تُرڪي جي شهر ترابزون ۾ آئي مون کي مهينو کن ٿيو هو جو هڪ شام ليب ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪرِي گونيور چيو ته سڀاڻي منهنجو هڪ دوست ايندو ڊپارٽمينٽ آف فاريسٽ انڊسٽريز کان۔ کيس هن ليب ۾ ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي جنهن لاءِ تو وٽ موجود ڪجهه ڪيميڪلز گهُربل آهن۔ اهي ڏيندين؟ مون چيومانس ان ۾ پُڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي۔ اهي هونئن به اوهان جا ئي آهن۔ پر چوڻ لڳي فلحال اسان جي هوجا (سپروائزر) اهي توکي ڏِنا آهن سو تنهنجي ملڪيت ٿيا۔ پُڇڻ ضروري آهي۔ مون کيس اجازت ڏني۔ ٻي ڏينهن سندس اهو دوست اچي پهتو۔
ايندي ئي وڏا ڀاڪر پائي مليو ۽ قربائتا جملا (جيڪي هو انگريزي ۾ چئي سگهيو) چيائين۔ پهريان ته مون سمجهيو کيس ڪيميڪلز ڏيڻ واري ڳالهه گونيور متان ڪئي هُجي سو شڪريه طور اهو سڀ ڪندو هُجي۔ پر ڪُجهه دير ۾ خبر پئي ته هي همراهه سال کن ڪنهن ڪورس لاءِ آسٽريا (يورپ) ويو هو جتي کيس اسان جي مُلڪ جي ڪُجهه ماڻهن خوب ساٿ ڏِنو ۽ مدد ڪندا رهيا۔ هي انهي ڏينهن کان نه رڳو اسان جي مُلڪ پر مُلڪ جي ماڻهن جو به ديوانو آهي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ڏاڍي خوشي ٿيم ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهرين مُلڪن ۾ اسان جا ماڻهو اڪثر سُٺي پوک پوکيو اچن جيڪا پئي ڳائبي آهي۔
شام تائين انهي سان سُٺو تعارف ٿيو۔ سندس پورو نالو اونيور تولگا ڪان آهي۔ پر هتي اونيور ئي سڏينس ٿا۔ اباڻو شهر ”مرسِن“ اٿس جيڪو تُرڪي جي ڏاکڻي دنگ تي ميڊيٽيرين سمنڊ وٽ آهي۔ هي هتي اُترين دنگ تي پڙهي پيو۔ اهو انهي ڪري جو هتي تُرڪي ۾ سال ۾ هڪ دفعو سڄي مُلڪ جي گڏيل ٽيسٽ ٿيندي آهي۔ ۽ گڏيل ميرٽ لسٽ تحت داخلا ٿيندي آهي۔ انٽرميڊيئيٽ جي رزلٽ ۽ ٽيسٽ اسڪور جي بنياد تي پسند جي يونيورسٽي ملندي آهي۔ ايئن سڄي مُلڪ جا شاگرد سڄي مُلڪ ۾ ڦهلجيو وڃن۔
شام جو ٻُڌايو مانس ته منهنجي گهر ۾ لڳل ڊي ايس ايل نيٽ ۾ ڪو مسئلو آهي۔ چيائين هلي ڏسون ٿا۔ دراصل ايڏو وڏو مسئلو نه هو پر تُرڪ ٽيليڪام (جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ٽيلي ڪمونيڪيشن) جي ويب سائيٽ ٽرڪش ۾ هُجڻ ڪري سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو ايرر آهي۔ هي جڏهن پنهنجي ڪار ۾ مون کي منهنجي گهر کڻي هليو ته سمجهڻ لڳو اسان ٻئي (آئون ۽ منهنجو سؤٽ عبدالقيوم) هتي ڇڙا رهون ٿا۔ پر گهر پهچي خبر پيس ته آئون هتي فئملي سان آهيان۔ ڏاڍو خوش ٿيو۔ انهي مهل ئي نيٽ جو مسئلي جو حل ڪڍندي چوڻ لڳو منهنجي دعوت کائو۔ بس سڀاڻي ئي اچو منهنجي ماني کائڻ۔ مون تڪلف ۾ نه ڪئي۔ هي همراهه انهي مهل ئي ويو ۽ وڃي پنهنجي گهر واري کي وٺي آيو ته جيئن زائفن جي به ملاقات ٿئي ۽ منهنجي دعوت قبوليو۔ اها به خبر پئي ته هن ۽ سندس گهرواري صالحه جي شادي کي اڃان رڳو ٻه هفتا ٿيا آهن۔ مطلب ته هنن جي شادي اسان جي آئي کان به پوءِ ٿي آهي۔ صالحه هن جي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پي اڇ ڊي ڊاڪٽر آهي چيومانس اسان وٽ ته رواج آهي نئين شادي شادي جوڙي کي اسان دعوت کارائيندا آهيون۔ سو اسان جي ماني کائو۔ پر هو ڪو مڃي ڇا؟
اصل ۾ کيس گهڻي خوشي اها به هئي ته شادي کان پوءِ سندن نئين گهر جا پهريان مهمان ٻاهرين مُلڪ جا پيا ٿين، سي به انهي مُلڪ جا جنهن جو هي اڳي ئي عاشق لڳو پيو هو۔ بهرحال اسان هن جي دعوت قبولي ۽ ٻي ڏينهن شام جو اسان کي پاڻ وٺڻ آيو گهران۔ سندس گهر اسان کان ڪو ٻه ڪلوميٽر کن پري ٿيندو۔
هنن وٽ اهو رواج آهي ماني کان پهريان ڪو سُوپ (گهڻو ڪري دال جو) پيئندا آهن ۽ ڪجهه ڊبل روٽيون به کائين۔ مون ته انهي کي ايپيٽائزر پئي چيو پر چون ٿا نه اهو ناهي۔ بس اها هڪ هلڪي ڊش آهي۔ جنهن کان پوءِ اصل ڊش پيش ڪئي ويندي آهي۔ ماني صالحه پاڻ تيار ڪئي ۽ ٽيبل تي رکڻ سجائڻ جو ڪم به پاڻ ڪندي رهي۔ تُرڪ گهرن ۾ نوڪر رکڻ جو رجحان نه هجڻ برابر آهي۔ گهر جا سڀ ڪم پاڻ ڪن۔ زال مڙس نوڪري به ڪن ته گهر جا سڀ ڪم به ڪن۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ماني دوران فٽ بال مئچ ڏسندا رهياسين۔ هتي ڪرڪيٽ جو نالو نشان ئي ناهي۔ حيرت ٿا ڪن انهي راند تي جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڏينهن جا ڏينهن هلي۔ هي فٽ بال ڏسن ۽ جنوني شوقين آهن۔ انهي رات هتي جي لوڪل ٽيمن جي مئچ هئي۔ جنهن ۾ هڪ استنبول جي فينر باچي ۽ ٻي رِزي شهر جي ڪا ٽيم هئي۔ فينر باچي هاٽ فيوريٽ ٽيم اٿن ۽ انهي رات به انهي ئي کٽيو۔ ماني کائيندي سياسي صورتحال تي به ڪجهه بحث ٿيو۔ مون کي تُرڪي جي موجوده سياسي صورتحال بابت ڪا ايڏي ڄاڻ نه هئي۔ پر هُن کي اسان جي مُلڪ جي ڪافي ڄاڻ هئي۔ کيس لڳو ٿي ته مشرف کڻي ڊڪٽيٽر هو پر اوهان لاءِ جمهوريت کان بهتر هو۔ ۔ ۔ ۔ ۔مون پنهنجي ڪا راءِ نه ڏني پر اندازو ٿيم ته يا ته کيس آسٽريا جي ماڻهن مشرفي دؤر جي تصوير جو رڳو هڪ رُخ ڏيکاريو هُجي يا وري مشرف ڪمال اتا ترڪ جو فين هو ۽ انهي جا ديوانا۔ سو انهي ڪري به متان سٺو سمجهندا هجنس۔
صالحه (جيڪا اڃان نئين ڪنوار هئي) تنهن ماني کارائي ٿانؤ ٿپا ڪچن حوالي ڪيا ته ساڻس به گفتگو ٿي۔ جنهن پنهنجي تحقيق ۽ پي ايڇ ڊي بابت خيال ونڊيا۔ جيڪي ڪافي دلچس لڳا۔ ۽ موضوع جي طويل ٿيڻ باوجود لکڻ چاهيندس۔
صالحه، اونيور ۽ سؤٽ عبدالقيوم جنهن کيس چوڙين جو تحفو ڏِنو ۽ خوش ٿيو
صالحه جو تحقيقي ڪم
پاڻ وٽ ته ڪافي ماڻهو حيرت ڪندا آهن (جيئن منهنجو سچل ڳوٺائي يار غلام مرتضى وساڻ) ته پي ايڇ ڊي جا ڪهڙا عجيب ٽاپڪ آهي۔ ڪو ڪانڊيري تي پي ايڇ ڊي پيو ڪري ته ڪو منڇر جي ڪني پاڻي تي۔ اصل ۾ تحقيق لاءِ سبجيڪٽ جي چونڊ بظاهر ته صفا عام ۽ عجيب لڳندي آهي پر انهيءَ جي اصل اهميت اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو انهي جا نتيجا ڄاڻي سگهي۔
صالحه جو ٽاپڪ به ڪجهه ايئن ئي آهي۔ هو فاريسٽري (جنگلات) جو علم پڙهي آهي ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ سندس ڪم جو مرڪزي نقطو جنگلات مان وڍيل ڪاٺ جي مناسب ٽرانسپورٽيشن (چرپر ۽ پهچ) جا طريقا ڳولڻ آهي،
جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ وقت ۽ پئسا لڳن ۽ ڪاٺ کي نقصان به نه ٿئي۔ ترڪي ۾ نه گئس آهي نه پئٽرول۔ هنن وٽ ڪمائي جي ڪٍجهه محدود ذريعن مان هڪ وڏو ذريعو سندن ڪاٺ جي ٺهيل شين (گهريلو توڙي ٻيون) جي ايڪسپورٽ آهي۔ ترڪي جي اترين پٽي تي لکين ميلن ۾ پکڙيل (مُلڪ جو 25 فيصد زميني حصو) جابلو جنگلات ۾ اڻ ڳڻيو ڪاٺ جو ذريع بڻجندڙ وڻ آهن جن جي ڪٽائي ٿيندي رهي ٿي۔ پر جبلن ۾ وڍيل وڻ ۽ انهن جي وڏن رستن تي رسائي هڪ وڏو چئلينج آهي۔ عام طرح اهو ڪم جانورن کان ورتو ويندو هو يا انهن ننڍين مشينن سان گهلي مٿي آندو ويندو هو جِن جو اتي پهچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ممڪن هو۔ انهي ڪم کي Ground Based Skidding چئبو آهي. پر انهيءَ سان ڪاٺ جي خراب ٿيڻ ڪري ڪو متبادل طريقو گهربل هو.
پهريان هن پنهنجي استاد سان گڏجي هڪ ماڊل تيار ڪيو۔ جيڪو ڪو طبعي ماڊل نه هو پر پيپر بيسڊ ٽيبل هئي جنهن ۾ هنن ڪاٺ جو وزن ۽ ٿولهه جو مشاهدو ڪيو۔ هزارين ٿُڙن کي چانجيو ويو. جيڪي Ground Based Skidding ذريعي رستي تي پهچايو ويو هو. انهن جي وزن ۽ ٿولهه کي گهلڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته وڏو فرق نظر آيو. خاص ڪري اهو ڪاٺ جنهن جا ڇوڏا به اهميت وارا آهن کي نقصان رسڻ هڪ وڏو مسئلو هو. ڪاٺ جي گهلجڻ جا ڀڄي پوڻ ڪري به انهيءَ جي استعمال ۾ اهو مزو نه نه ٿي رهيو جيڪو سڄي ڪاٺ جو هو.
صالحه ۽ هن جي سپروائيزر گڏجي هڪ پلان ٺاهيو. ۽ اڌ وڍيل ٽائر جهڙي هڪ ڊگهي پٽي تشڪيل ڪئي. جيڪا سوين ميٽرهيٺ تائين وڇائي انهي تي ڪاٺ رکي مٿي موجود مشين ذريعي ڇڪيو ويو ته ڪاٺ بنا نقصان رسڻ جي مٿي پهتو.
توڙي جو هنن اهو ڪم ٿوري پئماني تي ڪيو پر جڏهن هنن اهي نتيجا بين الاقوامي جرنلز ۾ موڪليا ته وڏي مڃتا ملي. هنن جو اهو ڪم جيڪڏهن وڏي پئماني تي ڪجي ۽ جبل جي چوٽين تي ٺهيل وڏين هيوي لوڊ گاڏين جي رستي تان اهي پٽيون هيٺ لاهجن ۽ جتي وڻ وڍيا وڃن ٿا اُتي رڳو انهيءَ پٽي تي پهچايا وڃن ته ڪاٺ جي نقصان سميت وقت ۽ پئسي جي وڏي بچت ٿي پئي. بظاهر اهو ڪم هڪ عام ڪم لڳي ٿو پر انهيءَ جي وڏي اهميت آهي.
پاڻ وٽ اڪثر ٽي وي تي اهڙا متبادل طريقا (مختلف اڙانگي ڪمن کي سهنجي ڪرڻ جا) ڏيکاريا ويندا آهن ته گورن (پوءِ ڀلي اهي ڪٿي جا به هُجن) کي ڏسي چوندا آهيون ”واهه انگريز تنهنجو دماغ“. پر اهو گورو رڳو مزدور هوندو آهي. انهيءَ پـٺيان صالحه جهڙين محتني رسچررز جي وڏي تحقيق هوندي آهي ته ڪمن کي سهنجو ڪيئن ڪجي.
پر اصل ڳالهه آهي پئسي جو صحيح استعمال ۽ مناسب ڄڳهه تي لڳڻ. افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پاڻ وٽ ِڪٿان مليل پروجيڪٽ جي پئسي کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهيو وڃي ٿو. پئسي اچڻ کي پنهنجي انهيءَ ڪاريگري جو ثمر سمجهيو وڃي ٿو جنهن سان اهو پرويجڪٽ ملي ٿو. اها ڪڏهن لکت سٺي هجڻ ڪڏهن تعلقات ۽ ڏيتي ليتي جي بنياد تي هوندي آهي ۽ پوءِ اهو ثمر سڄو حرام ڪري ڳڙڪايو ٿو وڃي ۽ پروجيڪٽ جا نتيجا رڳو پنن تائين محدود ٿيو وڃن جِن کي پاس ڪرڻ لاءِ به پرجيڪٽ جي پئسن مان ئي ”مٿين“ جا کيسا گرم ڪيا وڃن ٿا. ڀلي کڻي اهو مجموعي طرح نه هجي پر عمومي طرح ضرور آهي ۽ ٿورو گهڻو ته تقريبن سڀني ۾ آهي.
صالحه مليل پرويجڪٽ جي پئسي جو صحيح استعمال ڪيو. عملي ڪم جي ڪري هڪ نتيجه خيز ڪم ٿيو. ۽ کيس پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي. جنگلات جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ هتي هي واحد ڇوڪري آهي.
صالحه فيلڊ ۾ ڪم ڪندي
ڪاٺ ڇڪڻ جو متبادل طريقو
کاٻي کان صالحه جي هڪ اسٽوڊنٽ، صالحه، اونوير، عبدالحفيظ لغاري ۽ عبدالقيوم۔ فاريسٽري ڪئنٽين ۾

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: