيد وحشي“ (ڪهاڻيون)، ”پنهل کان پوءِ“ (ڪهاڻيون ۽ خط)، ”بوءِ گل نالائي دل“ (اردو شاعري)، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خط، ”جڳ مڙيوئي سپنو“ (آتم ڪهاڻي)، ”ساهيوال جي جيل جي ڊائري“ (ڊائري)، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (منظوم ڊرامو)، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ (ٻه ڀاڱا)، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (ڊائري)، ”حلقه ميري زنجير ڪا“ (اردو شاعري)، ”رساله شاهه عبداللطيف“ (ترجمو)، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا) ۽ ٻيا شامل آهن. شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو: ”شيخ اياز جي شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي. اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ پختو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آيا.“ نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پيدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت سان جھنجھوڙي جو تَن تن تڙپي اٿي، مَن من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي.“ اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت، هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن. جنهن لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا، جو هن سڄي عمر سنڌيت لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي. راتين جون ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي، پر اياز کي سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي. مستقبل ۾ اياز تي اڃا به گھڻو ڪم ٿيڻو آهي، جو هيل تائين اسان اڃا شيخ اياز جي عظمت جو ڪاٿو ئي ناهيون ڪري سگھيا. هن جي شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو ڪيترو عظيم تخليقڪار هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ وڃي ترسيو جتي دل جي بيماري سان به جنگ جوٽيندو رهيو. اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪيو. کيس 29[​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 ڊسمبر 2013
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مهراڻ ڪٽپر

    مهراڻ ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2012
    تحريرون:
    81
    ورتل پسنديدگيون:
    230
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Larkana
    هن جي شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو ڪيترو عظيم تخليقڪار هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء اهيا حقيقت آهي ته اسان مرده پسند آهيون، جيڪو ماڻهون زندهه هوندو آهي ته ان جو قدر ناهيون ڪندا، جڏهن شاهه صاحب زندهه هو ته ڪلهوڙن ( حڪمران طبقي جيڪو حق سچ ٻڌي نه سگهندو هو ) شاهه لطيف کي زهر ڏنو، ۽ وري مخدوم بلاول رح زنده هو ته ان کي به ان دور جي حڪمرانن ملي ڀڳت سان گهاڻي ۾ پيڙاهي شهيد ڪرايو۔سو ادا اسان ڪنهن به شخصيت جو جيئري قدر ناهيون ڪندا باقي ان جي مرڻ کانپوء انهن جي قبرن تي پڙ وجهندا آهيون انهن جي قبرن کي پوڄڻ شروع ڪندا آهيون، ڇو جو اسان قبر پرست ۽ مرده پرست قوم آهيون، جيڪا ڳالهه سنڌ جو سائين جي ايم سيد صاحب به ڪري ويو آهي۔ اسان جا ذهن الائي ڪڏهن انهن وهم جي بيمارين مان آجا ٿيندا انهن وهمن اسان جي وڏي پيڙهي کي ته تباهه ۽ برباد ڪيو آهي مگر افسوس جو اڄڪلهه جا پڙهيل لکيل نوجوان به انهن وهم ۽ وسوسن ۾ڦاٿل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا ايازصاحب گهڻ پاسائي شخصيت جا مالڪ هئا ، ادا اهيا به حقيقت آهي ته اياز جي تعريف ۾ به گهڻو لکيو ويو آهيپر اهيا به حقيقت آهي ته اياز جي مخالفت ۽ تنقيد تي به لکيو ويو آهي۔ سنڌ جي هن منفرد شاعر جڏهن اسلام ڏانهن لاڙو ڪيو ته سندس ويجها دوست، رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو به دشمن ٿئي بيٺا جنهن جو ذڪر اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ ڪيو آهي۔ ۽ انهن تمام گهڻي تنقيد ڪئي، ۽ تنقيد به اهڙي جو ذاتيات تي لهي آيا۔
    غالبن 10 12 سال پراڻي ڳالهه آهي ته دادو پائليٽ اسڪول جي سينٽرل هال ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب جن هڪ تقرير ڪئي هئي، ( جنهن ۾ مان پاڻ شريڪ هئس ) جنهن جو عنوان هو، عقيدي ۽ نظري ۾ فرق۔۔۔ ۽ جڏهن تقرير ختم ٿئي ته عوام مان مختلف ماڻهن سوال جواب شروع ڪيا ۽ انهن سوال جوابن ۾ اياز جو به ذڪر نڪتو، ۽ پوء پليجي صاحب اياز خلاف جيڪو ڳالهايو، اهو ٻڌڻ وٽان هو، ۽ ان ٻڌندڙن مان هڪ عمر رسيده پوڙهو ويٺو هو، ۽ اهو اٿيو ۽ اٿڻ کانپوء پليجي صاحب کي چيائين ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔توهان کي شرم ڪو نه ٿو اچي، جڏهن اياز جيئرو هو، ۽ توهان جي ڪفر واري فڪر جوهو، ۽ گڏجي عياشيون ڪندا هو، شراب نوشيون ڪندا هو ته اياز ڀلو هو، ۽ جڏهن اسلام جي ويجهو ٿيو آهي ته اياز خراب ٿئي ويوآ ۽ بيڪار ٿئي ويو ڪجهه شرم ڪيو، ڪجهه حياء ڪريو۔
    ادا اڃان ته وقت ٻڌائيندو ته اياز تي ڪيترو لکيو ويندو۔ اڃان ته اياز جي شخصيت ۽ شاعري تي ڊاڪٽريٽ جا ٿيسز لکيا ويندا۔وڏا بحث ٿيندا، اڃان ته اياز صديون جيئرو رهندو۔سندس شاعري ۾ ڇا ته نواڻ آهي۔

    رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي.
    مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي.
    سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي.
    او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي.
    ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي.


    اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
    مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.
    هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
    اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.
    هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
    اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.
    اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
    تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .


    ڪنهن ساڻ وڙهين ٿو سپني ۾ ، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنى ؟
    هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها ؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راھه ورتي،
    هو هَر ڪنهن کي هيکل وڃڻو ، هِي سارا ميڙا ڇا معنى ؟
    هي چوڳو آهي چار گهڙيون ، پو پَنک پکيڙي اُڏرين ٿو ،
    ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن وَلر ؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنى ؟
    آ ڪيڏو سمنڊ ۾ اَجھاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين!
    ڪو ئي به ڪنارو ڪو نه آهي ، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنى؟
    تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾ ، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾ ،
    پَر تنهنجو ماڳُ ” ايـــــــــاز “ ڪٿي ؟ هي سارا ليڙا ڇا معنى ؟


    ساري شــهر وســايا پٿر ، جن ســــان چڪنا چور هُيو،
    پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ، مُڙس ته ڪو منصور هُيو !
    وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت سان جي گُونج ڪئي،
    چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هُيو.
    ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڄ مُئي !،
    سِج ازل جي اک لڳو ٿي ، اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !.
    دريا دريا هُن جو مَن هو ، صـحرا صحرا نيڻ هُيا،
    پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ، وڃڻو هُن کي دُور هُيو.
    ڏينهن تَتي جو آيو آهين ، اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ،
    ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو