انسان جي فطرت آهي ته جت ان جو ڄم ٿيندو آهي، ان جڳهه کي ڪڏهن به ناهي وساري سگهندو۔۽ نبين کي به پنهنجو ڳوٺ پنهنجو شهر پيارو هوندو هو، جنهن جا ڪئين مثال موجود آهن، هجرت جي زماني ۾ سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفه صلي الله وسلم جن جڏهن پنهنجي شهر ڇڏي ڪري وڃن پيا ته شهر جي ٻاهران بيهي ڪري شهر کي مخاطب ٿئي فرمائو هو ته اي منهنجا شهر تون مون کي پيارو آهين مگر مان مجبور آهيان۔ شهر جي زندگي جو پنهنجو مزو آهي ، جنهن ۾ زندگي جون ڪافي صحولتون ميسر آهن بنسبت ڳوٺ جي، مگر پوء به پنهنجو ڳوٺ وسرڻ جو نه هوندو آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان هن ڀيري جڏهن دادو ويس ته دادو مان پيارو ڳوٺ، ڦلجي، مخدوم بلاول، پڻ ويس، ۽ اتي مون کي پنهنجائپ جو مزو ته آيو مگر مون اهيو به محسوس ڪيو ته اتي هڪٻئي ۾ ساڙ وڏو آهي، هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ ماڻهون ڪا ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏين۔ ۽ هر ڪو ان ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي ته مان فلاڻي کان اڳتي ڪيئن نڪران، پوء ڀلي مون کي ڇو نه ڪنهن جو حق کائڻو ڇو نه پوي، ڪنهن جو رت ڇو نه چوسڻو پوي۔ان جي نسبت هت (ڪراچي ۾) سڪون لڳو پيو آهي هر ڪو پنهنجي منهن سان آهي، ڪير ڪنهن کي ڪجهه چوڻ وارو ڪونهي۔ اسان جن ماڻهن ۾بي رويا ۽ اهيو ساڙ حسد، بي حسي ايتري ته ڪا نه هئي الائي ڇو هاڻ ائين ٿئي ويو آهي۔هڪ گهر ۾ عياشين جا انبار آهن ته ان جي ڀر واري گهر ۾ ڦاڪن واري صورت آهي، ۽ ڪير ان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونهي، باقي پنهنجا تعلقات ٺاهڻ جي چڪر ۾ وڏيون وڏيون خيراتون ڪيون ٿيون وڃن، ٻه ٻه ٽي ٽي حج ڪيا ٿا وڃن، هت ڪراچي ۾ توهان جنهن به پٺاڻ جي هوٽل تي ويندو ته توهان کي نظر ايندو ته ان هوٽل تي ڪيترن ئي غريبن کي ماني کارائي ويندي آهي، ۽ ڪئين اهڙا ماڻهون آهن جيڪي انهن هوٽل وارن کي في ماڻهون جي حساب سان پيئسا ڏئي ڪري هليا ٿا وڃن۔۽ پاڻ کي ظاهر به ڪو نه ٿا ڪن۔۽ ائين اسان جي ننڍن شهرن ۾ ڇو نه ٿو ٿئي۔ آخر ائيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ڇــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــو ؟
توهان سٺي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي شايد اسان وٽ ان سوچ جو فقدان آهي۔ اوهان جي اهڙين تحريرن سان ان سوچ طرف مائل ٿيڻ ممڪن آهي ليڪن اڪثر سرندي وارا هنن علمي نيٽ ورڪن کان به پاسيرا آهن اهڙا پروگرام ڪڏهن ڪڏهن ٽي ويء تي به هلڻ گهرجن۔ جن سان ممڪن آهي ته ڪا معاشري ۾ سجاڳي پيدا ٿئي۔
ادا سچ ٿا چئو توهان جي ڳاله درست آهي ته انسان پنهنجي ڄمڻ واري جڳهه کي وساري نه سگهندو آهي ڀلي هو ان کان ڪيترو به پري هليو ڇو نه وڃي ، ماڻهن جي اندر جي نفسانفسي دنيا داري ان کي دين کان پري ڪري ڇڏيو آهي، هو صرف ۽ صرف پنهنجي لاءِ سوچي ٿو پاڙيسرين ۽ رشتيدارن جي حقن جي حقيقي ڄاڻ نه هجڻ ڪري هو اهڙن ڪمن کان دور ٿيندو وڃي ٿو۔ شهرن جي زندگي ايتري تيز سان ڊوڙي ٿي جو ٻئي جي باري ۾ سوچڻ جو ئي ٽائيم ڪونه آهي
ڪڏهن ڪڏهن لکڻ تي دل چاهيندي آهي پر لفظ ئي ناهن ملي سگهندا ۽ جملا ته ڄڻ ٺهندا ئي ناهن۔ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي معاشري ۽ انرڪين تي لکندي به منهنجو قلم رڪجي ويندو آهي، ڪنهن تي لکجي، ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي۔۔۔۔
ادا آهي ته وڏو ۽ وسيع موضوع پر ٿوري ۾ ڳالهه کُٽائيندي چئبو ته شهر جي زندگي ڳوٺاڻي زندگيءَ کان نسبتن آسان آهي۔ اوهان شحر ۾ ڪنهن وٽ وڃو ٿا ته پهريان کائنس پُڇو ٿا ته هو ان وقت اُتي هوندو به يا نه؟ زندگيءِ جي گاڏي جي گهل گهلان ۽ ويلهي کي ٺيلهي ڏيڻ جي چڪر ۾ بُکئي پيٽ جو هي وجود شهر ۾ گهڻو ڪم ڪري ٻه پئسا ٺاهي ٿو۔ جڏهن ته ڳوٺن ۾ وقت ئي وقت آهي، واندڪائي جام آهي۔ واندي سان ويهڪ شيطان جي۔ اجايا سجايا خيال پيا ايندا۔ شهر ۾ رڳو پنهنجا ئي معاملا سُلجهي پون ته کوڙ۔ ٻي سان ڇا ٿو وهي واپري اهو حسد ۾ ته ٺهيو پر همدردي ۾ به ڏسڻ جو وقت ڪڍڻ مُشڪل۔ آئون سمجهان ٿو اهو ئي سبب آهي جو پراوا محل ڏسي پنهنجا جهوپڙا ڊهڻ کان پوءِ ٿيندڙ صورتِحال کان فراريت طور اهي ڏنگا ڏنگايون ڪن ٿا۔
سائين اوھان جنھن ڳالھ جي نشاندھي ڪئي آھي اُھا ڳالھ بلڪل درست آھي، اسان جي ڳوٺن ۾ اھو ماحول عام جام آھي، ان جو وڏو سبب ته ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ ئي قبيلي جا ماڻھون ٿا رھن ھڪ ئي خاندان جا ماڻھون ٿا رھن تڏھن اھو سڀ ڪجھ ٿئي ٿو، ڪراچي ۾ گھڻي قدر ٻيا قبيلا ٻيون قومون ٿيون رھن ان ڪري ھر ڪو پاڻ ڄاڻي، ڪراچي ۾ ته اھا صورت حال آھي ته ڏينھن ڏٺي جو ڪو جيڪڏھن روڊ تي تڙپندو ته ماڻھون ويجھو ئي ڪون ويندس، اھڙي نموني ڳوٺ ۽ ڪراچي ۾ ٿورڙو ئي فرق آھي باقي ڳالھ ساڳئي آھي، ڪراچي وڏو شھر ھئڻ جي ڪري ھتي ماڻھون واپاري ۽ پيسي وارا آھن جيڪي الله جي نالي تي خيراتون ۽ فري مانين جو بندوبست ڪن ٿا۔