طالبان سان ڳالهين جو ٽاسڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    وزيراعظم نواز شريف جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق کي طالبان سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته طالبان کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، مولانا سميع الحق جو چوڻ آهي ته طالبان سان ڳالهين لاءِ وزيرستان ۾ ڪارروائي روڪڻي پوندي. جي يو آءِ س جي سربراهه مولانا سميع الحق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ طالبان سان ڳالهين سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ۾ طالبان سان ڳالهين جي طريقه ڪار بابت غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف مولانا سميع الحق کي طالبان سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏيندي چيو آهي ته طالبان سان ڳالهيون شروع ڪيون وڃن ان لاءِ حڪومت مڪمل طور تي سنجيده آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته طالبان کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻي ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي. هوڏانهن ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا سميع الحق چيو آهي ته هن ملاقات وزيراعظم جي درخواست تي ڪئي، جيترو ٿي سگهيو هو مسئلو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو امن امان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان کي پرائي جنگ ۾ نه پوڻ گهرجي، طالبان سان ڳالهين لاءِ حڪومت کي وزيرستان ۾ ڪارروائي روڪڻي پوندي، حڪومت سنجيده آهي ته ڳالهين لاءِ هو اثر رسوخ استعمال ڪندو. هن چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته طالبان سان ڳالهيون سٺو عمل آهي، پاليسيون تبديل ٿينديون ته طالبان جو اعتماد وڌندو، طالبان حڪومت طرفان اڳڀرائي جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مشرف ملڪ کي آمريڪا جي جنگ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، هن وزيراعظم کي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني جي درخواست پڻ ڪئي آهي....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو