• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شعور : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
20atdly.jpg

نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪتاب شعور اوهان اڳيان پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔
هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي CPCS پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي۔
____

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪتاب” شعور“ جيڪو پڙهڻ سان شعور جون نيون راهون ڦٽن ٿيون.

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ،منهنجي مطالعي جي ڄمار ۾ مون اهڙا تمام گهٽ ڪتاب پڙهيا آهن .
تازو منهنجي نظرن مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جو اهڙي ئي قسم جو هڪ شاهڪار ڪتاب گذريو ، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن ڪتاب کي ”شعور“ جو نالو ڏنو آهي ، سچ ته اهو آهي ته سندس هن ڪتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ شعور جون نيون راهون ڦٽي پون ٿيون، هن ڪتاب ۾ تمام ڳوڙهن موضوعن تي سائنسي انداز ۾ جامع بحث ڪيو ويو آهي .
ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب ڪُل پنڌرهن بابن تي هيٺين ريت ترتيبوار لکيو ويو آهي.

1. سمجھ ڇا کي ٿو چئجي؟
2.ماڻهو راڄ ڪئين ٺهيو ۽ ان جي سمجھ ڪئين ٺهي؟
3. ڇا ٻولي کانسواءِ ڪا سوچ يا سمجھ ٿي سگهي ٿي؟
4.سمجھ وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟
5.سمجھ حقيقت ۾ آهي ڇا؟
6.حياتي ڇا آهي؟
7.احساس جون واٽون ڪهڙيون آهن؟
8.سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائين؟
9.غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟
10.ڀڳوان، ڌڻي ، ديو، ديوتا ڇا آهن؟
11.ماڻهو جا هٿ ٺهيا، بي ساھ عضوا
12.ماڻهو جو دماغ، ڳتيل ،منظم ، جيئرو مادو.
13.جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها ته ڇا سوچ ٺهي سگهي ها؟
14. روحاني خوشي ڇا آهي؟
15. سمجھ جو مادي تي اثر.

تمام اهم ۽ ڪارائتي سائنسي معلومات تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ جي هر پڙهيل لکيل نوجوان توِڙي هر عمر جي فرد کي هڪ ڀيرو ضرور پڙهڻ گهرجي.

_ وفا منور زئور



 
Back
Top