سڄي ملڪ ۾ سخت سرديء جي لهر، 30 سالا رڪارڊ ٽٽي پيا.

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1521314_10202587013654769_583870394_n.jpg


سڄي ملڪ ۾ سخت سرديء جي لهر، 30 سالا رڪارڊ ٽٽي پيا.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيء جي سخت لهر هلي رهي آهي جيڪا هڪ هفتي تائين لڳاتار جاري رهندي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اتر جي تيز ۽ سرد هوائن سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. هوڏانهن بلوچستان ۽ گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پڻ سيء جو 30 ساله رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. اسلام آباد ۾ درجه حرارت ڪاٽو 3 ڊگري آهي. هوڏانهن قلات ۾ ڪاٽو 15، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 12 ڊگري سينٽريڊ سبب ڍنڍون ۽ ڍورا به برف ۾ بدلجي ويا آهن.
 
مورو ۾ سخت سردي آهي باقي ڪاٽو آهي يا واڌو ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي۔ باقي بسترا به پاڻي هاريل محسوس ٿين ٿا۔
 
Back
Top