600 فٽ برف جي تهه هيٺان به آبي مخلوق۔۔۔!

'مختلف موضوع' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ تحقيق کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته انٽارڪٽيڪا کنڊ ۾ برف جي 600 فٽ جي تهه هيٺان به آبي مخلوق يعني مڇيون ۽ جهينگا وغيره موجود آهن، جڏهن ته پهرين ايترو هيٺ جتي سج جي روشنيءَ جو پهچڻ ناممڪن آهي، (جيڪا حياتي لاءَ ساهه وانگر ضروري آهي) جيوگهرڙي جي ملڻ جو به خيال مشڪل پئي لڳو۔ ان تحقيق ۾ تحقيقدانن هڪ 600 فٽ اونهو کونهن جيڏو سوراخ ڪري هڪ ويڊيو ڪيمرا کي ڪيبل ذريعي هيٺ موڪليو جنهن کان پوءِ انهيءَ ڪيمرا جي ذريعي هيٺ ڏسڻ سان اهي ڳالهيون سامهون آيون۔۔ ان حيرت ناڪ انڪشاف سان هاڻي اهو تاثر به وڌي ويو آهي ته ڪائنات جي نظام شمسي ۾ ٻين اهڙين جڳهن تي جتي برف وغيره جا تهه مليا آهن اتي زندگي موجود ٿي سگهي ٿي۔۔
    [​IMG]
    وڌيڪ ڄاڻ هن لنڪ تي آهي
    http://news.yahoo.com/s/ap/20100315/ap_on_sc/us_sci_antarctica_sea_life
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 600 فٽ برف جي تهه هيٺان به آبي مخلوق۔۔۔!

    جي ادا مست، رب العالمين جي قدرت جا رنگ هزار، انسان اڃان ڪائنات جي خلقيندڙ جي سگهه ۽ ڪائنات جي رازن کان ڪيترو واقف آهي ؟؟؟

    سائين محترم جي ايم سيد جي هنن لفظن مان ممڪن ڳالهه واضح ٿئي؛

    ڪنهن دوست سائينءَ کان سوال ڪيو ته الله ۽ ڪائنات تي ڪجهه ڳالهايو، ته پاڻ جواب ڏنو هيائون؛

    ”الله ۽ هن ڪائنات جي باري ۾ انسان جي حالت جو مثال ايئن آهي، جيئن منڊي ماڪوڙي، کوه جي تري ۾ ڪڇي ويٺي اڀُ ۽ ساڳي حالت منهنجي به آهي“

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو