
سڄي ملڪ ۾ سخت سرديء جي لهر، 30 سالا رڪارڊ ٽٽي پيا.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيء جي سخت لهر هلي رهي آهي جيڪا هڪ هفتي تائين لڳاتار جاري رهندي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اتر جي تيز ۽ سرد هوائن سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. هوڏانهن بلوچستان ۽ گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پڻ سيء جو 30 ساله رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. اسلام آباد ۾ درجه حرارت ڪاٽو 3 ڊگري آهي. هوڏانهن قلات ۾ ڪاٽو 15، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 12 ڊگري سينٽريڊ سبب ڍنڍون ۽ ڍورا به برف ۾ بدلجي ويا آهن.