ماهوار ادبي رسالي سوجهرو جو نومبر 2013 جو شمارو پيش آهي۔ ماهوار سوجهرو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو۔ ناليواري شاعر ۽ اديب تاج بلوچ جي رهنمائي ۾ ڇپجندڙ هن رسالي کي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ڪاپي فراهم ڪرڻ لاء اسان رسالي جي سب ايڊيٽر فهيم سولنگي صاحب جا ٿورائتا آهيون۔ تاج بلوچ صاحب جا به ٿورا جيڪو سوجهري کي انٽرنيٽ تي پيش ڪندي سرهائي محسوس ڪري ٿو۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪيو
خليل عارف سومرو صاحب لاڪجهه سٽون: ادب سائنس ۽ زندگي ٽئي اهڙيون شيون آهن، جن کي گڏ ڪري، اسين جديد زندگي جو تصور ڪنداسين ته زندگي اسانکي شعور جي سگهارن ٿنڀن تي بيٺل محسوس ٿيندي۔ دورِ حاضر جي جديد سنڌي شاعري ڦوٽهڙي، رُت ۾ مهڪندڙ، ميندي کيت جهڙا سدا ملوڪ ۽ من کي وڻندڙ محسوس ٿيندي۔
ادا وساڻ صاحب توهان جا لک لائق جون توهان سوجهرو کي سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري سنڌي دوستن تائين پهچايو ٿا، اميد الله ۾ ته اهيو رسالو سوجهرو انشاءالله ڪو سوجهرو ضرور ٻاريندو۔بقول اياز صاحب ۔ ته سنڌ اياز نه مرني آ، هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ۔