رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي. مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي. سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي. او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي. ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي شيخ اياز
رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي. مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي. سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي. او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي. ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي. اهيا هڪ حقيقت آهي ته اياز جهڙي شاعري سهڻي آهي اهڙو وري نثر سهڻو آهي۔ سندس شاعري ۾ هڪ عجيب نواڻ آهي، اياز جڏهن محبوب کي متاثر ٿئي ڪري شاعري ڪري ٿو ته ائين محسوس ٿو ٿئي ته اياز صاحب شاعري ڪندي ڪندي پاڻ به اڪيلائي ۾ جهوميا هوندا ڇو جو سندس شاعري جي بيان جو انداز اهڙو آهي، جو پڙهندڙ ته جهومي ٿو اٿي ڇا ته انداز آ۔ سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي. ۔۔سندس آتم ڪهاڻي جي مطالع مان اهيا چکي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز جو مطالعو تمام وڏو هو۔ جنهن جا عڪس سندس لکڻي مان ظاهر آهن، اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي لکندي سنڌ جي سورن جي ڳالهه به تمام سهڻي نموني ڪري ويو آهي۔۽ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جي. روين جي به تمام سهڻي نموني ڳالهه ڪري ويو آهي۔جيڪا ڳالهه سندس شاعري ۾ به نظر اچي ٿي۔شيخ صاحب وهي جو الفاظ جيڪو استعمال ڪيو آهي شايد سنڌي ٻولي جي تمام گهٽ شاعرن استعمال ڪيو آهي۔تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري، مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا. هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا، اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا. هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي، اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا. اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ، تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .