ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

اسلامي تاريخ جي نالي واري عالم، ۽ سياسي رهبر محترم علامه مولانه ابو الڪلام آزاد رح جن جو قول آهي ته ۔زندگي نه ڀرڪو کائڻ جو نالو آهي نه وسائجي وڃڻ جو، زندگي نالو آهي دُکيل رهڻ جو۔
وري نوڪري ته نوڪري آ، مگر نوڪرين ۾ به وري فرق آ۔هڪ سرڪاري، ته ٻئي خانگي ( پرائيويٽ ) ۔ نوڪري ڪرڻ لاء ته ٻنهيء نوڪرن ۾ مشڪلات آهن، مگر انهيء ۾ به وري خانگي (پرائيويٽ ) نوڪري ڪرڻ ڏکي آهي، سرڪاري نوڪري لاء ته مان اهيو چوڻ لاء مجبور ٿئي ويو آهيان ته اها هڪ قسم جي عياشي آهي ( ڪجهه نوڪرين لاء اهيو چوڻو ٿو پوي، سڀ لاء ته منهنجي ساڳي راء ناهي )۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي رهي خانگي نوڪري سو ان لاء عرض ته اها نه رڳو محنت ٿي ڪرائي مگر مان ته اهيو چوندس ته اها رت پيئندي آهي، اهو تجربو وري اهي ئي شخص ڪري سگهي ٿو جيڪو خانگي نوڪري ڪري رهيو آهي، يا جنهن خانگي نوڪري ڪرڻ جو تجربو ڪيو آهي۔ مان اهيا ڳالهه ان ڪري ڪري رهيو آهيان جو مان خود هڪ پرائيويٽ نوڪري ڪري رهيو آهيان ۽ ان نوڪري ۾ ايترو ته ڪم ۽ ٽائيم ورتو ويندو آهي، جنهن جو ڪو به حساب ڪونهي، سرڪاري نوڪري لاء ته اهيو خيال هوندو آهي ته ڊيوٽي جو ٽائيم پورو ڪيو پوء ڪم پورو ٿئي يا نه ٿي، ( جيئن اسان جي ملڪ ۾ ٿئي ٿو ) مگر پرائيويٽ لاء وري اهيو هوندو آهي ته ٽائيم ڀلي ڪيترو به ٿئي وڃي مگر ڪم پورو ڪرڻو آهي۔چاهي رات جا 12:00 وڄي وڃن۔
۽ جڏهن اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪرڻو پوي ٿو ته انسان ٿڪجي به پوي ٿو، جيڪا انسان جي هڪ ڪمزوري آهي،جڏهن ته ڪاميابي جو راز اهيو آهي ته ٿڪاوٽ جي به پيواهه نه ڪجي ۽ ڪم سان جوٽيو رهي، مگر انسان ته انسان آهي، ۽ ان ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاء وري ڪجهه آرام جي ضرورت هوندي آهي جنهن لاء ڪنهن فارسي شاعر جي شعر آهي ته ڀلي سال جي ٻارنهن مهينن مان نو 9 مهينا ڪم ڪريو پر سال جا ٽي مهينا عشق به ڪيو۔۽ ان آرام لاء مون هڪ سال کانپوء 22 ڏينهن موڪل ڪئي، ۽ ڪجهه آرام ڪيو، ڪجهه سير و تفريح ۾ گذاريو، ۽ ڪراچي کان ٻاهر جو رخ ڪيم، ۽ ڪجهه وري پنهنجي مرضي مطابق ڪجهه ڪتابن جو مطالعو ڪم، ۽ ڪجهه وري پسند جون موويز ڏٺم، ۽ ان سان گڏ پنهنجي پسند جي فورم سنڌ سلامت کي به وقت ڏنم، ۽ سنڌ سلامت جي ڪافي پراڻن عنوانن تي به نظر وڌم، ۽ انهن کي پڙهيم، ۽ ڪجهه تحرير جي صورت ۾ پنهنجي اندر جون ڳالهيون پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيم،مطلب ته هنن موڪل جي22 ڏينهن ۾ مان ريفريش ٿئي، ويس، جئين هڪ ڪمپيوٽر هينگ ٿيڻ کان پوء ري اسٽارٽ ڪرڻ تي ريفريش ٿئي ويندو آهي۔
۽ سڀاڻي کانپوء منهنجي موڪل پوري ٿيڻ واري آهي ۽ وري ساڳي راند سوٽي جي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ساڳي راند سوٽي واري ڪنڊيشن ۾ هاڻ شايد هن پنهنجي پسند جي فورم سنڌ سلامت ۾ ايترو ٽائيم ڏئي نه سگهان۔ جيڪو هڪ وڏو ارمان رهندو
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: