• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪرو سافٽ آفيس گهرجي

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو مونکي فوري طور مائڪرو سافٽ آفيس گهرجي ٿي ، هن فورم تي ڪافي ڳولهيم ، ڪي ٽورينٽ ذريعي ته وري ڪي مختلف رجٽريشن ذريعي ، پاڻ کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ نه هئڻ برابر انڪري ڪافي ڪوشش باوجود به ناڪام ٿيس ، ڪا سڌي سنئين ترڪيب ٻڌائي مدد ڪندا ، الله نگهبان
 
سائين دادو ۾ هجو ها ته توهان سامهون اصل مائيڪرو سافٽ آفيس جي ڪاپي آڻي رکجي ها۔۔۔ پر انٽرنيٽ تي اهو ممڪن ڪونهي۔ مَعذرت ساڻ !!!
 
سائين دادو ۾ هجو ها ته توهان سامهون اصل مائيڪرو سافٽ آفيس جي ڪاپي آڻي رکجي ها۔۔۔ پر انٽرنيٽ تي اهو ممڪن ڪونهي۔ مَعذرت ساڻ !!!
ادا محترم ڊاڪٽر آصف جمال اوهان ته صفا نا اميدي وارو جواب ڏئي ڇڏيو ، انٽرنيٽ تي اهو ممڪن ئي ڪونهي ، مگر آئون وري به مايوس ناهيان اميد ته ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو ، باقي يار دادو تائين اچڻ لا ته مونکي ايمرجنسي موڪل کان علاوه پنجاھ سٺ هزار روپيه خرچ به ڪرڻا پوندا !
 
ٽورنٽ ئي سڀ کان آسان حل آهي۔ سڌو سئون ايڏا وڏا فائيل ڊائونلوڊ ٿيڻ ڏکيو آهي۔

تنهنڪري اوهان کي گهرجي ته ٽورنٽ وارو طريقو استعمال ڪيو۔
 
سائين توهان کي مايوس ڪونه پيو ڪيان پر حقيقت پي ڏسي پر خير توهانجي برقي ٽپال Email ڇا آهي ؟؟؟ موڪليو ته ڪو طريقي اختيار ڪيون۔
 
مون توهان ڏانهن ميل ذريعي هڪ ننڍي آفيس موڪلي آهي توهان کي ملي يا نه ، اگر نه ملي آهي ته وري موڪليان۔
 
Back
Top